ماھوار امرتا ڪارنر

ماھوار ”امرتا“ ميگزين شمارو نمبر 135 ڊسمبر 2023

ھن شماري جي ڪلاسيڪل ڪارنر ۾ مولوي حاجي احمد ملاح، بلقيس ڀُٽو جو تحقيقي مضمون ”شاھہ لطيف جي شاعريءَ جو ساختياتي جائزو“، حيات علي شاھہ بخاريءَ جي سارَ- جبران زيب، الطاف شيخ، صلاح الدين پنھور، پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي، عنايت نھڙيوجا ليک، ڦلواڙي ۾ رابندر ناٿ ٽئگور، رجب ٻُگهيو، مٺل جسڪاڻي، احساس ميرل، نصير سومرو، ليلا رام، وفا جانوري، حُميرہ نُور، بختاور منصور، خالد چانڊيو، عبدالله آس هنڱورجو، آزاد خاصخيلي، وحيد علي ناهيون، فقير مسڪين وگهيو، وسيم حيدر کوسو، فراخ جانوري.جي شاعري شامل ڪيل آھي. ان کانسواءِ ڪھاڻيون، فيچر، اڪبر سومري جي ناول جو باب، ڪتابن تي تبصرا ۽ ٻيو مواد شامل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 52
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امرتا سٿ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ماھوار ”امرتا“ ميگزين شمارو نمبر 135 ڊسمبر 2023

(هينئڙو ڦارُون ڦارُون ) ننڍي کنڊ جو ورهاڱو: پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي

ننڍي کنڊ جو ورهاڱو، جنھن ۾ لکين ماڻھن پنھنجا گهر گهاٽ مال ملڪيتون ٻني ٻارو دڪان ڪاروبار باغ باغيچا پنھنجو الھہ تلھہ ڇڏي، هڪ نئين ملڪ ڏي روانا ٿيا، جتي سندن ڪير بہ پنھنجو ڪونہ هو. سڀ ڪجهہ پنھنجي گهرن ۾ پويان ڇڏي يا ٿورن ماڻھن هلڪو سامان پاڻ سان گڏ کنيو ۽ روئندي سڏڪا ڀريندي اڻڄاتل ڌارين جي ديس ڏانھن روانو ٿي ويا. ڪيترن سنڌي هندن پنھنجي گهرن جون ڪُنجيون پاڙيسري مسلمانن جي هٿن ۾ ڏنيون تہ اسان موٽي اينداسين، اسان جي گهرن جي سار سنڀار ڪجو.
هن ورهاڱي جي ڏکن ۽ ڏولاون جي هڪ اڻکٽ سلسلي جا هزارين داستان قصا ۽ ڪھاڻيون لکيون ويون، جنھن کي دردن ڀريو ورهاڱي جو ادب يعني Literature on Partition يا Tragedy of the Partition چيو وڃي ٿو.
پنجاب ۽ بنگال مان وڏي انگ ۾ ماڻھن جي ٻنھي پاسن کان لڏپلاڻ ٿي. رڳو سنڌ مان پنجويھہ لک سنڌي هندو پنھنجن اباڻن گهرن کي ڇڏي، پنھنجي سنڌ وطن مان هندستان هليا ويا. انھن جي جاءِ تي هندستاني مھاجر اچي سنڌ ۾ پھتا، جيڪي اسي نوي واري ڏهاڪي تائين سنڌ ۾ ايندا رهيا. پنجويھہ لک سنڌين پنھنجا گهر گهاٽ، محل ماڙيون، مال ملڪيتون، ڪارخانا ڇڏي، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ، واهڻ وسندين، ڳوٺن شھرن مان راتو رات خالي ڪري پنھنجو وطن ڇڏي، ڪراچي منھوڙي وٽان پاڻيءَ جي جھاز ۾ چڙهي بمبئي هليا ويا، جتي ’ڪلياڻ ڪيمپ‘ جي ڦٽل گهرن ۾ کين رهائش ڏني وئي، جيڪي ٻي مھاڀاري لڙائيءَ ۾ انگريز فوجين جون ڇڏيل خالي Haunted ڪيمپ هيون.
دنيا جا هي مڃيل وڻج واپار جا ماهر، سنڌ ورڪيز، جن لاءِ مھاتما گانڌي چيو، ”سنڌ جا جڳ مشھور واپاري هندستان اچي اسان جي واپار کي طاقتور ۽ ڪامياب ڪندا.“ ڀٽائي انھن وڻجارن کي ڏياريءَ جي شڀ ڏڻ تي هيئن ياد ڪري ٿو، جيڪي وطن کان ٻاهر پرڏيھہ ۾ ڪاروبار ڪن ٿا:
ڏٺي ڏياري، سامونڊين، سڙه ٿي سنباهيا،
وجهيو ور ونجهہ کي، روئي وڻجاري،
ماريندءِ ماري! پره سُور پرين جا.
هن ڏک ڀرئي داستان يا ورهاڱي جي وڍ (Injuries) تي ’ڊاڪٽر ساز اگروال‘، جنھن جا والدين ڪراچي ڇڏي بمبئي ڪلياڻ ڪيمپ پھتا هئا، جيڪي اصل حيدرآباد سنڌ جا رهاڪو هئا. هُن سندن درد ۽ پيڙا کي محسوس ڪيو. ڊاڪٽر اگروال وڏي اسڪالر تاريخدان ۽ دانشور خاتون آرٽسٽ آهي، جيڪا هن وقت Twin Cities پوني ۾ رهي ٿي.
ننڍي کنڊ جي ورهاڱي تي تمام گهڻو ادبي ڪم ٿيو آهي، جيڪو اردو انگريزي ۽ هنديءَ ۾ لکيل آهي ۽ ان ۾ سنڌي هندن جي سنڌ کان لڏپلاڻ بابت ڪوبہ احوال يا مواد موجود ناهي. ڊاڪٽر ساز اگروال، ان ڳالھ کي سمجهي ان خال جي پورائي لاءِ پنھنجي والدين جا ڏک سُور، گهر ۾ والدين مِٽن مائٽن کان تفصيل ورتائين. سنڌي هندو جيڪي بنيادي طور واپاري آهن سنڌ ورڪيز (Sindhworkis) جي نالي سان ڏيھان ڏيھ ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا، هندستان جھڙي وڏي ملڪ جي مختلف رياستن ۾ ٽڙي پکڙي واپار سانگي گهڻن شھرن ۾ آباد ٿي ويا. اهي Sindhworkis دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سترهين ارڙهين صديءَ کان واپار ڪن ٿا، پر ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۽ حيدرآباد ۽ مٽن مائٽن خاندان وارن سان سندن تمام ويجهو ڳانڍاپو جُڙيل رهيو. ڊاڪٽر اگروال سنڌ ڇڏي ويندڙ پھرئين نسل جي چونڊ ڪري انھن ماڻھن جا انٽرويو ڪري مواد سھيڙي ٻہ شاندار ڪتاب (2012)Sindh Stories from Vanished Homeland ۽Sindhi Tapestries (2021) ٻئي ڪتاب سنڌي هندن جي لڏپلاڻ ۽ سنڌي سڃاڻپ Sindhi) Diaspora and Sindhi identity) کي مصنف پنھنجو موضوع بڻايو ۽ شاندار نموني فوڪس ڪيو آهي، جيڪو مصنف جي اعليٰ قابليت پنھنجي وڃايل وطن سنڌ سان محبتن جو ڪارنامو آهي. هن کان وڌيڪ ٻيو ڪتاب Losing Home Finding Home هڪ فڪر انگيز ڪتاب آهي، جنھن ۾ 1947ع جي ورهاڱي جون دکدائڪ پيڙائن جو هُوبھو تاريخي بيانيو پڙهندڙ جي دل ۽ دماغ کي يقينن ڇُھي ٿو. هن ڪتاب ۾ انھن واقعن ۽ لقائن جو داستان ڏنو ويو آهي، جن ۾ سنڌي هندن جي سنڌ مان لڏپلاڻ ۽ نئين وطن هندستان ۾ آباد ٿي رهڻ جي مسئلن، تڪليفن ۽ ڏکن جو تفصيلي احوال ملي ٿو ۽ اڻکٽ تڪليفن جا دردناڪ داستان پڙهڻ لاءِ ملن ٿا.
سنڌي هندن جي هڪ طرفي لڏپلاڻ بنگال ۽ پنجاب جي ڀيٽ ۾ ٿوري ھئي، تنھن ڳالھ کي محسوس ڪندي مصنف ورهاڱي جي ادب ۾ سنڌ جي لڏپلاڻ کي شامل ڪري کوٽ جو پورائو ڪيو ۽ ورهاڱي جي تاريخ کي مڪمل ڪري ورتو. ڪتاب 112 صفحن تي، بليڪ ائنڊ وائيٽ تصويرون آرٽسٽ صبح ديپ جي ڪاوشن سان خوبصورت سجايل آهي. ڪتاب نئين وطن جي تلاش ۽ وري اصلي وطن جون Roots جي ڳولا، ويڳاڻپ ۽ Nostalgia، جيڪي سچ پچ پڙهندڙن جي دلين کي ڇڪي موهيندڙ Spellbinding ڪيو ڇڏين. ڪتاب ۾ وطن جي وڇوڙي ۽ هڪ نئين ملڪ ۾ پھچي، ان کي پنھنجو وطن سمجهي اَجهو (Shelter) ٺاهي اڳتي هلي بي مثال ڪاميابيون حاصل ڪرڻ جو ڪمال، سنڌ جي سنڌ ورڪيز ڪري ڏيکاريو ۽ هندستان جي گهڻ قومي وڏي ملڪ ۾ اهم جاءِ والاري ’سنڌيت‘ جو نالو روشن ڪيو.
ڪتاب جي شروعات ۾ سنڌ جي مختصر تاريخ تہ هت سڀني مذهبن جا ماڻھو مذهبي متڀيد کان مٿاهون، امن، سلامتي ۽ ايڪتا جو مثالي سنڌي سماج هو. جڏهن تہ مذهبي نفرت ۽ تشدد سموري ملڪ ۾ عام هو. ٻئي پاسي سنڌ ۾ تمام ٿورڙا واقعا ٿيا. هڪ ٻہ ڪراچيءَ ۾ ٿيا هئا، جن ۾ نوَن آيل مھاجرن گهرن تي قبضي ڪرڻ لاءِ جهيڙو ڪيو ۽ ڊيڄاري ڇڏيو. باقي سموري سنڌ ۾ ڪابہ اهڙي ڳالھہ ڪونہ ٿي. سنڌي مسلمان، هندن جي ملڪ ڇڏڻ جي افسوس ۽ صدمي ۾ ڏکارا هيا. سنڌ تہ صوفين ۽ درويشن جي ڌرتي، امن ۽ ايڪتا جو مرڪز رهي آهي، سو ان ڪري باقي ننڍا وڏا ڳوٺ، شھر، چوڌاري سک ۽ سلامتي ھئي.
ڊاڪٽر اگروال جي اپٽار ۾، ورهاڱي وقت هتي ڪوبہ جهيڙو جهٽو بدامني ڊپ ڊاءُ بلڪل ڪونہ هو. لکي ٿي تہ ڪراچيءَ ۾ هڪ هندو فيمليءَ کي مسلمان فيمليءَ پناھہ ڏئي مثال قائم ڪيو. جڏهن تہ پاڻ پنھنجي اگروال فيمليءَ لاءِ لکي ٿي تہ سندن فيمليءَ کي هڪ ويجهي دوست ڪياماڙيءَ ۾ پاڻي واري جھاز تائين کين حفاظت سان سامان سميت پھچايو ۽ خداحافظ چيو.
ڪتاب جي پينٽنگز ۾ مثال طور هڪ مسلمان کي هندن جي خاندان کي جھاز تي چڙهڻ ۾ سامان کڻي مدد ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. اها ڳالھ وڌيڪ دلچسپ آھي تہ سنڌ ڇڏي ويندڙ پاڻيءَ واري جھاز توڙي راجستان کان ويندڙ ڪيترن پنھنجو ٿورو گهڻو گهربل گهريلو سامان، ڪتاب ۽ فرنيچر بہ کڻي روانو ٿيا تہ هُو نئين ملڪ ۾ تعليمي ادارا کولي سگهن ۽ گهريلو ٿانوَ بہ بنيادي ضرورت هئي. اهڙو مثال پنجاب، بنگال، سرحد ۽ بلوچستان جي صوبن ۾ نٿو ملي. سنڌ ۾ ملي ٿو جيڪي امن ۽ سلامتيءَ جو وڏو مثال آهي.
’Losing Home Finding Home‘ ورهاڱي تي ڪو وڏو ۽ ضخيم ڪم ڪونھي، هن ڪتاب ۾ لڏپلاڻ ڪندڙ فردن جون اصلوڪيون ۽ سچيون ڪھاڻيون، رپورٽون ۽ انٽرويوز بيان ڪيل آهن، جيڪي پڙهندڙن جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺن ٿيون. ڪتاب ۾ صبح ديپ مڪرجي ۽ ڊاڪٽر اگروال جون شاندار دل کي ڇھندڙ اسڪيچ پينٽنگز آهن، جيڪي اصلوڪن ماڻھن جي دل ڏاريندڙ تجربن جي بنياد تي اگروال جون مختصر تحريرون (Notes) يقينن دکدائڪ ۽ ڏکارو ڪريو ڇڏين.
اگروال ورهاڱي جوهڪ واقعو ٻڌايو تہ ’مولو‘ هڪ هندو ۽ ’علي گوهر ملڪاڻي‘ مسلمان ٻئي پاڻ ۾ ويجها دوست هيا. 1947ع ۾ هڪ ٻئي کان موڪلائڻ وقت مولو، پنھنجي دوست علي گوهر ملڪاڻيءَ کي چيو، ”آئون سڀ سامان ڇڏيو پيو وڃان، توهان ڀلي سڀ کڻي استعمال ڪيو.“ هنن احتياط سان ڪجهہ سامان ڪتب آندو. محبتن ۽ عزت سان گهر سنڀالي رکيو، ڇا تہ هندو مسلمانن جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو، ايڪتا ۽ مثالي ڀائيچارو هو. اڄ تائين علي گوهر جي پوٽي وٽ دوست مولوءَ جي نشاني آڏاڻي تي اڻيل ڪارپيٽ خانداني سوکڙيءَ طور موجود آهي، جنھن تي مولوءَ جي والد جو نالو اُڻيل آهي.
گهڻو تڻو هندو خوشحال پيسي وارا سُکيا ستابا هيا. ڪلياڻ ڪيمپ رهڻ لاءِ ڪا سٺي جاءِ نہ هئي. پراڻن بيرڪن ۾ شاهوڪار پئسي وارا سنڌي مھاجر تمام گهڻين تڪليفن ۾ رهيا ۽ جتي کين گورنمينٽ رهائش ڏني هئي، اتي ڪابہ پرائيويسي بلڪل نہ هئي، پر هنن انھن تڪليفن جي ڪڏهن بہ دانھن ڪُوڪ نہ ڪئي. اگروال جو والد وڪيل هو ۽ خوشحال خاندان هو، جڏهن تہ ورهاڱي سبب ڪيترا پڙهيل نوڪرين سان ۽ ڪاروباري ماڻھو بمبئيءَ ۾ مالي طور ڪمزور ٿي ويا. ايستائين جو هڪ شاهوڪار ۽ مخير ’سيٺ پرتاب راءِ‘ خراب مالي حالتن جي ڪري شھر ۾ رهائش لاءِ مدد گهري ورتي. سو ورهاڱي سبب سرنديءَ وارن بہ ڏکيا ڏينھن ڏٺا. اگروال ٻڌائي ٿي تہ سنڌي هندو وڏا واپاري هجڻ ڪري محنت ۽ جدوجھد وسيلي هندستان جي وڏي سماج ۾، جتي بہ کين سھوليتون مليون، واپار وسيلي اهڙي جاءِ ورتي، جيڪا کين سنڌ ۾ مليل هئي.
ڊاڪٽر اگروال، ڪلياڻ ڪيمپ جي بدحاليءَ جو احوال ڏيندي ٻڌايو تہ، اتي Privacy بلڪل ڪانہ هئي. ايستائين جو ٻن خاندانن جي وچان رڳو ڪپڙا ٽنگيل هئا، پر وڏن امير ماڻھن برداشت ڪيو ۽ ڪڏهن ٻڙڪ ٻاهر نہ ڪڍي، سھپ جو مثال قائم ڪيو، جيڪا سنڌي ثقافت جي انيڪ اهم خوبين منجهان هڪ آهي.
سنڌ ۾ سنڌي هندن جي خوشحال ۽ آسودي زندگيءَ بابت وڌيڪ لکي ٿي تہ، ’حيدرآباد سنڌ ۾ جڏهن سندن گهرن ۾ ڪو مھمان ايندو هو تہ ان کي جيڪو شراب Wine پيش ڪيو ويندو هيو، ان ۾ سونيون گينيون وجهي ڏئي مھمان جو آڌرڀاءُ ڪيو ويندو هو.‘ هيءَ هئي حيدرآبادي سنڌ ورڪيز ۽ ٻين سنڌي هندن جي خوشحالي ۽ روايتي مھمان نوازيءَ... حيدرآباد، سنڌ جي آدرشي شھر جو شاندار مثال.
ڪلياڻ ڪيمپ ۾ ڪجهہ مھينن کان پوءِ سرڪار ٻيا بلاڪ اڏي شفٽن ۾ اسڪول قائم ڪري هلايا ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ميڊيم آف انسٽرڪشن جي سھوليت اقليت وارن سنڌين کي مھيا ڪري، جمھوريت ۽ رواداريءَ جو تمام وڏو مثال قائم ڪيو. سنڌي هندن محنت ۽ لاڳيتو جاکوڙ وسيلي واپار ۾ ڀڙ هجڻ ڪري، انڊين سماج ۾ آهستي آهستي خوشحاليءَ وارو اوج سنڌ جيان ماڻيو. بمبئيءَ ۽ ان کان سواءِ جتي جتي وڃي آباد ٿيا، اتي بي گهر سنڌين پنھنجا سٺا گهر، ڪوآپريٽو سوسائٽيون، بنگلا ۽ ڪالونيون تعمير ڪري پاڻ مڃائي ورتو ۽ نئين ملڪ کي پنھنجو گهر سمجهي، پنھنجي شھرن جي خوبصورتيءَ ۾ واڌ ڪري عزت ۽ وقار حاصل ڪيو. جيڪو سندن ڪاميابيءَ جو وڏو مثال سمجهيو وڃي ٿو.
ورهاڱي وقت سنڌ ورڪيز بہ سخت متاثر ٿيا، جيڪي ٻاهرين ملڪن جي بندرگاهن تي ڪاروبار ڪندا هئا، انھن جون فيمليون حيدرآباد ۾ هجڻ ڪري، هُو واپس اچي پنھنجون فيمليون وٺي، پنھنجي پنھنجي ملڪن ڏانھن هليا ويا.
هن ڪتاب ۾ ليکڪا، ڏک ۽ صدمي سان انھن Iconic ثقافتي خاص جاين ۽ شھرن جي وڇوڙي جو اپٽار ڪيو آهي، جنھن ۾ سنڌو درياھہ بابت بجا ذڪر ملي ٿو، سنڌوءَ جي پاڻيءَ جي سنڌي هندو پوڄا ڪندا هيا، ان ڪري پاڻيءَ کي پوتر ۽ مقدس سمجهيو. سنڌ جا هندو، جن جايُن کي اڄ بہ ياد ڪن ٿا، انھن ۾ ميرن جي خيرپور رياست، پيرڳوٺ (پير پاڳاري جو ڳوٺ)، ڀٽ شاھ ۽ سيوهڻ شريف... ڇاهتر سالن گذري وڃڻ باوجود وساري نہ سگهيا آهن. اهو آهي وطن، جيڪو نٿو وسري... جيڪو وساريان نہ وسري!!
ڊاڪٽر آگروال، ورهاڱي سبب جيڪو سنڌي ٻوليءَ کي ڇيھو رسيو، ان جو تمام گهڻو افسوس ڪيو آهي. چئي ٿي وقت گذرڻ سان سنڌي مھاجرن جي نئين نسل پنھنجي ماءُ ٻوليءَ کي وساري ڇڏيو، جنھن جو کيس گهڻو ڏک ۽ صدمو آهي. اها وقتائتي ڳالھ تہ والدين يا بزرگ هن نقصان جو ازالو ڪن، پنھنجي ٻوليءَ لاءِ جاکوڙ ڪري، کين پنھنجي اصليت ڏانھن موٽ کائيندي ٻوليءَ کي بچائڻ لاءِ ڊگهي جدوجھد ڪرڻ گهرجي. خاص طور اهي واپاري جيڪي پرڏيھہ ۾ رهن ٿا.
ليکڪا هيءُ ڪتاب، نھايت گهڻي سڪ ۽ پاٻوھہ وچان مرتب ڪري، سنڌي مھاجرن جي زندگيءَ کي مختلف طريقن سان جانچي، ان تي روشني وڌي آهي. اهي ڪھاڻيون سچيون ۽ اصلوڪيون آهن ۽ سندن ڏکن، دردن ۽ ڪاميابيءَ جو شاندار داستان آهن.
ڊاڪٽر ساز اگروال ٻڌائي ٿي تہ ڪيئن سنڌ ورڪيز دنيا جي گولي تي پکڙجي ويا ۽ واپار جي هڪ منفرد ڇاپ قائم ڪري ڇڏيَن. هن ڪاميابيءَ جي ڪھاڻين جا فوٽو، اسڪيچ پينٽنگز، مختصر ڪھاڻين وسيلي خوشحاليءَ ۽ آسودگيءَ جا مثال ورهاڱي جي ڏکن کي يقينن خوشين ۾ تبديل ڪيو آهي، پر وڃايل وطن جون ساروڻيون ورهاڱي جا وڍَ، غم ۽ خوشيون هن ڪتاب جي سونھن ۽ سينگار آهن.
اگروال هن ڪتاب کي ورهاڱي جي ادب ۾ خاص واڌاري طور سنڌي هندن کي هڪ گيت طور پيش ڪيو آهي، جيتوڻيڪ ننڍو ڪتاب پر منفرد انداز ۽ دل کي ڇھندڙ ضرور آهي. سچ پچ تہ ڊاڪٽر ساز اگروال هن ڪتاب جون خوبصورت تخليقي تحريرون، ڀٽائيءَ جي ساز تنبوري جا آلاپ آهن، جيڪي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ حيدرآباد سنڌ جي مَنگهن ۽ ٿڌين هوائن واري شھر ۾ محسوس ڪري سگهجن ٿا.

]هي مضمون، مون ڊاڪٽر ساز آگروال جي ٽن ڪتابن ۽ خاص طور هن جي تازو ڪتاب Losing Home Finding Home تي ’ريحانہ عالم‘ جي انگريزيءَ ۾ لکيل تبصري ’Stories of Belonging‘ جي عنوان واري شاندار تبصري تي آڌاريل هي مضمون ٺاهي لکيو، جيڪو انگريزي اخبار روزاني ’ڊان‘ جي سلسلي ’Sunday Book and Authors‘ ۾ پنجين نومبر 2023ع تي ڇپيو ويو.[