تُرم: اڪبر سومرو (پنجون باب)
ڪجهہ دير کان پوءِ هن ڏٺو: هُو ’اندلس‘ ملڪ جي هڪڙي خوبصورت شھر ’قرطبه‘ جي مشھور گلن واري گهٽيءَ مان گذري رهيو هئو. ان وقت سج پنھنجي شاهي شانَ سان آسمان تي چمڪي رهيو هئو، گهٽيءَ مان عورتون ۽ ٻار اچي وڃي رهيا هئا! اندلس جيڪو دريائن، پھاڙن، ميڊيٽرينين ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ جو ملڪ هئڻ سان گڏوگڏ ڪئين ميوَن ڏاڙهن، صوفن، انگورن، نارنگين سميت بادامن ۽ انجيرن جو ملڪ آهي. قرطبہ شھر ان وقت پنھنجي جوڀن تي هئو. اهو ٽپھريءَ جو وقت هئو ۽ سارنگ ان گهٽيءَ مان گذري رهيو هئو، جنھن ۾ ’قاضي ابوالقاسم احمد، جو گهر هئو، جنھن جو پٽ ’عبدالوليد محمدُ ابن رشد‘، ننڍي عمر ۾ ئي فلسفي، حڪمت، منطق، فقھہ ۽ حديث جي تعليم مڪمل ڪري چڪو هئو. ڏهن سالن جي عمر ۾ هن فلسفي جي استاد ’ابنِ باجہ‘ کان فلسفو پڙهڻ شروع ڪيو. عبدالوليد محمد سندس فلسفي جي اها تعليم صرف ٻارنھن سالن جي عمر ۾ حاصل ڪئي هئي.
هُو جڏهن چئن سالن جو هئو تہ سندس والد ’قاضي ابوالقاسم احمد‘ هن کي قرآن شريف حفظ ڪرائڻ شروع ڪيو. جلد ئي ان کان فارغ ٿي، هن عرب ثقافت، تاريخ، ادب ۽ فن جي تعليم تي دسترس حاصل ڪئي ۽ پوءِ هن ارسطو ۽ افلاطون جي ڪتابن تي شرحون لکڻ کان سواءِ ’بَدايت المجتھد ونھاية المقصدہ‘ کان علاوه قانون، منطق، عربي زبان جا قائدا، علم فلڪيات ۽ طب تي ڪئين ڪتاب لکي چڪو هئو. اڄ هن جي گهر تي هن سندس استادن ۽ دوستن جي عزت افزائيءَ لاءِ شام جي مانيءَ جي دعوت رکي هئي، جيڪا مغرب جي نماز پڙهي کاڌي ويندي. هن دينيات، علم فلڪيات، قانون، علم الحساب ۽ طب بابت ابو جعفر هارون ۽ ابي مروان بن جرجول اندليسيءَ کان علم حاصل ڪيو هو، جيڪي ان دؤر جا وڏا داناءَ استاد هئا.
مھمان عصر جي نماز پڙهي ابن رشد جي گهر اچڻ لڳا هئا. سڀ کان پھرين سندس استاد ’ابنِ طفيل‘ آيو تہ هن دروازي کان وٺي هن جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ کيس سندس لائبريري ۽ لکڻ پڙهڻ واري ڪمري ۾ وٺي آيو، جتي هڪ طرف پيتين ۾ بند ڪتابن ۽ مسوِدن کان علاوه سامھون نظر ايندڙ جارن ۾ رکيل ڪتابن ۾ ارسطو جو ’الکون والفساد‘ پيل هئو، ان سان گڏ ’مقامات ديوان‘، ’المتنبي‘، ’ديوان حماسہ‘، ’سَبَح معلقات ‘ (يعني اسلام کان اڳ جي ستن وڏن عرب شاعرن جي قصيدن جو ڪتاب، جيڪو ڪعبي شريف ۾ سونن اکرن سان لکي ٽنگيو ويو هو) ’مقدمہ ابنِ خلدون‘، ابنِ رشيق جو ’العمدہ‘، ابنِ عبدرہ جو ’العقدالفريد‘ اسلامي دنيا جي پھرئين فلسفي ’الڪندي‘ جو ’الفلسفہ الاوليٰ فيمادون الطبعيات والتوحيد‘، ابي محمد علي بن جزم الاندلسي جو ڪتاب ’قيھہ الرسالة‘، فارابي جا ’الموسيقي‘ ۽ ’الکبيرة‘، ’معافي العقل‘، ’آراءِ اهل المدينہ‘، ’الفاضلہ‘، ’السيرة الفاضلہ‘ فخرالدين رازي جو ’نوسير الڪبير‘ بدرالدين محمد بن عبدالله الشبلي جو ’اکام المرجان في احکام الجان‘ ابنِ سينا جو، ’ڪتاب النجاة مختصر الشفا‘ ابنِ دريد جو ’جمھرة اللغة‘، ازهري جو ڪتاب ’تھذيب الفتہ‘، الشافي جو ’ڪتاب الجيم‘ ۽ ’تاج العروس‘، احمد البوني جو ’شمس المعارف الڪتبري‘، ابن المتيفتح جو ’ڪليلہ و دمنہ‘، ابنِ منظور جو ’لسان العرب‘، النفواضي جو ڪتاب ’الروض العاطر في نزهد الخاطر‘ ڪتاب پيل هئا.
ڪجهہ ئي دير بعد ابنِ عربيءَ جو پيءُ علي ابنِ محمد، ابنِ تيميہ، ابوبڪر بن زهر، ابن دريدہ، ابن قطيبہ ۽ ابوالبرڪات بغدادي پڻ آيا ۽ ڪچھريءَ ۾ شامل ٿي ويا تہ ڪچھريءَ جو رنگ ئي ٻيو ٿي پيو. سمورا مھمان ايراني قالين تي طول وهاڻن کي ٽيڪ ڏيئي ويٺل هئا، مھمانن ۾ ڪجهہ مھمان حاضر غائب پڻ هئا!
ابنِ قطيبہ پھرين ابنِ منظور جي ڪتاب ’لسان العرب‘ جو ذڪر ڪيو، جيڪو ابنِ رشد جي لائبريريءَ ۾ موجود هئو. ابنِ قطيبہ ٻڌايو تہ ابنِ منظور سندس لغت لاءِ لکيو آهي تہ، ’جميعت هٰذالکتاب في زمن اهلد بغير لغة يفغرون، وَصنعة کما صَنع نوحُ الفلک و قومہ مِنہ يَسَخرون، وسميتہ لسان العرب!‘ (مون ڪتاب کي اهڙي وقت مرتب ڪيو آهي، جنھن دؤر ۾ ماڻھو ٻين ٻولين تي فخر ڪندا هئا ۽ اهڙيءَ محنت سان تيار ڪيو آهي، جيئن حضرت نوح عہ سندس ٻيڙي ٺاهي هئي. ان حال ۾ تہ ان جي قوم جا ماڻھو بہ ان تي ٽوڪون ڪري رهيا هئا!)
ابنِ رشد، ابنِ عربيءَ جي پيءُ ابو محمد کي مخاطب ٿيو ۽ کيس محمد بن علي (ابنِ عربيءَ) کي وٽس موڪلڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، جيئن هُو ان سان ملاقات ڪري سگهي. ان وقت ابنِ عربي اڃان 13 سالن جو ٻار هئو، پر هن جي شھرت گلاب جي خوشبوءِ جيان پکڙجي رهي هئي.
ابنِ رشد وٽ ان وقت سندس مشھور ڪتاب ’فصل مقال في مابيان الحکمہ و الشريعہ من اتصال‘ جو اڻ - پورو مسودو پيو هئو. ان کان پھرين هُو خليفي ابو يعقوب يوسف جي چوڻ تي ارسطو جي ڪتاب ’آثار‘ جي تفسير ۽ افلاطون جي ڪتاب ’رياست‘ تي شرح ۽ طب جي باري ۾ ڪتاب ’الڪليات في الطب‘ لکي چڪو هئو.
حُجري جي اتر طرف هڪڙي دري کليل هئي، جتان ٿڌڙي هوا ۾ بادام جي وڻ ۾ ٽڙيل بنفشي ۽ گلابي گل جهومي رهيا هئا ۽ دريءَ جي مٿان هڪڙي ٻلي ويٺي هئي ۽ ان جي ڀرسان شيشي جي فريم ۾ هڪڙو عربي پھاڪو رقم ٿيل هئو.
’العقل للرؤية والقلب للسمع‘
(دماغ ڏسڻ لاءِ آهي ۽ دل ٻڌڻ لاءِ!)
ڪجهہ دير تائين مھمان ان پھاڪي تي ڳالھائيندا ۽ کِلندا رهيا. ڪجهہ وقت کان پوءِ ٻيا مھمان ابنِ قطيبہ، بصري شھر مان آيل جو ابنِ دريد ۽ بغداد مان ابو الفراج ال آغاني، ابنِ رشد کي ملڻ آيا هئا، سي پڻ اچي شامل ٿيا. ابنِ دريد جيڪو شاعر هئو، پھرين ’العقل للرؤ ية والقلب السمع‘ جي جملي تي تبصرو ڪيو ۽ پوءِ سامھون جاري ۾ رکيل ڪتاب ’سبع معلقات‘ جي باري ۾ گفتگو ڪرڻ لڳو.
ابنِ دريد ڳالھائيندي ٻڌايو تہ قديم دور ۾ مڪي شريف جي چوڌاري ٽي ميلا لڳندا هئا، جنھن مان سڀني کان وڏو ميلو ’عڪاظ‘ جو هوندو هو. جنھن ۾ شعر ۽ شاعريءَ جون خاص محفلون مچنديون هيون.
ابنِ قطيبہ چيو: ”الشعر ديوان العرب“، سڀئي هن ڏانھن نھاري رهيا هئا، ”شريف جرجاني شعر لاءِ چوي ٿو، لغوي طرح شاعري هڪڙو علم آهي ۽ اصطلاحاً شعر کي موزون ۽ مقفي هجڻ کپي. شاعريءَ ۾ قافيو ۽ وزن لازمي جز تسليم ڪيو ويو آهي. قافيو بيت جو آخري لفظ هوندو آهي ۽ عربي شاعريءَ جا پندرنھن جز مقرر ڪيا ويا آهن.“
”صحيح“، ابنِ رشد ڳالھايو، ”مون پنھنجي جوانيءَ واري دؤر ۾ ٿوري شاعري ڪئي هئي ۽ جڏهن شاعريءَ جي علم بابت پڙهيم تہ موزون شاعريءَ جا پندرنھن بحر آهن. جن کي طويل، مديد، بسيط، وافر، ڪامل، هِزج، رجز، رمل، سريع، منسرح، خفيف، مضارع، مقتضب، مجتث، متقارب، متدارڪ ۽ خبب چيو ويندو آهي. اهي بحر ’خليل بن احمد فراهيدي‘ جنھن کي علم عروض جو امام مڃيو ويو آهي، تنھن ايجاد ڪيا هئا. بعد ۾ ان جي هڪڙي شاگرد واڌارو ڪندي انھن جو تعداد سورنھن ڪيو. اسلام جي شروعاتي دؤر ۾ ’حسان بن ثابت‘ ۽ ٻين مسلمان شاعرن پنھنجي شاعريءَ جي ذريعي قريش جي ڪافرن خلاف اسلام ۽ مسلمانن جو بچاءُ ڪيو.“
ان ئي مھل مغرب جي ٻانگ اچڻ لڳي تہ سمورا ڄڻا اٿيا ۽ گهٽيءَ جي مسجد ۾ نماز پڙهڻ لاءِ وڃڻ لڳا. نماز پڙهي موٽيا تہ ابنِ رشد جي چھري تي وضوءَ جي پاڻيءَ جا ڦڙا هئا، نوڪر چلمچي کڻي آيو ۽ پھرين سمورن مھمانن جا هٿ ڌوئاريائين ۽ پوءِ مھمانن کي کاڌي واري ڪمري ڏانھن هلڻ لاءِ چيائين. سڀ اتي پھتا تہ ابنِ رشد جي استاد ۽ دوست ابنِ طفيل ٻڌايو:
”صحرائن ۾ رهڻ جي ڪري اسان جا ماڻھو جيئن تہ اڻ پڙهيل هوندا هئا، ان ڪري انھن پنھنجي شاعريءَ کي لکيو ڪونہ! بلڪہ پنھنجي حافظي تي قناعت ڪندا هُئا ۽ راوين کان پڻ مدد وٺندا هئا. ’زبير بن ابي سلمہ‘ ابنِ حجر کان روايت ڪئي آهي ۽ زبير کان ان جي پٽ ’ڪعتب‘ ۽ ‘حطيہ‘، بُدبہ بن خشرم کان جميل بن معمر ۽ جميل بن معمر کان ڪثير عزت اها روايت ڪئي آهي، اهڙيءَ طرح صدين تائين سيني کان سيني تائين شاعريءَ جو سفر هلندو رهيو.“
ابنِ دريد ٻيھر ڳالھائڻ لڳو، سامھون جاري ۾ رکيل ڪتابن ۾ هن ’سبع معلقات‘ سان گڏ ’ديوانِ حماسا‘ ۽ ’ديوانِ المتنبي‘ پڻ پيل ڏٺا.
’سبع معلقات‘ کي اسلام کان اڳ جي شاعريءَ ۾ وڏو ڪمال حاصل هئو. انھن ستن شاهڪار قصيدن کي ڪعبة الله ۾ ٽنگجڻ جو شرف حاصل ٿيو هئو، جن ۾ ’امراءُ القيس‘، ’طرفہ بن العبد الکبري‘، ’زبير بن ابي سلمہ‘، ’لبيد بن ربيعہ‘، ’عمرو بن ڪلثوم‘، ’التغلبي‘، ’عنترہ بن شداد‘، ’العبسي‘ ۽ ’حارث بن حُلزہ اليشڪري شامل هئا، انھن مان ’لبيدہ بن ربيعہ‘ بعد ۾ اسلام قبول ڪيو. هر قبيلي مان ننڍا وڏا شاعر ايندا هُئا ۽ پنھنجي شاعري ٻڌائي داد وٺندا هئا ۽ اهي محفلون ڪيترن ڏينھن تائين هلنديون رهنديون هيون. ان موقعي تي جنھن بہ شاعر جي ڪلام کي ماڻھو سڀني کان سٺو قرار ڏيندا هئا، ان کي سال جو وڏو شاعر قرار ڏنو ويندو هئو ۽ روايت آهي تہ ان جو قصيدو ريشمي ڪپڙي (ڪتان) تي سونَ جي پاڻيءَ سان لکي، ڪعبي شريف ۾ لٽڪايو ويندو هئو تہ ان جي شھرت سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويندي هئي، ڇو تہ ميلي ۾ ماڻھو پري پري کان ڪھي پھچندا هئا ۽ چونڊيل قصيدي جا شعر بر زبان ياد ڪندا هئا. انھن ستن شاعرن مان ڪو ڪمال جي ‘مرثيہ خواني ڪندو هئو تہ ڪو غزل جو شهسوار هئو ۽ ڪنھن وري مدحيہ شاعريءَ ۾ نالو ڪمايو، انھن ستن ڄڻن مان وري چار ڄڻا وڌيڪ مشھور هئا، جن ۾ ’اُمراءُ القيس‘، ’زبير بن ابي سلمہ‘، ’نابغہ‘ ۽ ’والاعشيٰ‘ کي سمورن ۾ بھترين شاعر تسليم ڪيو ويندو هئو. عرب دنيا ۾ هي مقولو مشھور هئو تہ: ’امراءُ القيس اذا رڪب‘، امراءُ القيس اٺڻيءَ ۽ گهوڙيءَ جون وصفون بيان ڪرڻ جو ماهر هئو. ’زبير اذا رغب‘ زبير بن ابي سلميٰ کي جڏهن رغبت ٿئي تہ هُو مدح سرائيءَ جو بادشاھہ آهي! ’والنابغہ اذا رهب‘ نابغہ زيباني جڏهن ڊپ ۾ هجي، يعني معذرت خواهيءَ ۾ هجي تہ پوءِ هُو غضب جي شاعري ڪندڙ آهي ۽ ’والاعشيٰ اذا طرب‘ اعشيٰ جڏهن مَستيءَ ۾ هجي! تہ ڪنھن بہ ماڻھوءَ جي برائي توڙي چڱائي بيان ڪرڻ جو ماهر هئو.“
نوڪر جيڪي کاڌا کڻي آيو، تن ۾ ’المفتح‘، ’چانورن، گوشت، دال چيني، لئونگ، ڪارن مرچن ۾ پڪل پلاءُ، ’الڪبستہ‘ دنبي جو گوشت، ’مشبوس‘، مڇيءَ ۾ پڪل چانور ’الحنيز‘ ڳاڙهي مڪائيءَ جي ماني، ’الڪليجا‘ ڪڻڪ ۽ کجور ۽ زعفران جي شيري ۾ پڪل سويٽ ڊش ۽ ’الحنيني‘ کان سواءِ تازا ڦل ۽ ميوا وافر مقدار ۾ موجود هئا.
ابنِ عربيءَ جي پيءَ علي بن محمد وري عرب شاعر امراءُ القيس جو قصو ٻڌايو، جيڪو هيٺئين ريت هئو:
”’حجر بن حارث الڪندي‘ بنو اسد قبيلي جو بادشاھہ هئو، ’امراءُ القيس‘ هن جو ننڍو پٽ هئو ۽ لاڏ ڪوڏ ۾ پليو هئو. وڏو ٿي هن جون عادتون خراب ٿي ويون. شراب نوشي، اوباشي ۽ عياشيءَ ۾ لڳي ويو. سندس پيءَ کيس گهڻو سمجهايو، پر هُو جڏهن پنھنجين عادتن کان باز نہ آيو تہ کيس گهر مان ڪڍي ڇڏيائين. هُو ۽ هن جا دوست ويراني ۾ جتي بہ پاڻيءَ جو چشمو ڏسندا هئا اتي ٽڪي پوندا هئا. هُو صحرائن ۾ گهمندو رهيو ۽ شعر چوندو رهيو. جڏهن چشمي مان پاڻي ختم ٿي ويندو هو ۽ گاھہ سُڪي ويندو هو تہ امراءُ القيس وري وڃي ٻيا وٿاڻ وسائيندو هئو. هلندي هلندي هُو وڃي يمن پھتو. جتي هن کي اطلاع پھتو تہ سندس قبيلي جي ماڻھن دشمنيءَ ۾ سندس پيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو هئو.
ان بعد هن قسم کنيو تہ هُو جيستائين قاتلن کان سندس پيءَ جي قتل جو پلاند نہ وٺندو ۽ جيستائين بنو اسد قبيلي جا گهٽ ۾ گهٽ سؤ کان مٿي ماڻھو نہ ماريندو، تيستائين هُو نہ گوشت کائيندو، نہ شراب پيئندو ۽ نہ وري مٿي ۾ تيل وجهندو. هن جي اکين ۾ پنھنجي ئي قبيلي جي سؤ ماڻھن کي مارڻ جو خبط هئو. هن بنو اسد قبيلي جي خلاف ماڻھو گڏ ڪيا ۽ جنگيون وڙهيون، پر ماڻھن جي ساٿ ڇڏڻ ڪري ناڪام ٿيو! نيٺ هُو پلاند جي باھہ ۾ قيصرِ روم تائين پھتو ۽ کانئس مدد طلب ڪيائين. قيصرِ روم هن لاءِ هڪڙو لشڪر تيار ڪيو پر پوءِ پنھنجو ارادو بدلائي ڇڏيائين. چون ٿا تہ ’طماح اسدي‘ هن خلاف قيصرِ روم کي ڀڙڪايو هو ۽ کيس ٻڌايو تہ امراءُ القيس جا سندس ڌيءَ سان تعلقات هئا تہ هُو صورتحال ڏسي اتان هليو ويو، بعد ۾ قيصرِ روم هن لاءِ زهر ۾ ٻڏل پوشاڪ موڪلي، جيڪا پائڻ سان امراءُ القيس کي ماتا جھڙي ڪا بيماري ٿي ۽ هن جي چمڙي ۽ گوشت ڳرڻ ڪري نيٺ هُو گذاري ويو تہ هن کي ’جبلِ عيسب‘ جي ڀر سان دفن ڪيو ويو.“
مھمانن ماني ختم ڪئي ۽ هاڻ ڪافي پي رهيا هئا ۽ چُپ هئا. ”توهان امراءُ القيس بابت پئي ڳالھايو.“ ابنِ عربيءَ جي پيءَ علي بن محمد کي شاعر ابنِ دريد مخاطب ڪيو، جنھن تي ابو محمد ٻيھر ڳالھائڻ لڳو:
”ها تہ، امراءُ القيس پنھنجين بي هودين حرڪتن جي ڪري جيترو بدنام ٿيو اوترو ئي شاعريءَ ۾ هن جو مقام اوچو آهي، هن جي شاعريءَ ۾ نازڪ، خيالي، قوت بيان ۽ تشبيھن جو خوبصورت استعمال هئو. هن جي مشھور قصيدي ۾ ايڪاسي شعر آهن، جنھن ۾ هن پنھنجي پڦاٽ، ‘عنيزہ بنت شرجيل سان عشق جو اظھار ڪيو آهي، هُو پھريون شاعر هئو، جنھن سندس محبوبہ جي گهر ۽ ان جي ويران کنڊر تي بيھي ياد ڪرڻ ۽ روئڻ جي رسم جو رواج وڌو. هن سندس شاعريءَ ۾ عورتن سان عشق جو کُليو اظھار ڪيو، عورتن سان گفتگوءَ ۾ فحش ٻولي ڳالھائڻ کان بہ نہ مُڙندو هئو، ان ڪري هن جي شاعري عريانيت سان ڀري پيئي آهي.“ ايترو چئي ابنِ محمد بس ڪئي.
ان بعد ابنِ قطيبہ ٻڌايو:
”چون ٿا تہ، امراءُ القيس سندس پڦاٽ ’’عنيزہ‘ سان عشق تہ ڪندو هئو پر ساڻس ملڻ جو کيس موقعو نہ ملي سگهندو هئو، ان ڪري هُو پريشان رهندو هئو. هن جي قبيلي بنو اسد جي روايت هئي تہ سڄي قبيلي جا مرد ساليانو جشن ملھائڻ لاءِ آباديءَ کان پري هليا ويندا هئا! هڪ ڀيري جي ڳالھہ آهي تہ ساليانو جشن ملھائڻ لاءِ سڀ مرد آباديءَ کان پري هليا ويا، جڏهن تہ عورتون ’دارہ جُلجل‘ نالي حوض تي وهنجڻ لاءِ هليون ويون. امراءُ القيس کي جڏهن خبر پئي تہ هُو ٻين کان نظر بچائي ان حوض ڏانھن هليو ويو ۽ اتي لڪي ويھي عورتن کي وهنجندي ڏسڻ لڳو. بلڪ هُو عورتن جي لٿل ڪپڙن جي ڍير مٿان ويھي وڏي سڏ شاعري ڪرڻ لڳو. جڏهن عورتن کي خبر پئي تہ هُو ڏاڍيون پريشان ٿيون ۽ کانئس پنھنجا ڪپڙا گهريائون پر هن انڪار ڪيو، جنھن تي عورتن هن کي پٽون پاراتا ڏنا تہ امراءُ القيس کين چيو: ”ڏسو! مان توهان مان ڪنھن کي بہ نقصان پھچائڻ جو ارادو نٿو رکان، پر جيستائين توهان مان هڪڙي هڪڙي ٿي منھنجي سامھون نہ ايندي، آءٌ ڪنھن کي بہ ڪپڙا واپس نہ ڪندس! بھرحال نيٺ هن کين هڪ هڪ ٿي اچي ڪپڙا گهرڻ تي موٽايا پر دير ٿيڻ جي ڪري اچي عورتن کي بک لڳي تہ هنن ٻيھر امراءُ القيس کي گهٽ وڌ ڳالھايو ۽ روڄ راڙو شروع ڪيو تہ هن سندس سواريءَ واري اٺڻي ڪُھي، ان جو گوشت پچائي کين کارايو. واپس وڃڻ مھل امراءُ القيس وٽ سواري نہ هئي تہ هن کي سندس محبوبا ۽ پڦاٽ سان گڏ اٺڻيءَ تي ويھڻ جو موقعو مليو.“ سڀيئي ويٺل مُرڪي رهيا هئا.
ڪافيءَ جو دور ختم ٿيڻ بعد ابنِ رشد کي سندس فلسفي بابت ابو الفرج ال آغاني ڳالھائڻ لاءِ چيو تہ هن چيو:
”فلسفو ۽ مذهب، انسان کي هڪ ئي منزل تي پھچائڻ وارا ٻہ رستا آهن، پر اهو اهڙو تہ قضيو آهي، جيڪو صدين کان اهلِ علم جي وچ ۾ مڪالمي ۽ بحث جو موضوع آهي. تقريباً سڀ آسماني مذهب، عقل ۽ نقل جي ان جهيڙي سان لڳل آهن. منھنجي خيال ۾ فلسفو ۽ مذهب هڪ ئي شئي آهن. جيڪي انسان کي ’حقيقتِ اعليٰ‘ تائين پھچائين ٿا. مذهب ان ڪري حق آهي تہ ان وٽ سڌو سنئون وحيءَ جي ذريعي خدا جو پيغام موجود آهي ۽ فلسفو انساني عقل هجڻ جي ڪري حق آهي. ان ڪري حق، حق جو مخالف نٿو ٿي سگهي. قرآن شريف انسان کي بار بار غور و فڪر ڪرڻ يا ٻين لفظن ۾ عقل جي استعمال جي تعليم ڏئي ٿو. قرآن ڪريم نہ رڳو الله تعاليٰ جي پاڪ زبان آهي، بلڪہ اهو دنيا لاءِ هڪڙو آفاقي نظريو، قانون ۽ زندگي گذارڻ جو سليقو پڻ آهي. قرآن شريف ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ آيتن ۾ فلڪيات، حيوانيات، نباتيات، حياتيات، ارضيات، جاگرافي طبعيات وغيره وغيره جو ذڪر آيل آهي. سورة نحل جي آيت نمبر 61 ۾ تقدير جي باري ۾ چيل آهي: ’فاذا جاءَ اَجلهم لايَستا خرون ساعَة ولايستقدمَون.‘ (جڏهن موت جو وقت اچي پھچي ٿو تہ هڪڙي گهڙي بہ اڳيان پويان نٿي ٿي سگهي!) ۽ اهو مقرر ڪيل وقت تي اچي ٿو. يقيناً موت جي گهڙي الله تعاليٰ جي طرفان مقرر ڪيل هجي ٿي، هر انسان کي ان تي ڪامل يقين رکڻو آهي، قرآن شريف جي سورة نجم جي آيت نمبر 39 ۾ فرمايل آهي: ’وَ اِن لَيس لِلِانسانِ الا ما سَعيٰ!؟‘ (۽ هيءُ تہ انسان کي اهو ئي ملندو، جنھن لاءِ هن ڪوشش ڪئي.) باقي خدا تعاليٰ دنياوي معاملن ۾ مداخلت نٿو ڪري، ڇو تہ انسانن جي روزمره وارن عملن ۾ خدا جي مرضي شامل نٿي هجي. انسان پنھنجي مرضيءَ ۾ آزاد ۽ پنھنجين ضرورتن ۾ مجبور آهي ۽ علم جو ذريعو عقل ئي آهي!“
سمورا مھمان کاڌي واري ڪمري مان هلندا، ٻيھر لائبريريءَ ۽ لکڻ پڙهڻ واري ڪمري ۾ واپس آيا، جتي ابو الفراج ال آغاني جيڪو بغداد کان ڪھي ابنِ رشد سان ملڻ لاءِ آيو هئو، تنھن فرمائش ڪئي تہ، ”ڪيڏو نہ چڱو ٿئي جو ابنِ رشد کان عقيدہءِ تقدير بابت بيان ٻڌجي.“ تہ ابنِ رشد ڳالھايو:
”اسلام ۾ عقيدهءِ تقدير، جبر ۽ قدر يعني انسان مجبور محض آهي يا صاحبِ اختيار؟ اهو مسئلو پڻ فلسفين ۾ هميشہ زيرِ بحث رهيو آهي. اسلام ۾ ٽي مڪتبِ فڪر آهن يا چئجي تہ ٽي فرقا آهن، جن مان پھريون ’جبريہ‘ ٻيو ’قدريہ‘ ۽ ٽيون ’اشاعرہ‘ آهي، مسلمان انھن ٽنھي تي بحث ڪندا رهن ٿا، بلڪہ انھن ٽنھي تي عمل ڪن ٿا. ’واصل بن عطا‘ جبريہ فرقي جو باني هئو، هن جو عقيدو هئو تہ انسان پنھنجي هر عمل ۾ تقدير جو پابند آهي ۽ هُو جيڪو ڪجهہ بہ ڪري ٿو سو سندس تقدير موجب سرانجام ٿئي ٿو، ان ڪري اهو مجبور محض آهي! مطلب تہ انسان پنھنجي ڪنھن بہ عمل جو حساب ڏيڻ جو پابند ناهي. ’جھم بن صفوان‘ قدريہ فرقي جو باني هئو، هن جو چوڻ هئو تہ، انسان پنھنجي هر عمل ۾ آزاد ۽ خود مختيار آهي ۽ هُو جيڪو ڪجهہ بہ ڪري ٿو سو پنھنجي مرضيءَ سان ڪري ٿو. مطلب تہ هر انسان پنھنجي ڪيل هر عمل جو حساب ڏيڻ جو پابند آهي. اشاعرہ مسلڪ وارا ’ابوالحسن الاشعري‘ جا پوئلڳ، هنن جو چوڻ آهي تہ، انسان پنھنجن ڪن عملن ۾ مجبور آهي ۽ ڪجهہ عملن ۾ مختيار آهي. ’لھاما کسبت وعليھا ما اکتبست‘ هن جيڪا نيڪي ڪمائي تنھن لاءِ اجر ملندس ۽ جيڪي گناھہ ڪيائين تن لاءِ سزا ملندس! ٻئي طرف الله تعاليٰ، قرآن ڪريم جي سورة ’رعد‘ ۾ ارشاد فرمائي ٿو: ’يمحو الله مايشاءَ وَ يُثبت وِعندہ امالکتاب‘ (الله جنھن لکئي کي چاهي ڊاهي ڇڏي ۽ جنھن لکئي کي چاهي برقرار فرمائي، ان وٽ ئي اصل ڪتاب (لوح محفوظ) آهي.) ’معتزله‘ نالي هڪڙو فرقو، جنھن جو باني وري هڪڙو ايراني ’واصل بن عطا الغزال‘ جو شاگرد خواجہ حسن بصري‘ هئو. عباسي خليفي مامون الرشيد جي دؤر ۾ هيءُ سرڪاري مذهب بڻجي ويو هئو. معتزلہ انسان کي مختيارِ ڪُل مڃندو هئو. سندس چوڻ هئو تہ انسان پنھنجي عملن ۾ خود مختيار آهي! سڀ کان اهم ڳالھہ جيڪا انساني زندگيءَ کي متاثر ڪري ٿي، سا آهي لاعلمي: لاعلمي ڊپ پيدا ڪندي آهي، ڊپ وري نفرت پيدا ڪندو آهي ۽ نفرت مان تشدد جنم وٺندو آهي!“
اهو بيان ٻڌڻ بعد ابنِ عربيءَ جو والد ۽ ’ابنِ دريد‘، ’ابنِ طفيل‘ ڏانھن متوجه ٿيا، جيڪو ابنِ رشد جو استاد ۽ دوست هئو. اهو انھن ڏينھن ڪو داستان لکي رهيو هئو. سڀني چيو تہ ابنِ طفيل، جيڪڏهن سندس داستان جو ڪو ٽڪرو ٻڌائي تہ بھتر ٿيندو.
ان ئي مھل سارنگ جي ننڊ مان اک کُلي ۽ هُو پنھنجي صندل تان لھي گهر کان ٻاهر پيشاب ڪرڻ هليو ويو. واپس اچي هن پِسيءَ جو وٽو کڻي دلي مان ڀريو، پاڻي پيتو ۽ آسمان ڏانھن نھاريائين، جيڪو هميشہ جيان تارن ۽ کيرڌارائن سان ڀريل هئو، هن سوچيو: تارن ۽ کيرڌارائن جي بہ ڪا زبان هوندي، جنھن کي سمجهڻ ايترو سولو ڪونھي ۽ شايد سمنڊ جا راز بہ هر ڪو نٿو ڄاڻي، جيڪو هن جي روزگار جو ذريعو بڻيل آهي: سمنڊ بہ ڄڻ ڏاتار آهي! هُو سوچيندو سوچيندو اچي سُتو تہ ننڊ نہ اچڻ جي ڪري، هُو دير تائين پاسا ورائيندو رهيو، گهڻي دير کان پوءِ هُن کي ننڊ آئي، تہ هُن ابنِ طفيل جي داستان ’حَيِّ ابن يقظان‘ بابت خواب لھڻ شروع ڪيو.
هن ڏٺو تہ، ٻہ حسينائون سندن محلات جھڙي گهر جي بالڪنيءَ ۾ بيھي شھر جو نظارو ڪري رهيو هيون تہ رستي تان هڪڙي مسافر کي لنگهندي ڏٺائون، جيڪو هڪڙي اُٺ تي چڙهيل هئو ۽ عرب شاعر امراءُ القيس جي قصيدي جا بند جهونگاري رهيو هئو:
”اِذَا قَامتا تصنَوعَ المِسۡکُ مِنهُمَا، لَسنيم الصَّباءَ جَاعَت بِرَّ يا القُرنفُل“
-
فَضَاضَت دَمُوعُ العَينۡ مِنّي صَبَابَةِ، عليٰ الۡمضَحۡر حَتيٰ بَل دَمعَي مخِملي!
-
فَمِثلکُ حُبلي قَدۡ طَرقۡتَ وَ مَرضِع، فَالھيتھا عَن ذي تَمائِم محولِ!
(امراءُ القيس)
(جڏهن اهي ٻئي مستاني انداز ۾ بيٺل هونديون هيون تہ انھن ٻنھي مان مُشڪ جي خوشبوءِ ائين مھڪندي هئي جھڙوڪ بادِ صَبا لئونگن جي خوشبوءِ کنيو ٿي اچي! عشق جي سَٽَ جي ڪري منھنجي اکين مان غم جا ڳوڙها وهي سيني تائين پھتا ۽ انھن منھنجي تلوار جي مياڻ کي تَر ڪري ڇڏيو! اي منھنجي معشوقا! تو جھڙيون ڪيتريون ڪنواريون، حمل واريون ۽ کير پيئارڻ واريون خوبصورت عورتون هيون، جن وٽ مان راتين جو ويس ۽ انھن کي دنيا و مافيھا کان غافل ڪري ڇڏيم!)
انھن ٻنھي جڏهن خوبصورت ۽ نوجوان اوٺار جي زبان مان اهڙي شاعري ٻڌي تہ هڪٻئي کي ڏسي ٽَھڪ ڏنائون. انھن مان هڪڙي جيڪا وڏي هئي، تنھن اوٺار جي شاعريءَ جو پھريون بند ورجايو:
’جڏهن اهي ٻئي مستاني انداز ۾ بيٺل هونديون هيون تہ انھن ٻنھي مان مُشڪ جي خوشبوءِ ائين مھڪندي هئي جھڙوڪ بادِ صبا لئونگن جي خوشبوءِ کنيو ٿي اچي... ها... ها...! هن ٻيھر ٽھڪ ڏنو. سندس هٿ ۾ ان وقت گلناري جو گل هئو، سو اوٺار ڏانھن اڇلايائين. اوٺار جيڪو مسلسل هنن ٻنھي دوشيزائن ڏانھن نھاري شعر پڙهي رهيو هئو، تنھن اهو گل جهٽي پنھنجين اکين تي رکيو ۽ حسينا کي سلام ڪيائين ۽ مُرڪندو هليو تہ ويو، پر ڄڻ حسينا جي دل پاڻ سان گڏ کڻي ويو: هُوءَ ان کان پوءِ چُپ ٿي ويئي ۽ سندس ننڍي ڀيڻ سڄو ڏينھن اهو شعر ورجائيندي، وڏيءَ ڀيڻ کي چيڙائيندي رهي. ٻنھي ڇوڪرين جو پيءُ شھر جو امير ترين ماڻھو هئو، سونَ جو واپار ڪندو هو.
’جڏهن اهي ٻئي مستاني انداز ۾ بيٺل هونديون هيون تہ انھن ٻنھي مان مشڪ جي خوشبو ائين مھڪندي هئي... جھڙوڪ بادِ صبا!‘ تہ وڏيءَ جو رنگ فق ٿي ٿي ويو.
ٻہ ڏينھن گذري ويا دوشيزا جي اندر ۾ اُهو مسافر ڄڻ حُزن جي زهر ۾ ٻڏل تير کُپائي هليو ويو هئو! ٽئين ڏينھن هُو ٻيھر اتان لنگهيو تہ وڏي ڀيڻ، جنھن جو نالو اَفرح يمني هئو، سا هن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿي ۽ سندس ٻانھيءَ کي ڊوڙايائين تہ ان اوٺار کي وڃي روڪي ٻڌاءِ تہ هُو اڄ رات منھنجو مھمان ٿئي تہ سندس دل کي ڄڻ پذيرائي ملندي.
ٻانھيءَ جڏهن ڊوڙي وڃي اوٺار کي روڪيو ۽ کيس سَربستو احوال ٻڌايائين تہ اوٺار جنھن جو نالو ’حمزہ نجدي‘ هئو. تنھن پھرين بالڪنيءَ ڏانھن ڏٺو ۽ پوءِ سندس ڳچيءَ مان پکراج جڙيل سونو هار لاهي کيس نشاني طور ڏنو ۽ ساڻس واعدو ڪيو تہ پنھنجي مالڪڻ کي وڃي ٻڌائي تہ هُو اڄوڪي رات کيس دل سان ياد ڪندڙ محبوب وٽ ضرور ڀيرو ڀڃندو.
- - - - -
منجهند کان ئي افرح يمني پنھنجي محبوب لاءِ پاڻ کي ٺاهڻ ۽ هار سينگار ڪرڻ شروع ڪيو. پھرين هن ميندي پسارائي رکي پوءِ جسم جا غير ضروري وار صاف ڪيا. ان بعد هن نوڪرياڻيءَ هٿان سندس بُت کي مڪئي جي اٽي، زيتون جي تيل ۽ هيڊ جي آٽڻ سان مھٽرايو، پوءِ وهنجڻ بعد هن هٿن، پيرن تي ميندي هڻائي ۽ پوءِ آرسيءَ اڳيان بيھي پنھنجين ڇاتين ۽ اندام نھاني تي مينديءَ جا گل چِٽ ڪڍيا، جڏهن مينديءَ جو رنگ پڪو ٿي ويو تہ هن ٻيھر غسل ڪيو ۽ پوءِ ٻانھيءَ کان سڄي جسم تي چنبيليءَ ۽ بادام جي تيل سان مالش ڪرايائين. ان بعد پاڻيءَ ۾ ۾ ’مُر‘ وجهي پنھنجي اندام نھاني ۽ ڪَڇن جي بوءِ ختم ڪرڻ لاءِ مالش ڪيائين، پوءِ مشڪ ۽ گلاب جي پاڻيءَ سان ڌوتائين ۽ آخر ۾ ڳاڙهي ريشم جا ڪپڙا ۽ هيرا جواهر جڙيل زيوَر پائي ٺھي ٺڪي حمزہ نجديءَ جي انتظار ۾ ويھي رهي ۽ ٻانھيءَ کي بالڪني ۾ بيھاري ڇڏيائين. جيئن ئي هَئو مَئو ٽريو، سومھڻيءَ کان پوءِ حمزہ نجدي آيو ۽ کيس ٻڌايل رستي موجب هُو محل جي پوئين پاسي کان بيٺل ٻانھيءَ واري بالڪني سان گڏ اٺ کي بيھاري مٿي چڙهيو، اٺ جي مھار کي بالڪنيءَ سان ٻڌائين ۽ دروازو ٽپي اندر ٿيو تہ هن افرح يمني کي پلنگ تي سندس انتظار ۾ ڏٺو، سا ٽِپ ڏيئي اٿي ۽ سلام ورائي سندس آڌرڀاءُ ڪيائين. پوءِ ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ ائين ٻکجي ويا ڄڻ هڪٻئي کي سالن کان ڄاڻندا ۽ سڃاڻندا هئا. گهڻيءَ دير تائين هڪٻئي کي ڏسي ڀاڪر پائي ٿڌا ساھہ ڀريندا رهيا. حمزہ، افرح جي اکين ۾ ڏسي چيو:
اِذَا مَا الثُّرِيا فِي السَّماءِ تَعَرضۡتِ، تَعِّرُض اُثنَاءَ الو شَاحِ المُفصّل
فَجِئتُ وَقَد نَضّتۡ لِنَو ۾ ثِيَابھا، لَدَي السَّتۡرا اِلاّ لِبَسَة المتفَضَّلِ
(امراءُ القيس)
(مان پنھنجي سھڻي محبوب سان اهڙي وقت ملڻ لاءِ آيس جڏهن آسمان تي تارن ۽ ڪھڪشائن جا ڪنارا ائين پئي چمڪيا ڄڻ موتين جون لڙيون پويل هجن! مان پنھنجي محبوبا وٽ ان وقت وڃي پھتس، جڏهن هن پنھنجا ڪپڙا لاهي ڇڏيا هئا ۽ شب خوابي جي لباس ۾ سنھي پردي پويان بيھي منھنجو انتظار ڪري رهي هئي.)
افرح پوءِ، حمزہ نجديءَ کي ڪُشتا ۽ سونَ جا ورق پيل عشرت انگيز شربت پيئاريو. صوف، انگور ۽ ناسپاتيون ڪَٽي کارايون ۽ پوءِ ٻئي پلنگ تي هليا ويا. ڪلاڪ ٻن کان پوءِ هنن هرڻ جو پڪل گوشت کاڌو ۽ هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي سمھي رهيا. اهڙيءَ ريت هُو ٽي راتيون ۽ ٽي ڏينھن هڪٻئي مان لطف اندوز ٿيندا رهيا.
ٽن ڏينھن بعد حمزہ جڏهن موڪلائڻ جو چيو تہ، افرح سندس جُبي مان جهلي بيھي رهي، سندس اکين مان جُهڙ جُهڙ ڳوڙها ٽِمڻ لڳا ۽ کيس چيائين تہ، ”هُوءَ سندس عشق ۽ محبت ۾ فنا ٿي چڪي آهي، تنھن ڪري هُو جيڪڏهن هن کي ڇڏي ويندو تہ هُوءَ هيرو ڳڙڪائي آپگهات ڪري ڇڏيندي!“ حمزي حيرانيءَ مان سندس گهائيندڙ ڪارين اکين ۾ نھاريو. سندس اکيون چُميون ۽ پوءِ پنھنجيءَ چيلھہ سان ٻڌل خنجر کولي، کيس نشاني طور رکڻ لاءِ ڏنو ۽ ساڻس جلد ئي ٻيھر ملڻ جو واعدو ڪيائين. افرح هن کي سونَ ۾ مڙهيل ياقوت جي منڊيءَ جو تحفو ڏنو ۽ بالڪنيءَ تائين هن جا چَپَ چُمندي رهي تہ حمزہ شعر پڙهيو:
وَمَا ذرفت عيناڪِ الالتضربي، بسهمَيک في اعشار قلب مُقّتَلِ
(امراءُ القيس)
(تنھنجين ٻنھي خوبصورت اکين مان جيڪي ڳوڙها وهندي نظر پيا اچن، اهي منھنجي ڀڳل دل تي تنھنجي نگاهن جا تير آهن، هيءَ دل جيڪا اڳي ئي تنھنجي عشق ۾ ڀِڳل ۽ خوار آهي سا وڌيڪ زخمي ٿي ويئي آهي!)
حمزہ هن کي جلد ئي ٻيھر ملڻ جو واعدو ڪري روانو ٿيو، پر مھينا گذري ويا نہ موٽيو. افرح ڳورهاري ٿي پيئي ۽ روئيندي حمزہ جو انتظار ڪندي، سندس جدائيءَ جو ماتم ڪندي رهي. هن ڪافي ڀيرا مايوس ٿي، سندس ڀيڻ سان خودڪشيءَ جو ارادو ظاهر ڪيو، جنھن تي سندس ڀيڻ پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار جو ٻڌائي کيس روڪيندي رهي. افرح، حمزہ جي جدائيءَ ۾ رات ڏينھن روئيندي رهي، ايسيتائين جو موسم بہ مَٽجي ويئي، پر حمزہ نہ موٽيو. نيٺ نَوَ مھينا پورا ٿيا تہ افرح کي پٽ ڄائو. افرح جي ڀيڻ اهو سڀ ڪجهہ سندس پيءَ کان لڪائيندي رهي. نئين ڄاول ٻار کي هنن هڪڙي پيتيءَ ۾ بند ڪري رات وچ ۾ نوڪرن هٿان سمنڊ ۾ لوڙهائي ڇڏيو ۽ پوءِ حمزہ جي عشق ۽ جدائيءَ ۾ برباد ٿيل افرح وٽس نشاني طور ڇڏيل حمزہ جو خنجر ڪڍيو ۽ پنھنجي دل ۾ کُپائي پنھنجو انت آڻي ڇڏيائين.
- - - - -
صبح جو سوير هڪڙو مھاڻو ٻيڙي ڪاهي سمنڊ ۾ مڇيون مارڻ لاءِ نڪتو ۽ پري تائين هليو ويو تہ هن کي گهاٽي جهنگ واري ٻيٽ جي ڪناري هڪڙي صندوق ٽلڪندي ڏسڻ ۾ آئي. هُو ويجهو ويو تہ ان مان ڪي آواز ٻڌڻ ۾ آيس. هُو ٻيڙي ڪناري ڪري لٿو، صندوق پاڻيءَ مان ڪڍي ٻيٽ تي رکي ان کي کوليائين تہ حيرت ٿيس. پيتيءَ مان هيرن جواهرن جا چمڪاٽ پئي نڪتا ۽ انھن مٿان هڪڙو نئون ڄاول ابھم ٻار پنھنجيون مٺيون ڀڪوڙي روئي رهيو هئو، سندس اکين ۾ پاڻي هئو.
مھاڻو، ٻار ۽ چمڪندڙ هيرا جواهر ڏسي خوشيءَ ۾ گدگد ٿيڻ لڳو. هن سوچيو، هُو هن خوبصورت ٻار کي کڻي پنھنجي گهر ويندو ۽ سندس زال ان کي نپائيندي. هُو اڃان اهو سوچي ئي رهيو هئو تہ هن سندس پويان هڪڙو خوفناڪ آواز ٻڌو تہ هُو ڪنبي ويو.
اهو چراخ جھڙوآواز هئو. آواز ٻڌي هن جو هيانءُ ڦاٽڻ لڳو. هن پويان نھاريو تہ هن کي هڪڙي خوفناڪ ڏائڻ نظر آئي، جيڪا ٽپ ڏيئي بڙ جي وڻ تان هيٺ لٿي تہ هڪڙو چٻرو بہ وڻ مان نڪري اڏامندو، ڪنھن پاسي هليو ويو. ڏائڻ جي مٿي تي ٻہ سڱ هئا ۽ چپن جي مٿان ٻہ چيريندڙ ڏند پئي لڙڪيس ۽ ڳاڙهيون ٽانڊن جھڙيون اکيون ٻَريس پئي.
مھاڻي ڏائڻ کي ڏٺو تہ هڪدم ٻار کي ڇڏي ڊپ ۾ ڊوڙي وڃي سمنڊ ۾ ٽپو ڏنائين. ڏائڻ چِيٽون ڪندي ڊوڙندي آئي ۽ چيائين: ”نڪري ويو! نڪري ويو، منھنجي حد مان نڪري ويو!“ ۽ اچي پيتيءَ مان ٻار کي کنيائين، جيڪو مسلسل روئي رهيو هئو. ڏائڻ ٻيھر پنھنجي ڊيڄاريندڙ آواز ۾ چِيٽون ڪيون ۽ پوءِ ٽھڪ ڏيڻ لڳي. هن جو آواز چراخ جھڙو هئو، جنھن جي ٻڌڻ سان ڊپ ۾ ماڻھوءَ جي دل ويھي رهندي آهي!
ڏائڻ ٿوري دير تائين ٻار کي ٺپرڻ لڳي پوءِ مھاڻي ڏانھن نھاريندي چيائين: ”پاڻيءَ ۾ ٽپ ڏيئي ڀڄي وئين، منھنجي حد کان نڪري وئين، نہ تہ اهر جيڏا داڻا ڪري ڇڏيانءِ ها!“ پوءِ هُوءَ ٻار سميت وڃي وڻ جي ٿُڙ کي ٽيڪ ڏيئي ويٺي ۽ ٻار کي ريجهائڻ ۾ لڳي ويئي. ٿوري ئي دير ۾ مھاڻي ڏٺو تہ اها بدصورت ڏائڻ منجهان هڪڙي خوبصورت اپسرا ۾ بدلجي ويئي، پوءِ هن پنھنجو چولو مٿي ڪري ٻار کي کير ڌارائڻ شروع ڪيو تہ ٻار چُپ ٿي ويو. ڏائڻ جا پير ابتا هئا.
مھاڻو، سمنڊ مان مسلسل هن کي ڏسندو ۽ پاڻيءَ ۾ تڙڳندو رهيو. ٻارَ جڏهن کير پي ڍَءُ ڪيو تہ هُوءَ اُن کي کڻي وڏا وڏا ٽھڪ ڏيندي گهاٽي جهنگ ۾ اندر هلي ويئي. مھاڻو ڪافي دير تائين ڏائڻ جي ٻاهر نڪرڻ جو انتظار ڪندو رهيو پر نيٺ جڏهن گهڻي دير تائين هُوءَ ٻاهر نہ نڪتي تہ مھاڻو سمنڊ مان ٻاهر نڪتو ۽ ڊڄندو ڊڄندو آهستي آهستي ٻيٽ تي ويو ۽ هيرن ۽ موتين سان ڀريل صندوق کڻي تڪڙو واپس وريو ۽ ٻيڙيءَ ۾ ويھي وَنجهہ هلائڻ لڳو.
- - - - -
ٻيٽ تي ٻار، ڏائڻ ۽ هرڻيءَ جي کير تي پلجندو رهيو ۽ جيئن ئي هُو وڏو ٿيڻ لڳو تہ هن کي مٿي تي ٻہ سڱ ڦُٽي آيا، ڏائڻ هن جو نالو ’بنشي‘ رکيو. بنشي جنھن هرڻيءَ جو کير پيئندو هئو، ان جي ٻچي ’ڪاشي‘ سان دوستي رکيائين ۽ پوءِ جهنگ جا سمورا جانور ڊائناسار، هاٿي، لومڙيون، بگهڙ، گدڙ، رِڇ، ڀولڙا، باندر، سُوئر، هرڻ، ڦاڙها، نوريئڙا، چٻرا، سرڻيون، ڪانگ، عقاب، باز ۽ انھن جا ٻچا ٻيٽ تي رهندا هئا، سي سمورا بنشي ۽ ڪاشي جا دوست ٿي ويا! هُو پوءِ سڄو ڏينھن ٻيٽ جي گهاٽي جهنگ ۾ انھن جانورن ۽ پکين سان گڏ ڪچھريون ڪندو ۽ ٽولو ٺاهي گهمندو رهندو هئو. جڏهن بہ بک لڳندي هئس تہ ڪڏهن هرڻين جو کير پيئندو هو، ڪڏهن جهنگلي ميوا، گل، گئونچ کائيندو هو يا وري وڻن تان ماکي لاهي کائيندو هئو ۽ ڪڏهن وري مڪڙ يا آکيرن مان پکين جا آنا ڳولي پيو کائيندو هئو. ڪجهہ ئي سالن ۾ هُو هاڻ شاهي قد سان طاقتور جوان ٿي ويو هئو ۽ هلندو هئو تہ ٻيٽ جي زمين بہ ڌُٻڻ لڳندي هئي. هُو ڊائنا سارس ۽ هاٿين جي مٿان پيو سواري ڪندو هئو ۽ رات جو هُو ڏائڻ جي اُن چُر ۾ وڃي سمھندو هئو، جيڪا ڏائڻ جي کاڌل ماڻھن جي کوپرين سان ڀريل هوندي هئي يا وري ڪنھن گهاٽي وڻ جي ٽارين تي سمھي رهندو هئو، پنھنجي اوگهڙ ڍڪڻ لاءِ هو وڻن جا پن استعمال ڪندو هئو.
هڪڙي ڏينھن بنشي سمنڊ جي ڪناري تي آيو تہ هن ڏٺو اتي هڪڙو شاهي ڪوڏ پيو هئو، جنھن مان هوا تي ڏاڍا زبردست سُرَ نڪري رهيا هئا، هُو ٿوري دير تہ ان کي ڏسندو رهيو ۽ پوءِ ان کي کڻي ڪَن تي رکي سُرَ ٻڌڻ لڳو. ٻيٽ تي هن سمورن جانورن کي ان ڪوڏ مان ڦوڪ سان سُر ڪڍي ٻڌايا ۽ پوءِ جڏهن بہ هُو جانورن کي سڏڻ چاهيندو هئو تہ ڪوڏ کڻي وڄائيندو هئو تہ سمورا جانور توڙي پکي هِتان هُتان ڊوڙندا ۽ اڏامندا هن وٽ پھچي ويندا هئا. هُو نہ رڳو جانورن ۽ پکين جون ٻوليون سمجهندو هئو، پر ساڻن سندن ٻولين ۾ ڳالھائيندو پڻ هئو. ڪاشي تہ سڄو ڏينھن هن سان گڏ گڏ هوندو هئو.
هڪڙي ڏينھن بِنشي ۽ سندس دوست ڪاشي ٻيئي هڪڙي پٿر تي ويھي گهلندڙ هوا تي ڪوڏ مان موسيقي ٻڌي ۽ ڪچھري ڪري رهيا هئا تہ اوچتو هڪڙي شينھن ٽپو ڏيئي ڪاشي تي حملو ڪيو ۽ چنبو هڻي ان جا آنڊا ڪڍي وڌائين ۽ پوءِ ان کي گهلي پنھنجي ڪڇار طرف کڻي وڃڻ لڳو تہ بِنشي پھرين تہ حيران ٿي ويو. هن کي سندس دوست ڪاشيءَ جي اکين ۾ بيوسيءَ جا اولڙا ڏسي ايترو تہ ڏک ٿيو جو هن هڪڙو پٿر کڻي شينھن ڏانھن اڇلايو، جنھن سان ڪو فرق نہ پيو تہ هُو ڪافي دير تائين روئيندو رهيو.
بنشي جڏهن اها ڳالھہ ڪاشي جي ماءُ هرڻيءَ کي ٻڌائي تہ پھرين تہ هُوءَ اداس ٿي ويئي ۽ هن جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا ۽ پوءِ بنشي کي چيائين: ”پٽ! دنيا ۾ ڪو انصاف ڪونھي، هر طاقت اڳيان ڪمزوري، حقير ۽ مجبور آهي! لڳي ٿو، اسان هرڻن کي شينھن جي خوراڪ لاءِ ٺاهيو ويو آهي!“
هُو ٻئي ڄڻا ڪافي دير تائين گڏجي ڪاشيءَ لاءِ روئيندا رهيا. بنشي سوچيو: ’ائين ڇو آهي جو ڪمزوري، طاقت اڳيان حقير آهي؟‘ پر ان جو هن وٽ ڪو بھتر جواب نہ هئو.
سڄي جهنگ ۾ اها خبر باھہ جيان پکڙجي ويئي تہ بنشي جي دوست ڪاشي کي شينھن کائي ويو آهي.
ٻن ڏينھن تائين بنشي نہ ڪجهہ کاڌو نہ پيتو ۽ روئي روئي مُنھن سُڄي پيس. جڏهن هن روئڻ بس ڪيو تہ هن ڏائڻ کي ڳوليو، جيڪا سندس غار ۾ سمھي کونگهرا هڻي رهي هئي.
هن ڏائڻ کي ٻڌايو تہ، ”هُن جي دوست ڪاشي کي شينھن کائي ويو آهي ۽ هاڻ جيستائين هُو شينھن کي ماري بدلو نہ وٺندو تيستائين سک نہ ايندس!“
ڏائڻ پھرين تہ غار مان ٻاهر نڪري جهنگ ۾ هُوڪريا ڪيا. هن جو آواز چراخ جھڙوهئو ۽ اکين مان ٽانڊن جھڙي روشني پئي نڪتس. ڏائڻ پوءِ ڪجهہ دير تائين بنشي جو هٿ وٺي چميو ۽ ان سان پنھنجي پيار جو اظھار ڪيو. کيس ڳلن تي چميون ڏنيون تہ هن جي چپن مان گگ وهڻ لڳي. ان بعد هُوءَ هڪڙي پٿر تي چڙهي بيٺي ۽ سمنڊ ڏانھن منھن ڪري بلند آواز ۾ هڪڙو منتر پڙهڻ لڳي تہ سمنڊ ۾ ڀئونچال اچي ويو پوءِ هڪڙو زبردست تير ڪمان ۽ چِلڪندڙ ڀالو هن اڳيان اچي ڪريا، جنھن تي هن خوش ٿي ٽھڪ ڏنا ۽ بنشي کي چيو: ”هي جادو ئي هٿيار کڻ ۽ وڃ وڃي شينھن کي مار!“ هن بنشي کي هٿيار کڻي انھن جو استعمال بہ سمجهايو ۽ کيس هڪڙو منتر بہ سيکاريو:
’اوم گام گانا پتي نمھا!‘
’اوم، ماني پدم هيم... اوم نمو ڀاگاوتي رکمني ولڀا يا سوها، اوم گام گانا پتي نمھا!‘
’اوم ڀور ڀووا سورتت ساويتور ورنيم ڀارو ديوسيا ڌيمي ڌيميو يونہ پرچوديات!‘
ڏائڻ ٻيھر بنشي کي چيو: ”هي طاقتور هٿيار توکي نہ رڳو شينھن کي مارڻ ۾ آساني پيدا ڪندا پر تنھنجي اڳيان ايندڙ هر دشمن کي نيست نابود ڪري ڇڏيندا. تنھنجي قوت ۾ اضافو ڪندا ۽ توکي تنھنجن دشمنن تي غالب آڻيندا. ڏائڻ پوءِ ٽھڪ ڏنا ۽ پنھنجي غار ڏانھن سمھڻ لاءِ هلي ويئي.
ٻئي ڏينھن بنشي شينھن کي مارڻ جي تياري ڪئي ۽ ڪوڏ کڻي وڏي سڏ وڄايائين تہ سمورا جانور هرڻ، گدڙ، بگهڙ، هاٿي، سوئر ۽ لومڙيون باندر ۽ پکين جا ولر اچي مِڙيا، جهنگ ۾ چهچٽو مچي ويو. جن ۾ ڪانگ ۽ ڪٻريون گهڻو گوڙ ڪري رهيا هئا! پوءِ سمورا لشڪر ٺاهي بنشي سان گڏ شينھن جي ٻِر ڏانھن هلڻ لڳا. بنشي، هاٿيءَ جي پٺيءَ تي چڙهيل هئو. نيٺ سمورا جڏهن شينھن جي ٻِر تي پھتا تہ بنشي وڏي سڏ ڪوڏ وڄايو ۽ ڪانوَ لڙ مچائڻ لڳا تہ گوڙ تي شينھن ٻاهر نڪتو ۽ جهنگ جي سمورن جانورن ۽ پکين کي سندس ڏر اڳيان گڏ ٿيل ڏسي حيران ٿيو. بنشي سندس ئي ٻوليءَ ۾ کيس سندس پياري دوست ڪاشي کي مارڻ جو ٻڌايو ۽ ساڻس مقابلو ڪرڻ جو چيو تہ شينھن پھرين تہ لاپرواهيءَ ۾ مٿس ترڇي نظر وجهي اوٻاسي ڏني، پوءِ سمورن کي ڊيڄارڻ لاءِ گجگوڙ ڪئي تہ سمورا جانور ۽ پکي ٻنھي جي مقابلي لاءِ ميدان تي گهيرو ٺاهي بيھي رهيا! بنشي، هاٿيءَ کي اشارو ڏنو تہ اهو ويھي رهيو تہ هُو ٽپ ڏيئي ان تان لٿو ۽ ميدان ۾ اچي شينھن کي للڪارڻ لڳو. سندس هٿ ۾ جهليل جادوئي ڀالي مان چمڪاٽ نڪري رهيا هئا ۽ تير ڪمان سندس ڪلھي تي لڙڪي رهيا هئا.
شينھن جڏهن اها صورتحال ڏٺي تہ پھرين تہ ڏاڍي ڪاوڙ آيس ۽ بنشي ۽ ساڻس گڏ آيل جانورن کي گهٽ وڌ ڳالھائڻ لڳو، پوءِ هن ڪاوڙ ۾ پنھنجو پڇ ڦيرائي زمين تي سٽيائين ۽ مقابلو ڪرڻ لاءِ ميدان ڏانھن وڌيو. هن جي اکين ۾ سخت ڪاوڙ هئي. سمورا جانور ۽ پکي رڙي رنڀي ۽ نعرا هڻي رهيا هئا ۽ پنھنجين پنھنجين ٻولين ۾ ڀانت ڀانت جون ڳالھيون ڪري رهيا هئا. شينھن کي ڪاوڙ ۽ غيرت آئي، هُو ميدان ۾ آيو ۽ اکيون ڪرڙيون ڪري جانورن ڏانھن نھارڻ لڳو ۽ ڪاوڙ ۾ چيائين: ”توهان سڀني کي ڇا ٿيو آهي؟ جهنگ ۾ رهندڙ هرڻ کي ماري کائڻ منھنجو فطري حق آهي!“ ڪانوَ لڙ مچائي هڪڙن وڻن تان ٻين ڏانھن اڏامي رهيا هئا. جهنگ جي تاريخ ۾ اهو پھريون ڀيرو هئو جو شينھن خلاف جنگ جو اعلان ٿيو هئو ۽ سمورا جانور مقابلي ڏسڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا.
شينھن جي ڳالھہ ٻڌي ڪاوڙ ۾ بنشي جو منھن ڳاڙهو ٿي ويو ۽ اکين مان چڻنگون نڪرڻ لڳس ۽ چيائين: ”او معتبر شينھن! ڪاشي منھنجو دوست هئو ۽ توکي ڪو حق نٿي پھتو تہ تون منھنجي دوست کي ماري کائين!“ بنشي جيئن ئي قدم کڻي زمين تي رکيو ٿي تہ زمين ڌُڏي ٿي ويئي. هاڻ شينھن ۽ بنشي مقابلي لاءِ ميدان ۾ آمھون سامھون هئا. شينھن، بنشي جو زبردست ورزشي بدن ڏٺو تہ ڏاڍو مايوس ٿيو ۽ وري هن جيئن ئي سندس هٿ ۾ چلڪندڙ جادوئي ڀالو ڏٺو تہ کيس ڏڪڻي وٺي ويئي. بنشيءَ وڏي رڙ ڪري شينھن کي للڪاريو ۽ چلڪندڙ ڀالو کڻي سڌو ڪيو تہ شينھن ڊڄي ويو، سندس اکين ۾ خوف مِڙي آيو پوءِ هُو مڙيو، پُٺي ڏنائين، سندس ڪاوڙ ۾ وٽيل پڇ سڌو ٿي ويو، جانورن جو گهيرو ٽوڙيندو وٺي ڀڳو ۽ ڊوڙي وڃي سندس ڪڇار ۾ لڪو!
سمورا جانور توڙي پکي اهو ڏسي حيران ٿي ويا ۽ شينھن جي گيدي پڻي تي کيس سندس ڏر ٻاهران بيھي ڦِٺ لعنت ڪرڻ لڳا. خاص ڪري ڊائناسار ۽ هاٿي مٿس گهڻي ڦٺ لعنت ڪري شينھن کي سندس ٻِر مان نڪرڻ لاءِ چئي رهيا هئا. نيٺ لومڙي آئي ۽ شينھن جي ڏر ڀر سان بيھي کيس شرم ڏيارڻ لڳي: ”او شينھن شير خدا جا!.. جهنگ جا بادشاھہ، ٻاهر نڪر ۽ بنشي سان مقابلو ڪر! زندگي موت الله جي هٿ ۾ آهي... پنھنجي نسل کي نہ لڄاءِ!“
شينھن اندران ئي جواب ڏنو: ”مان قطعي ٻاهر نہ ايندس. بنشي مون کي ماري وجهندو!“ تہ هاٿيءَ پھرين پنھنجي سونڊ مٿي ڪري اوناڙ ڪئي، جيڪا سڀني جانورن ٻڌي ۽ پوءِ پنھنجيون ننڍڙيون اکيون ڇينڀيندي چيائين: ”دنيا ۾ طاقت جو ڪو ڇيھہ ڪونھي! هر طاقت جي اڳيان ٻي طاقت بند ٻڌيو بيٺي آهي! هر طاقت کان ٻي وڏي طاقت موجود آهي، پر طاقت جو ڪو ڇيھہ ڪونھي! ان ڪري ڪابہ طاقت اصل طاقت ڪانھي، وڏي ۾ وڏي طاقت بہ ڪٿي نہ ڪٿي هيڇ آهي.“ تہ سمورا جانور اهو ٻڌي چپ ٿي ويا.
بنشي ڪافي دير تائين شينھن کي ٻاهر اچڻ لاءِ ڌمڪائيندو رهيو پر شينھن ٻاهر نہ نڪتو تہ وري سمورن جي ڳالھائڻ جي ڪري گوڙ وڌي ويو ۽ نيٺ بنشي هڪڙو شاهي پٿر کڻي آيو ۽ اچي شينھن جي ڏر مٿان رکيائين ۽ ان کي بند ڪري ڇڏيائين!
”هاڻ تنھنجي اها ئي سزا آهي، جهنگ جا بادشاھہ، هاڻ تون مري اتي ئي پساھہ پورا ڪندين! هاڻ ڀلي پيو دانھون ڪر، روءُ ۽ رنڀ!“ بنشيءَ سھڪندي ڪاوڙ ۾ ڳالھايو ۽ پوءِ هاٿيءَ تي چڙهي سمورن جانورن ۽ پکين جي قافلي سان گڏ واپس آيو ۽ اچي وڏي وڻ جي هيٺان ويٺو، جتي چٻرن جا آکيرا هئا. گهڻي دير تائين سمورا ڄڻا اڄوڪي واقعي تي ڳالھائيندا رهيا. هرڻيءَ چيو: ”جڏهن طاقت ۽ مغروري گڏبا آهن تہ پوءِ ائين ئي ٿيندو آهي!“ ۽ پوءِ سمورا جانور، بنشي ۽ پکي ٽڙپکڙ ٿي ويا.
- - - - -
شام جو تڪڙو تڪڙو هڪڙو ٻيڙو سمنڊ ۾ واءُ مينھن ڪندو ترندو آيو ۽ اچي ٻيٽ ڀر سان رڪيو. جنھن مان جلدي جلدي ڪافي ماڻھو لٿا. جن ۾ ڪجهہ عورتون پڻ هيون ۽ ان شاهي وڻ جي هيٺان اچي ڊاٻو ڪيائون، جنھن ۾ چٻرن جا آکيرا هئا. انھن مان ڪجهہ ماڻھن تڏا وڇايا ۽ انھن تي ويھي آرام ڪرڻ لڳا ۽ ڪجهہ ماڻھن باھہ ٻاري کاڌو رڌڻ شروع ڪيو. ڪي پاڻيءَ جي ڳولا ۾ جهنگ اندر جهرڻن تائين ويا ۽ پاڻي ڀري آيا. هڪڙو چٻرن جو جوڙو وڻ تي ويھي انھن ماڻھن جي ڪچھري ٻڌي رهيو هئو: انھن ۾ هڪڙو شھزادن جھڙوشخص هئو، جنھن جو نالو نيڪتاريوس هئو. هُو سڀ پائلوس شھر مان ڪھي هتي آيا هئا ۽ ڪئين ڏينھن کان ٿرمائڪ گلف مان سفر ڪندا، هتي پھتا هئا ۽ ٻيٽ تي ان ڪري لٿا هئا جو سمنڊ ۾ طوفان اچي رهيو هئو. هنن جي هيءَ مھم شھزادي نيڪتاريوس جي سربراهيءَ ۾ هُئي، جيڪو پائلوس شھر جي بادشاھہ استاما جو ڀائيٽيو ۽ اتان تخت جو وارث هئو، پر استاما سندس ڀاءَ ۽ نيڪتاريوس جي پيءَ جي مرڻ تي حڪومت تي قبضو ڪري ويھي رهيو هئو ۽ هاڻ نيڪتاريوس جڏهن جوان ٿي کانئس حڪومت جي گهر ڪئي تہ سندس چاچي کيس ستن سمونڊن جو سفر ڪري ڪارٿيج شھر جي علائقي وڃي اُتان جي مندر مان پيونڪ ديوي ’تانيت‘ جي گلي ۾ پيل مقدس هار آڻڻ جو شرط لاڳو ڪيو هو، ان ڪري هُو سمورا نيڪتاريوس سان همراهيءَ ۾ اهو قيمتي ۽ مقدس هار حاصل ڪرڻ لاءِ نڪتا هئا، پر تانيت ديوي جي مندر مان اهو هار چورائڻ کان پھرين اتي پھرو ڏيندڙ خوفناڪ شينھن سان مقابلو ڪرڻو هو! جيڪو ان مندر ڏانھن ويندڙ ماڻھن کي کائي ڇڏيندو هو!
وڻ مٿان ويٺل چٻرن جي جوڙيءَ، جو اها ڳالھہ ٻڌي تہ هڪدم اڏامي بنشي کي ڳولڻ لڳي، بنشي ان وقت صوف ۽ جهنگي نارنگيون پٽي رهيو هئو. هُو ٻئي وڃي صوف جي وڻ تي ويٺا ۽ کيس ٻيٽ تي آيل مسافرن ۽ شھزادي نيڪتاريوس جي خطرناڪ مھم بابت ٻڌائڻ لڳا.
بنشي جڏهن صوف ۽ نارنگيون کائي واندو ٿيو تہ وڏي وڻ ڏانھن وڃڻ لڳو پري کان ئي اتي ويٺل ماڻھن جي جڏهن بنشي تي نظر پيئي تہ سندس مٿي تي سڱ ڏسي ڊڄي ويا ۽ سمجهيائون ڪو ديوِ ٿو اچي. بنشي قدم کڻي جيئن ئي پٽ تي ٿي رکيو تہ ڌرتي ٿي ڌُڏي، سڀ ڄڻا ڊپ ۾ وڻ تي چڙهي ويا ۽ ٽارن تي ويھي ڏڪڻ لڳا.
بنشي وڻ هيٺان اچي هنن سان پھرين سندس جهنگلي ٻولي ۽ پوءِ اشارن ۾ ڳالھائڻ لڳو، پر هنن کي ڪجهہ بہ سمجهہ ۾ نہ آيو ۽ هُو تمام گهڻا پريشان ٿي ويا! بنشي کي اتي ڏسي ڀولڙا، گدڙ، بگهڙ، هرڻ، رڇ، لومڙيون، چانھہ پکي، طوطا، ڪٻريون ۽ ڪانوَ مِڙي آيا.
نيٺ هڪڙي پوڙهي ۽ جھانديدہ لومڙي مسافرن سان ڳالھائيندي کين ٻڌايو تہ، ”بنشي ٻيٽ تي موجود سمورن جانورن جو ديوتا آهي ۽ توهين سڀ اسان جا مھمان آهيو. توهين مھرباني ڪري هيٺ لھو تہ توهان جي خاطر تواضع ڪئي ويندي.“ نيڪتاريوس سان گڏ ان جون ٻہ سھڻيون زالون ۽ چار ٻانھيون ۽ هڪڙي ٻلي بہ هئي.
پوءِ سڀ کان پھرين ڊڄندي ڊڄندي نيڪتاريوس، ان جون ٻہ زالون، ٻانھيون ۽ ٻلي وڻ تان لٿا ۽ ان بعد ٻيا ماڻھو بہ هيٺ لھي آيا تہ بنشي جهڪي سندن آڌرڀاءُ ڪيو، ان بعد رڇ ۽ ڀولڙا ويا ۽ جهنگ مان ماکي، نارنگيون، صوف پٽي آيا ۽ سمنڊ مان مڇيون ماري هنن لاءِ کڻي آيا. ٻليءَ بہ لومڙي ۽ ڀولڙي سان خوب ڪچھري ڪئي.
آهستي آهستي بنشي ۽ سڀ جانور اتي آيل مسافرن جا دوست ٿي ويا. مسافرن وري بنشي کي سندن رڌل کاڌا کارايا تہ هُو ڏاڍو حيران ٿيو ۽ پنھنجيون آڱريون چٽڻ لڳو. رات جو سمورن هڪٻئي کان موڪلايو ۽ سڀ وڃي سُتا.
صبح ساجهر سڀ ماڻھو ننڊ مان اٿيا تہ ڏٺائون تہ سندن هڪڙو ماڻھو گم هئو. سڀ ڪافي حيران ٿيا ۽ جهنگ ۾ ان کي ڳولڻ لڳا.
اها خبر جڏهن بنشي کي پيئي تہ هُو پاڻ بہ انھن مسافرن سان گڏجي سندن ماڻھوءَ کي ڳولڻ لاءِ نڪتو، سڀ ڄڻا ٻيٽ تي جهنگ ۾ سڄو ڏينھن ماڻھوءَ کي ڳوليندا رهيا پر شام تائين مسافر ڪونہ لڌو تہ سڀ پريشان ٿي ويا!
سڀ جانور ٽوليون ٺاهي ان واقعي تي تبصرو ڪرڻ لڳا ۽ انومان ڪڍڻ لڳا تہ همراھہ ڪٿي ۽ ڪيئن گم ٿيو؟ سڀ سوچي سوچي ٿڪجي پيا پر ڪنھن کي بہ ڪا ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ آئي.
ٻي رات ٿي تہ سمورا پريشانيءَ ۾ وڃي سُتا ۽ صبح جو اٿڻ سان وري مھمانن ۾ ٻڙڌڪ مَتو پيو هئو. اڄ وري هنن جو ٻيو ماڻھو گم هئو.
سمورا حيران هئا تہ هنن سان هي ڇا ٿي رهيو آهي؟ سڄو ڏينھن ان کي بہ ٻيٽ تي ڳوليندا رهيا پر نہ لڌو. مسافرن ۾ ڏاڍي بي چيني پکڙجي ويئي. نيڪتاريوس ۽ سندس ماڻھو سخت پريشان هُئا. ٽين رات هُو سُتا تہ هنن جو ٽيون ماڻھو گم ٿي ويو تہ سڀني کي ڏندين آڱريون اچي ويون.
(هلندڙ)