(سفر بخير) ڇھہ ڇھہ پئسا، ٻہ ٻہ پايون : صلاح الدين پنھور
صلاح الدين ولد حڪيم محمد صالح پنھور، دادوءَ جو جادو آهي...
اٺين جون 1947ع تي ’ڳوٺ ابراهيم پنھور‘ ۾ محترم حڪيم محمد صالح پنھور جي اولاد ۾ چوٿون نمبر ماڻيندي، هُن اکيون کوليون. ٽن ڀائرن عبيدالله، صلاح الدين ۽ مصطفيٰ ڪمال ۽ ٽن ڀينرن پنھنجي والدِ محترم جي حڪمت واري پيشي کي پنھنجي حياتيءَ جي حڪمت ۾ اڳ اڳرو ڏٺو. سائين حڪيم محمد صالح پنھور، ان دور ۾ ’دهليءَ‘ مان حڪمت پڙهي آيا هئا، جتي جڳ مشھور عالم، سائين مرحوم علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي‘ جي صحبت کيس هڪ ڪلاس فيلو جي صورت ۾ نصيب ٿي.
صلاح الدين پنھور پنھنجي پرائمري تعليم ’پرائمري اسڪول غريب آباد دادو‘ مان حاصل ڪئي. ’طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادو‘ مان 1963ع ۾ مئٽرڪ ۽ ’گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو‘ مان 1967ع ۾ انٽرميڊيٽ جا امتحان پاس ڪيائين. هن 1969ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ بي اَي جو امتحان پاس ڪيو، جنھن کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سيڪنڊ ڪلاس ٿرڊ پوزيشن ماڻيندي، ’سوشل ورڪ‘ جي شعبي ۾ ماسٽرس ڪئي.
1972ع ۾ ’سوشل ويلفيئر آفيسر‘ لاڙڪاڻو مقرر ٿيو. جنھن کان پوءِ 75-1974ع ۾ ’دوڙ‘، 1975-1981ع تائين ’مورو‘ ۾ سوشل ويلفيئر آفيسر رهيو. جنھن کان پوءِ ’سانگهڙ‘ ۾ ’ڊسٽرڪٽ فيلڊ آفيسر‘ جي حيثيت سان جوائن ڪيائين، جنھن کي تنھن زماني ۾ ’سپروائيزر‘ بہ سڏبو هو. 1983ع ۾ سندس بدلي دادوءَ ۾ ٿي، جتي سال 2001ع تائين رهيو. ان وچ ۾ پاڻ ٻہ ڀيرا ’ڊپٽي ڊائريڪٽر لاڙڪاڻو ڊويزن‘ بہ رهيو. سال 2001ع کان 2007ع تائين ڪراچيءَ ۾ ’ڊپٽي ڊائريڪٽر ائڊمنسٽريشن‘ بہ رهيو، جتان ستين جون 2007ع تي ريٽائر ڪيائين.
پنھور صاحب پنھنجي دور ۾ مشھور ڊبيٽر هيو. سندس تقرير ڪرڻ جو انداز يگانو هو. جنھن ڄڻ تہ کيس مضمون نويسي ۽ شاعريءَ واري پاسي بہ قوت ڏياري ڇڏي. ’عبرت‘ اخبار پاران 1967ع ۾ ڪيل ’ڪل ٻارڙا ڪنوينشن‘ ۾ شرڪت ڪرڻ کان پوءِ هُن ’پير مظھر‘ جي ادارت ۾ نڪرندڙ مشھور صفحي ’ٻارن جي ٻاري‘ ۾ لکڻ شروع ڪيو.
سندس تحرير جيتوڻيڪ ڇڙوڇڙ آهي ۽ ڪنھن بہ هڪ جاءِ تي گڏيل صورت ۾ موجود ناهي، پر سندس اجازت سان فيسبُڪ تان کنيل سندس قسطوار تحرير سادگيءَ جو ڪمال موھہ ساڻ رکي ٿي. ڪنھن چيو، ”’امرتا‘ کي ڇا ٿيو آهي! هِتان هُتان پُورائو ڪري، پَنن جو پيٽُ ڀري، الاءِ ڪھڙيون ڪھڙيون شيون ڇپجي سامھون اچن ٿيون.“ ڪَج بحثي چڱي نہ هوندي آهي، لحاظ ساڻ هجي تہ ڪنڌ جُهڪيل ئي سُونھي ٿو، پر صلاح الدين صاحب جي هن تحرير کي ڏسي، ڇاپڻ مھل دل چيو تہ، انھن سڀني کي عرض ڪجي تہ هي بہ نثر جو هڪڙو انداز آهي، جيڪو پنھنجي سادي اسلوب، نرم خُو ٻولي، بي ساختگي ۽ بيانيہ انداز ۾ ڪمال حيرتون ساڻ کڻي اچي ٿو.
ڳالھہ کي ڊگهو ناهي ڪرڻو... سائين ڪو ’سنڌباد جھازي‘ تہ ڪونھي، پر بھرحال صلاح الدين پنھور ضرور آهي، جيڪو جيئن ڳالھائي ٿو، تيئن ئي سندس تحرير بہ ڳالھائي ٿي.
هڪ مختصر سفر جو قصو، جيڪو پوين پنجن ڏهاڪن جي ياد کي ڀاڪر ۾ ڀري آيو آهي.
____________________________________________________
1971ع جي آخر ۾ رزلٽ آئي. ماسٽرس آف سوشل ورڪ جي... مس زيب النساء شيخ پھرين پوزيشن، مسٽر علي نواز ڪلھوڙو ٻين پوزيشن، صلاح الدين پنھور ٽين پوزيشن حاصل ڪئي.
ھاڻي ٿياسين پڙھائيءَ کان واندا، سو سواءِ سمھڻ ۽ گهمڻ جي ڪم رھيو ڪونہ، وحدت ڪالوني حيدرآباد ۾ چاچي نُور محمد پنھور، جيڪو اتي ايگريڪلچر ايڪسٽينشن ۾ سپرينٽنڊنٽ ھو ۽ اَي ٽائيپ ڪوارٽر مليل ھيس ۾ رھندا ھياسين. وحدت ڪالونيءَ ۾ دادوءَ جا ڪافي دوست ۽ ٻيا سڃاڻون ھيا. اتي ڪيترائي ڊراما ڪياسين. جن ۾ ھيروئين جو ڪردار ھڪ ڪرسچن ڇوڪري ڪندي ھئي، مان بہ اھم ڪردار ادا ڪندو ھوس. ناچ ۾ منھجي ساٿي اھا ڪرسچن ڇوڪري ھئي، جنھن جي ماءُ سينٽ ميريز ھاءِ اسڪول تلڪ چاڙهيءَ تي ڪم ڪندي ھئي.
هڪڙو دائودپوٽو خاندان رھندو ھيو، جيڪو اليڪٽرڪ واپڊا ۾ اڪائونٽنٽ ھو. سندس پٽ جو نالو وسري ويو آھي، سٺو ڪوريوگرافر ۽ ناچ ڪندڙ ھيو. غلام علي سومرو بہ اتي ڪجهہ وقت آيو ۽ ڊرامي ۾ جن يا ديوَ جو ڪردار ادا ڪندو هو. مڙئي وقت گذريو.
ڊسمبر ۾ پاڪ انڊيا جي جنگ لڳي. اخبار ۾ اشتھار نوڪريءَ جو بہ آيو اپلاءِ ڪيوسين... زيب النساء شيخ، صلاح الدين پنھور، شمس شيخ (زيب النساء شيخ جي ننڍي ڀيڻ، علي نواز ڪلھوڙو... انٽرويو بورڊ جو چيئرمين مشھور بيوروڪريٽ عثمان علي جِي عيساڻي ھيو. سيد ولي محمد شاھہ، اپلاءِ شايد نہ ڪيو، ڪلھوڙي کان سواء سڀني ڪواليفاءِ ڪيو. سوشل ويلفيئر آفيسر لاءِ دادوءَ مان فاوق سولنگي، پرائيوٽ سوشيالاجيءَ ۾ ماسٽرس ڪري، اچي انٽرويو ۾ شريڪ ٿيو ۽ ڪواليفاءِ ڪري ويو.
سو چڙھياسين نوڪرين تي... منھنجي چاچي کي تہ خبر ھئي نوڪريءَ جي، باقي دادوءَ ۾ بابا وارن کي ٽرين تي لاڙڪاڻي ويندي خبرڪيم. منھنجي پوسٽنگ لاڙڪاڻي ڪميونٽي ڊولپمينٽ اربن آفيس ۾ ٿي. اھا تاريخ ھئي ڏھين مارچ 1972ع.
ڪوٽڙيءَ کان رات ٻارھين وڳي ھڪ لوڪل ڇَڪڙو ٽرين ھلندي ھئي، حيدرآباد مان ڪوٽڙيءَ ڪنھن رڪشا يا ڇھن ماڻھن واريءَ رڪشا ۾ چڙھبو ھو جيڪا ڪوٽڙيءَ جي ٽانگا اسٽينڊ تي ڇڏيندي ھئي. ان وقت ڪي ٻہ چار بيڪار بسون ھلنديون ھيون حيدرآباد کان دادوءَ تائين، جي ھر ٻئي ميل تي بيھي مسافر کڻنديون ھيون. دادو سئو ميلن جو فاصلو ڪي اَٺ ڪلاڪ، اڃان بہ مٿي وٺندي ھئي. ان ڪري ڪوٽڙيءَ کان ٽرين تي چڙھي، دادو... لاڙڪاڻو... سکر... شڪارپور... جيڪب آباد وڃبو ھو. ٽريڪ تي مٽيءَ جو طوفان اڏائيندَي، جبل، ويرانا، ڪجهہ ساوڪ وارا علائقا ايندا ھيا، جتي جوئر جو فصل يا ڪي لَيُون، سَرَ، جهنگلي ٻوٽا نظر ايندا ھيا. ڳوٺ پري پري ھوندا ھئا. ٽرين سن تي اچي پاڻي ڀريندي ھئي يا مانجهند تي.
استادن جي پڙھايل جاگرافي واريون اسٽيشنون، دادوءَ حد ۾ ھيون، ٻولھڙي، ڪوٽڙي، ڄامشورو، پيٽارو... جتي ھڪ ڪيڊٽ ڪاليج مشھور ھيو، جتان شاگرد اچي ڪاليج جي بس تي چڙھڻدا ھيا. اتي ٽرين تمام احتياط سان بيھندي ۽ ھلندي ھئي، جو ڪاليج جا ڇوڪرا وڏن ماڻھن جا ٻار ۽ ملٽري ٽريننگ وارا ھيا. ھڪ استاد فوجي ڪپڙن ۾ پليٽ فارم تي ڇوڪرن جي چڙھڻ ۽ لھڻ کي نظر ۾ رکندو ھيو. اسٽيشن ماسٽر، ٽڪيٽ چيڪر ۽ ٻيو عملو پوليس ريلوي واري الرٽ ھوندي ھئي، باقي جَي ڇوڪرن جو ڪاليج کليل ھوندو ھو تہ چند مسافر لھندا چڙھندا ھيا.
پيٽاري کان گاڏي انڙپور، ٻڍاپور، مانجهند، کُماڻ، سن، آمري، لڪي شاھہ صدر، جتي شاھہ صدر جي مزار آھي ۽ اولھ طرف مٿي جبل تي اولھ اتر گرم گندرف وارو پاڻي ھوندو ھيو، جتي چمڙيءَ جي خارش وارا مريض اچي، سنان ڪندا ھيا ۽ دٻن ۾ پاڻي ڀري گهر کڻي ويندا ھيا. چشمن ۾ مردن ۽ عورتن لاءِ الڳ پورشن ھيو، ھتي قديم دؤر جا ٻُڌ، جَين مَت جا ننڍڙا مندر بہ موجود ھيا. ھن جاءِ تي پھچڻ لاءِ اوٺار اٺ ڪاھيو بيٺا ھوندا ھيا. غريب غربو پنڌ، ميل ڪي ڇھ ست ڪوھہ چڙھندو ھيو. لڪيءَ کان اڳ آمريءَ جا ڪجهہ دڙا ٽرين مان نظر ايندا ھيا. مشھور پينٽر اسڪلپچر ٺاھيندڙ ’سائين ظفر ڪاظمي‘ اتان جا رھاڪو ھيا.
سن، سنڌ جي سياست جو معتبر مقام ھو. ٽرين سن تي اچي بيٺي، اوڀر طرف سن شھر جيڪي ڪجهہ ميل اندر، قريبن سنڌو درياھہ جي ڪناري تي آھي. سن جي محترم سيد جي حويلي ۽ مھمانن لاءِ اوطاق، درياھہ ڪنڌيءَ تي آھي. ساوڻيءَ ۾ اوطاق جي ڀتين سان پاڻي اچي لڳندو آھي ۽ چنڊ ان ۾ غوطا ڏيندو سنڌوءَ جو ساکي رهندو آھي. سيد سائين مھمان نواز ۽ مانُ ڏيندڙ ھستي، لکون ڇا... اسان پاڻ ان جا ساکي آھيون. شاگرد وڏا ننڍا ھتي مانُ وٺي ويندا آھن. سياست جي سِکيا جو مرڪز آھي. سن اسٽيشن جي اولھ اتر ۾ دنيا جو وڏو ڪوٽ... رني ڪوٽ واقع آھي. جتي سياح اچي قديم ماڻھن جي اڏاوت کي ڏسي تعجب کائيندا آهن... رني ڪوٽ سن کان ڪي ٻارنھن ڪوھہ کن يا مٿي، جبل جي مٿان ھڪ عجوبو آھي. جنھن کي ڪي ٽي کن دروازا اچ وڃ لاءِ آھن. سن گيٽ، شير پير دروازو... ٽئين جو نالو ياد ناھي.
سن گيٽ کان گهڙبو تہ ميري ڪوٽ ۾ داخل ٿبو. رني ڪوٽ جي ايراضي ڪا چويھ چورس ميل آھي. ھتي فوجين، اناج ۽ اميرن جون ڪوٺيون موجود آھن. داخلي دروازو پٿر جي خوبصورت چٽساليءَ سان ٺھيل آھي. ميري ڪوٽ ۾ دودو ڊسٽرڪ ڪائونسل جو ھڪ ڪوٺيءَ وارو ريسٽ هائوس آھي. ان وقت اتي ڪو مينگل چوڪيدار ھيو. لوھہ جون کٽون. ھنڌ بسترا ۽ مانيءَ جو انتظام ڪندو ھيو. سِيڌو ۽ مٺو پاڻي گڏ کڻبو ھيو. کير ريڍو يا ٻاڪرو ھوندو ھيو. دٻن وارو کير ان وقت ڪونہ ھيو، باقي سُڪل کير کڻي وڃبو ھيو. ڪاٺين تي چانھ مانيءَ جو چَسُ ڏاڍو سوادي ھوندو ھيو. رني ڪوٽ مٿان اڏامندڙ جھاز کٽ جيترا نظر ايندا ھيا. ڪجهہ ٻاجهريءَ جو فصل، ڪجهہ ڪڻڪ، ڪجهہ سبزيون نظر اينديون ھيون.
رات جو چنڊ چلولايون ڪندو ھيو. اتي رات گذارڻ جو رومانس ڪڏھن ڪونہ وسرندو. ويڪريءَ ڀت تي گِلم وڇائي، راڳ سُريلو يا بي سُرو ڳائڻ جو پنھجو مزو ھوندو ھيو.
نوڪريءَ جي سفر ۾ ھي ساروڻيون لکڻ سان جواني ديواني مستانيءَ جي ور چڙھي ويو آھيان.
ڳالھ پئي ھلي رني ڪوٽ جي... اڄ ڪلھ تہ اتي ريسٽ هائوس، رستا ۽ روڊ ٺھي ويو آھي. ڪافي پروگرام ٿيا آھن، پر اڃان سياحن کي اٽريڪٽ ڪرڻ ضروري آھي جيئن سياحت وڌي. سن ۾ ھڪ ميوزم ٺاھجي روڊ تي، جنھن رستي کان رني ڪوٽ وڃجي ٿو. اتي ثقافتي ۽ کائڻ پيئڻ جون شيون ھجن ۽ ھڪ ننڍڙو ريسٽورنٽ، جتي مسافر بسون ويگنون بيھن ۽ اتي اشتھارن جا بل بورڊ رني ڪوٽ جي اھميت وارا لکيل ھجن.
مان جڏھن سيڪريٽري، سيوھڻ ميلا ڪاميٽي ھوس تہ راڳ جي آڊيٽوريم جي بيڪ تي رني ڪوٽ کي پينٽرن کان ٺھرائي، سالن جا سال ان تي ميڙو مچائبو ھو، ان جا فوٽا بہ ضرور رکندس....
ٽرين، سن اسٽيشن ڇڏي، لڪي شاھ صدر ڏانھن هلندي هئي، جنھن جو احوال اڳ ڏئي چڪو آھيان. پوءِ ٽرين ھلندي ڀڳي ٽوڙي جبل جي پاسي کان ھڪ طرف جبل ۽ اوڀر طرف سنڌو پيو نظر ايندو هو ۽ اوچتو گاڏي ٻن جبلن وچ ۾ ھلندي اچي، ھڪ ھالٽ اسٽيشن ’ڀڳو ٽوڙو‘ ڀر سان بيھندي. ھن اسٽيشن جا آثار اڄ بہ موجود آھن، باقي گاڏي ڪانہ بيھي. جبلن جي وچان گاڏي ھلندي اچي منھن ڪڍندي ڳوٺ ’ڳاڙھي واري‘ جي ڀرسان. ھتي جي جابلو ڳاڙهي واريءَ ڪري اھو نالو پيو آھي ۽ اچي ’ڇنڊڻ پُل‘ تان لنگهندي، جتان اولھ طرف ’لال باغ‘ ۽ ’جهانگارا باجارا‘ روڊ ويندو.
باجارا ھڪ مشھور ڳوٺ آھي، جتي سيد عبدالله شاھہ اڳوڻي وزيراعليٰ جي دوستن جا گهر آھن. اتي سائين عبدالله شاھہ ضرور ويندو ھيو. ايڏانھن وري ’بڊو جبل‘ آھي جيڪو ڪي ٽي چار ھزار فوٽ سمنڊ جي ليول تي آهي. اڳي فور ويل تي وڃبو ھو، پر سائين عبدالله شاه روڊ، پوليس ھيڊڪوارٽر ۽ ٽي بي سينيٽوريم ٺھرايو. پاڻيءَ جي کوٽ کي ڪيئن اتي پورو ڪجي، جي سروري ڪرائي، پر مٺو پاڻي نظر ئي ڪونہ اچي.
ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر دادو مير محمد پرھياڙ ڪو گرائونڊ واٽر آف سنڌ پڙھيو ھجي، سو مون کي گهرائي چيائون تہ، ”ايم. ايڇ. پنھور تنھنجو پڦاٽ ٿئي، ان سان منھنجي ڪچھري ڪرائَي. مون کي ٽائيم وٺي ڏي تہ جڏھن مان ڪوٽڙي ڪيمپ تي ڇنڇر تي وڃان تہ ملاقات ڪجي.“
مون ايم. ايڇ. پنھور کي عرض ڪيو، پاڻ وقت ڏنائين ۽ چيائين، ”ڊپٽي ڪمشنر کي چئجو تہ فون تي ڳالھائي تہ ڪچھريءَ ۾ جا گهر آھي، ان جا ڪاغذ ھٿ ڪري رکان.“ مير محمد پرھياڙ کي اھو مشورو لڳي ٿو سائين عبدالله شاھہ ڏنو ھو، بھرحال اھو احوال پوءِ لکبو.
جهانگارا روڊ تي ڪجهہ غارون آھن، اڳوڻي زماني جون، جي ان وقت بہ خراب حالت ۾ ھيون. ڪجهہ صفائيءَ کان پوءِ ٽارچ جي روشنيءَ ۾ گهڙبو تہ غار ويڪري ھئي. پٿر جون ڊگهيون سليب، لڳي ٿو سُمھڻ لاءِ ڪم اينديون ھجن. جبل جي ڀت تي ڪجهہ پٿر، ڪليءَ وانگر نڪتل ھيا... لڳي ٿو اتي پخالون پاڻيءَ جون يا اشياء ٽنگبيون ھجن شايد.... ٻڪرار اتي ٻڪريون، اس ۽ مينھن ۾ بيھارندا ھوندا، جو غار ۾ ٻڪرين جون ڦولھڙيون ڀريون پيون ھونديون ھيون.
لکڻ سوَلي ڳالھ ڪانھي... ھن عمر ۾ اڌ پيج لکي ٿڪجي پوان ٿو.
سيوھڻ جي اولھ ڏکڻ ۾ آرمي پبلڪ اسڪول آھي. ھڪ خوبصورت عمارت ۽ سخت ڊسيپلين... لال باغ ۾ ننڍڙا ننڍڙا دُٻن جيان گول... ڪي چار انچ قطر جا ڪيترائي دُٻا ھتي موجود آھن. جن مان ٻُڪ سان پاڻي ڪڍجي ٿو تہ وري دُٻي ۾ پاڻي ڀرجي وڃي ٿو. چون تہ نعرا ھڻو پاڻي وري ڀرجي ويندو پر بنا نعرن جي بہ ڀرجي ويندو آھي. قدرت ننڍڙا چشما خلقيا آھن، سي ڀرجيو وڃن... اڳي ھتان جي باغ جا گل گلاب جا مزار لاءِ ويندا ھيا. چون ٿا تہ بيشمار گل ٻوٽا ھيا، ھاڻي باغ ۾ موالي ويٺا چرس آفيم ڇڪين ۽ مست مست جا نعرا ھڻن. سرڪار اوقاف کي کپي تہ اتي وري باغ کي اوج ڏين.
موٽون وري ڇنڊڻ طرف ۽ ھلون سيوھڻ سرڪار جي شھر ڏي. رستي تي اولھ طرف مٽيءَ جي دڙي تي ڪافي جهنڊا لڳل ڏسبا. اھا جاءِ ’قلندر جَي چلي‘ جي چون ٿا ۽ ھيٺ قبرن سان ڀريو پيو آھي شھر تائين... ٽرين اچي بيھندي سيوھڻ اسٽيشن تي... ھڪ چڱي موچاري پليٽ فارم تي... ھڪ ننڍڙو ريسٽ ھائوس ڪو ٻن ڪمرن جو ريلوي عملدارن لاءِ ٺھيل آھي... جتي اچي ڊاٻو ڪن ۽ ريلوي ٽريڪ جو معائنو ڪن. ھڪ ننڍڙي گاڏَي نما گاڏيءَ تي جنھن کي مزدور ڊوڙئيندا ريل جي ٽريڪ تي پيا ھلائيندا ۽ صاحب خاڪي ٽوپلو پائي، ھلندڙ گاڏي جي ريل جي پٽڙيءَ جي جهٽڪن سان خبر پوندن تہ ٽريڪ مضبوط آھي يا نہ... نٽ بُلٽ، پيل پٽيون، پٿر جو مقدار ٺيڪ طرح ريل جي پٽڙين کي مضبوطيءَ سان جهليو بيٺا آھن يا نہ. پاڻ ھاڻي سيوھڻ شھر ڪونہ ٿا ھلون. انجو ذڪر اڳتي ڪبو.
گاڏي ھلندي ’بُوبڪ ٽيشڻ‘ ڏانھن....
بوبڪ مشھور شھر ھيو، جتي عالم اديب پيدا ٿيا. ھتان جي ڀنگ جو فصل مشھور ھيو ۽ سو بہ سڄي ملڪ ۾ مشھور... فصل تي طوطا ساوا، ساون پنن کي پٽي چکيندا ۽ پوءِ نشي ۾ ڦھڪو ڪري ڪرندا، ھٿ سان پڪڙجي يا ھٿ لائجي تہ ٽيون ٽيون جو نٻل آواز ڪڍندا. ڳيرا بہ اھو مزو چکين. بوبڪ شھر ڪنھن زماني ۾ ميونسپل ھئي. سندس گهٽين ۾ رات جي روشنائيءَ لاءِ شمعدان ٻاريا ويندا ھيا. شام جو ميونسپل جو ڪارندو، ٽِينَ جي دٻي ۾ گاسليٽ، وَٽِ جا ڌاڳا کڻي اچي، شمعدان جا شيشا صاف ڪندو... گاسليٽ ان ۾ وجهي... وَٽِ کي درست ڪندو، جي خراب ھوندي تہ مٽائيندو ۽ شھر کي روشن ڪندو. چون ٿا ڪي سوين روپيه، ’بامبي گورنمنٽ‘، بوبڪ ميونسپل کان قرض بہ کنيو ھو، جيڪو چون ٿا تہ اڄ تائين واپس ناھي ڪيو. سچي خبر جي تاريخدان تصديق ڪندا.
بوبڪ شھر دڙي تي اڏيل آھي. بوبڪ ڇا ڀر پاسي جا سڀ ڳوٺ مٽيءَ جي دڙن تي آھن، جو منڇر جي پاڻيءَ جي اٿل ڪري ٻڏڻ کان بچاءَ لاءِ آھن. ھڪ ننڍڙو بازار... ھتي غاليچا بہ ڪڏھن ٺھندا ھيا، ان ڪري سرڪار سمال انڊسٽري طرفان بہ ھڪ سِکيا گهر ٺاھيو. ھتي جون ڪڻڪ جي تيلين واريون دٻڪيون بہ مشھور ھيون. منڇر ھتان ڪجهہ فرلانگن تي آھي. ھي ڍنڍ مٺي پاڻيءَ جي ايشا جي وڏي ڍنڍ ھئي. ھاڻي تي پاڻي بہ ڌپ ڪري ويو آھي. جي برسات پئي ۽ تيز پئي تہ اھو ڪنو پاڻي نيڪال ٿيندو آھي. ھن ڍنڍ جو اوج اسان شاگرديءَ واري زماني ۾ ڏٺو.
پرديسي پکين جو سياري ۾ اچڻ ۽ شڪارين جي مستي. وڏيرن جي تہ رک رکيل ھوندي، ان مان مجال آھي سندن مھمان کان سواءِ ڪو پکي ڌڪي... گاڏي، خصوصن ’بولان ميل‘ ڪافي وقت بيھي، اتان مڇي لوڊ ڪري ڪوئيٽا کڻي ويندي ھئي. ڀر پاسي جي شھرن ۽ ڳوٺن ۾ هتان جي مڇي، جا لذيذ ھوندي ھئي. مھاڻا کڻي وڪرو ڪندا ھيا. منڇر اندر مھاڻن جا ھزارين ٻيڙا ۽ بتيلا پيا ھلندا ھيا. ھُوءَ Boat Civilization لاءِ مشھور ھئي. مھاڻن جي رھائش لاءِ خاص ٻيڙا ھيا، جي پوري گهر جيان ھيا. ڪجهہ ھاڻي بہ آھن. ھن ٻيڙي ۾ رڌپچاءَ جي چُلھ ٻيڙي ۾ تاڪن تي چمڪندڙ جست جا ٿانوَن ٽنگيل ھوندا ھيا. ھن جو ٻيو احوال پوءِ بہ ايندو.
ھاڻي ٽائيپ ڪري آڱر سُور پئي ڪري...
بوبڪ، تماڪ لاءِ بہ مشھور آھي. ھتي جون تماڪ واريون ٻيڙيون مشھور ھيون... بوبڪ جي ڀر پاسي ڪافي قريشين ۽ مھاڻن جا ڳوٺ آھن. ھي احوال ٽرين مان آھي، جڏھن روڊ جو سفر آيو تہ ڪافي احوال ڪبا. بوبڪن ۾ مڇيءَ جون ڪافي مَڏيون ھيون، جتي مھاڻا مڇي کڻي، ٺيڪيدار کان تور ڪرائي کيس وڪرو ڪندا ھيا. ٺيڪيدار مڇيءَ جي ھر تور تي تارازيءَ مان چار پنج مڇيون ٺيڪيدار جي پتيءَ طور ڪڍندا ھيا. ان کي ’کڻتو‘ چوَن.
اھا مڇي اڄ آھي ئي ڪونہ... منڇر، ڪني پاڻيءَ جي نيڪال سبب ويران آھي. منڇر کان وري ٻيڙيون ھلنديون ھيون. ماڻھو پَرينءَ ڪنڌيءَ تي پھچڻ لاءِ استعمال ڪندا ھيا.
لال جي ميڙي تي اھي ٻيڙيون مرد عورتون کڻي ايندا ھيا. مشھور گيت... ’ٻيڙيءَ وارا ادا ڙي مھاڻا، مان لال تي ٿِي وڃان... لال تي ٿِي وڃان، گهورُون گهورڻ وڃان...“ ڳائينديون ھيون.
پَرينءَ ڪنڌيءَ تي ڪيترا ڳوٺ ھيا. مشھور ’شاھہ حسڻ‘ هيو...
اتي ھڪ سرڪاري ريسٽ هائوس آھي. ھاڻي شايد ويران ھجي، جنھن ۾ اسان بہ ھڪ رات گذاري ھئي. ھيءُ ڳوٺ ’عزيز رانجهاڻي‘ جي ڳوٺ ڀر سان آھي. ھن کي ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر ’گل محمد عمراڻيءَ‘ رينوويٽ ڪرايو ھيو. انگريزن ھيءُ ريسٽ ھائوس، اريگيشن جي عملدارن لاءِ ٺھرايو ھيو. ٻاھران پڪ سرو اندر ڪچين سرن ۽ گِچ مٽيءَ جو پلستر... تمام ويڪري ڀت... اندر ٿڌڪار ھوندو ھيو.
ريسٽ هائوس ۾ شايد ٽي ڪمرا ۽ ڪچن موجود ھيو. ان جي ديک ڀال اريگيشن جي ذميواري ھئي. ھتي جبلن تي، ننڍيون ٻيريون، ننڍي قد واريون پر ويڪر ۾ تمام گهاٽيون ھيون. انھن ۾ ننڍڙا ڳاڙھا ٻير ٿيندا ھيا جن کي ’ڇاڱري ٻير‘ سڏبو هو. اتي ٻڪرين جا ڌڻ، پنھجا اڳيان پير ٿڙ تي رکي، ٻير چرنديون ھيون. ٻڪرين جا اڳين پيرن جي مٿي ڪرڻ ڪري سندن ٿَڻَ پيا لڙڪندا ھيا، جي کير سان ڀريل ھوندا ھيا. ٻڪرين جو کير ننڍن ٻارن لاءِ مفيد ليکيو ويندو ھو... ھن کير جي چانھ جو مزو واھہ جو ھيو. ٻير مٺا جو چرنديون ھيون سو بنا کنڊ جي بہ مٺو لڳندو ھيو... ڪي ماڻھو يا ٻار ٻڪرين جي ٿڻن مان گُوھا ڪڍي، کير ڪوسو پيئندا ھيا.
شاھہ حسڻ کان جوھيءَ طرف وڃڻ جو رستو... عزيز رانجهاڻيءَ جي ڳوٺ مان سندس والد صاحب جون ۽ ڪي ھڪ ٻہ، ٻئي جون بسون ھلنديون ھيون. چون ٿا ۽ سچ بہ آھي تہ انھن بسن ڪري ڪافي ڳوٺاڻا ڇوڪرا پڙھي آفيسر ٿيا ھيا. ان جو احوال عزيز رانجهاڻي ڪري چڪو آھي. طبعيت ۾ سستيءَ ڪري احوال دير سان لکيم. طبعيت لاءِ ڪو چانھ چُڪو پيان... وري لکان ٿو...
’بوبڪ‘ کان ٽرين ’ڀان سعيدآباد‘ ڏانھن رواني ٿي.
سڄي واٽ فصلَ، ساوڪ ۽ ٻنيون ٻارا، ڳوٺ، واھڻ وستيون. جوئر جا فصلَ ووئڻ سان زمينون. پکي پکڻ لاتيون پيا لَنوَن... گاڏيءَ ڀانَ تي بريڪ ھنئين.. ڀان ھن پاسي جو واپاري مرڪز آھي. پري پري جا ڳوٺاڻا پنھنجي ضرورت جو سودو سلف ھتان وٺن. ڀانن ۾ تمام سٺا چاڪليٺ ٺھندا ھيا، جيڪي ٿالھ ۾ رکيل ھوندا ھيا ۽ ڇُريءَ سان ڪَٽي ڏيندا ھيا. گهاٽي کير ۽ چاڪليٽ جي ملاوٽ... سچ تہ اڄ جا چاڪليٽ سندس مقابلو ڪونہ ڪندا.
ھتي مائَي جون ٽڪيون، چاٻُو حلوو مشھور آھي، اڄ بہ مسافر اتان لنگهندي. وچ چونڪ جي دڪان تان وٺن. پڪوڙا وري قسمن قسمن جا ٺھن. مرچن جا، بِھن جا، سادا ڀور، پٽاٽن، واڱڻن وغيره جا... ان مٿان ھڪ خاص مصالحو ڇڙڪيندا ھيا. چس ڀريا، جو چَپَ پيا چٽبا...
ھتي ميمڻ، پنھور، ڪلھوڙا، ڀنڀا ۽ ڪافي ذاتيون آھن، پر سياست ۾ سيدن جي ھميشه سرسي رھي آھي. سيد عبدالله شاھہ ھاڻي مراد شاھہ جا ووٽر آھن ۽ سندن اميدوار جي گهڻي ڀاڱي سرسي رھَي. ڀان ۾ ٽاؤن ڪميٽي، واٽر سپلاءِ، اسپتال، جانورن جي اسپتال، پراڻي زماني جون سوڙھيون گهٽيون، پڪ سريون عمارتون، ڪپھ جا ڪارخانا، پيٽرول پمپ... ڪراچي يونيورسٽيءَ جو ناميارو سنڌي ڊپارٽمنٽ جو اڳوڻو سربراھہ ھن وقت شاه لطيف چيئر جو چيئرمين ۽ سگا جو سرواڻ سليم ميمڻ، اتان جو آھي اصلي. ڪراچيءَ جي ھڪ عمارت، جا بندر روڊ تي جنھن کي ھاڻي ’ايم اَي جناح روڊ‘ چون، صدر وڃڻ واري رستي تي، ڪار جون بيٽريون، فلٽرن جي آفيس آھي سا بہ ڀان جي ميمڻ جي ھئي. ھاڻي خبر ناھي... سو بہ ميمڻ، سليم ميمڻ صاحب جو ڪو مائٽ ھيو... ھتان جوھيءَ جو رستو سامتياڻي پنھورن جي ڳوٺن کان ٿيندو ويندو آھي.
ھتي ھاءِ اسڪول، ڇوڪرن ڇوڪرين لاءِ ڪاليج ھاڻي موجود آھن. ڪيترائي پرائيمري اسڪول ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جا آھن. ھڪ انگريزي اسڪول پير مظھرالحق جي ڀاءُ، جيڪو اسڪواڊرن ليڊر ھو ھوائي فوج ۾، شايد پير منورالحق... نالي ڀل جي معافي... رستي تي انگريزي اسڪول بہ کوليو آھي ۽ ھاڻي تہ پرائيويٽ اسڪولن جي ڀرمار آھي. ڀان جي ھاءِ اسڪول مان ڪيترائي شاگرد تعليم حاصل ڪري وڏين پوسٽن تي موجود آھن. سيوھڻ کان پوءِ ھيءُ شھر وڏو شھر آھي... ھتي بھ جا ديرا، ڪچيءَ لِنبَ سان ريلوي ٽريڪ جي آس پاس جبلن جيترا ڏسڻ ۾ آيا. فصل بہ ڀلا ٿين. ترقي ماشاءَالله ٿيڻ گهرجي ھا پر خير لڳو پيو آھي.
ڀانن کان مشھور ڳوٺ ’ٽلٽيءَ‘ طرف رستو وڃي... ھن ’ٽھل ھٽي‘ ۾ واڻين جا سٺا گهر ھيا. اڄ ويران... ’شمس العلماء علامہ عمر بن محمد دائودپوٽو‘ ھتان جو رھواسي ھو... ڪتاب چون ٿا، کٽون واڻي، محنت ڪري پاڻ سنڌ جي تعليم جو وڏو آفيسر ٿي ويا. ڪيترن ڪتابن، شاھہ جي رسالي جا شارح ھيا ۽ ترتيب ڏنائون. بيباڪ... جو ھن لياقت علي خان جي سنڌين لاءِ غلط ٻولي ڳالھائڻ جو جواب ڏيڻ کان ڪين ڪِيٻايو. سندن مرقد ڀٽ شاھہ جي قبرستان، لطيف جي روضي ٻاھران ڏکڻ طرفن مدفن آھن. سندس پٽ محمد عظيم دائودپوٽو ھوائي فوج جو سربراھہ ۽ سنڌ جو گورنر بہ رھيو. احوال ھتي پورو ڪونہ ٿيو، جو ڪِي بورڊ ھاڻي جواب ڏنو آھي تہ ڀائو! اسان تي آڳرين جي ايڏي ٺوڪ نہ ڪر. اڃان سنڀالي رک. اليڪشن ۾ ڪم ايندئي. ٽھل ھٽي يعني ٽلٽيءَ جو احوال اڃان ڪبو. راجپوت جو ذڪر بہ ڪبو...
ڀانن ٻرسان حسن علي جو آفندي ڳوٺ آھي. ٽلٽيءَ جو ذڪر اچي ۽ عبدالسلام راجپوتَ جو ذڪر نہ اچي، ممڪن ڪونھي. ھُو پڙھيل لکيل ايل ايل بي وڪيل آھي. لاڳاپو ھاڻي پيپلز پارٽي سان اٿس يا نواز سان پاڻ ڄاڻي... ٽلٽيءَ ۾ راجپوت، رانگڙ ۽ سھل ذاتيون بہ رھن. ھتي اسان جي ڪليگ بھادر علي سھل جا مائٽ بہ رھندا ھيا. بھادر علي سھل، ھڪ نماڻو ۽ مزاح سان ڀرپور شخصيت ھو. رھاڪو نوابشاھہ جو ھو. ٽيچريءَ مان امتحان ڏئي سوشل ويلفيئر آفيسر ٿيو. سادو... ٻارن جي پالنا، گهر ۽ مائٽن جون چٽيون ڀريندو ھيو. کِل ڀوڳ سندس رڳ رڳ ۾ سمايل ھئي. ان جو ذڪر ڪبو، جڏھن نوابشاھہ جي شھر دوڙ ۾ پوسٽنگ جي ڳالھ ٻولھ ڪبي.
ھاڻي ھلون اڳتي ٿا گاڏي ھلي ’خدا آباد‘ طرف...
خدا آباد سنڌ جي گاديءَ جو مرڪز رھيو آھي. ھتي ڪلھوڙن جا مدفن آھن. ھڪ دفعي اتي وزٽ تي وڃڻو پيو تہ مرڪز طرفان مرمت پئي ھلي. مقبري جي دروازي کي جيڪو ڪاٺ سان لمبيل ھو، تنھن ھٿوڙن سان ٽوڙيو پئي پر ڪونہ ٿَي ٽُٽو. مون کين چيو، ”ھي نٿو ٽُٽي تہ ڇو ٿا ٽوڙيو؟ ڇا اصلي صورت ۾ بحال نٿا ڪريو!“ جواب ڏنائون تہ، ”تنھجو ڇا وڃي؟“ مون چيو، ”ادا مستري.....“ جيڪو ٻي ٻوليءَ وارو... چيائين، ”تُسان اپڻا ڪم ڪرو.“
مون ڊوڙي ٿاڻي تي وڃي رپورٽ ڪيو تہ آرڪيالاجيءَ جي قانون مطابق اصل شڪل برقرار رکڻ لازمي آھي. سيل فون هيا ڪونہ، سو ٿاڻي مان ڊپٽي ڪمشنر دادو مير محمد پرھيار کي فون ڪيم تہ ھي مامرو آھي. ان ٿاڻي جي انچارج کي ڪم روڪرائڻ جو چيو. پوليس وڃي ڪم روڪرايو. ڊي سيءَ، ايس ڊيم دادو الھبچايو چانديو کي موڪليو تہ اصلي صورتحال جي رپورٽ ڪري. اڌ ڪلاڪ ۾ ھُو پھتو ۽ مسترين کان پڇو تہ، ”اصلي صورت کي خراب ڇو ٿا ڪريو؟، جڏھن ان کي اصلي صورت ۾ نٿا آڻي سگهو.“ پوليس کيس آرڊر ڪيو. ڪم روڪيو ويو ۽ مرڪزي آرڪيالاجيءَ جي ڊپارٽمنٽ کي رپورٽ ٺاھي موڪلي.
خدا آباد ڀر سان شاھہ صاحبن جو ڳوٺ آھي، جتي سيد رسول بخش شاه مشھور تعليم جو ماھر رھندو آھي، جيڪو پوءِ ترقي ڪري ڊائريڪٽر تعليم بڻيو حيدرآباد ريجن جو ۽ ھاڻي رٽائرمنٽ کان پوءِ تعليم کاتي جي ڪنھن پروجيڪٽ ۾ وڏو آفيسر آھي. خدا آباد شھر سياسي لحاظ کان پيپلز پارٽيءَ جو آھي. سگا جو مشھور دوست سائين خان محمد پنھور بہ هتان جو هو، جنھن جو ڪم سنڌ ۾ ساراھيو وڃي ٿو.
ھڪ ھاءِ اسڪول شاگرد جو آھي. ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا پرائمري اسڪول آھن. محمد يعقوب پنھور مشھور سياسي ڪامريڊ آھي. ھُو منھنجو ڀيڻيوو آھي. جامع مسجد دادو روڊ تي شاندار ٺھيل آھي، جا ھاڻي تمام ڀلي نموني سنڌ ثقافت ۽ آرڪيالاجي کاتي محنت ڪري تيار ڪئي آھي. اڳيان ڇٻر ۽ باغڙو پوکيو اٿن. ھتي راشدي خاندان جون زمينون ٿورو خدا آباد جي اولھ ڏکڻ ۾ آھن، جتي علي محمد راشدي، بيگم ممتاز راشدي سندن گهرواري وزٽ ڪندا رھندا ھيا.
ڳوٺ جو نالو جيئن ياد پيو ايڊ ڪبو... گاڏي ھلي دادوءَ ڏانھن...
ڇھ ڇھ پئسا ٻہ ٻہ پايون، جيڪي اڻلڀ آھن جيئن ھاڻي ريل گاڏيون... دادو... دادو آ... جيڏانھن پير تيڏانھن خير .