ماھوار امرتا ڪارنر

ماھوار ”امرتا“ ميگزين شمارو نمبر 135 ڊسمبر 2023

ھن شماري جي ڪلاسيڪل ڪارنر ۾ مولوي حاجي احمد ملاح، بلقيس ڀُٽو جو تحقيقي مضمون ”شاھہ لطيف جي شاعريءَ جو ساختياتي جائزو“، حيات علي شاھہ بخاريءَ جي سارَ- جبران زيب، الطاف شيخ، صلاح الدين پنھور، پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي، عنايت نھڙيوجا ليک، ڦلواڙي ۾ رابندر ناٿ ٽئگور، رجب ٻُگهيو، مٺل جسڪاڻي، احساس ميرل، نصير سومرو، ليلا رام، وفا جانوري، حُميرہ نُور، بختاور منصور، خالد چانڊيو، عبدالله آس هنڱورجو، آزاد خاصخيلي، وحيد علي ناهيون، فقير مسڪين وگهيو، وسيم حيدر کوسو، فراخ جانوري.جي شاعري شامل ڪيل آھي. ان کانسواءِ ڪھاڻيون، فيچر، اڪبر سومري جي ناول جو باب، ڪتابن تي تبصرا ۽ ٻيو مواد شامل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 84
  • 17
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امرتا سٿ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ماھوار ”امرتا“ ميگزين شمارو نمبر 135 ڊسمبر 2023

نہ سھڻ جھڙو سُور (شوڪت علي ’شوق‘)

مڇي کائڻ جو مون کي حد کان وڌيڪ شوق هو. هفتي ۾ ٻہ دفعا مڇي ضرور کائيندو هئس. مان مڇي مارڪيٽ مان هڪ مخصوص دوڪاندار کان وٺندو هئس. مارڪيٽ ۾ حيدر ساٽيءَ جو مڇيءَ جو دوڪان هو، جيڪو مون کي سٺي ۽ تازي مڇي ڏيندو هو تہ تور ۾ بہ رعايت ڪندو هو. باقي پئسا بازار وارا وٺندو هو. ڪڏهن جي حيدر جو دوڪان بند هوندو هو تہ پوءِ ٻئي ڪنھن دوڪان تان مڇي وٺندو هئس جو حيدر وٽ ايندو ويندو ڏسي ٻيا بہ سڃاڻي ويا هئا.
حيدر سان منھنجي پراڻي سڃاڻپ هئي، جڏهن مان يونيورسٽيءَ مان موٽندو هئس تہ ڄامشوري جي پل ٽپي ڪي مڇي وڪڻڻ وارا ويٺا هوندا هئا. انھن ۾ پھريون ٺيھو حيدر جي پيءُ جو هو جتان مان مڇي يا پلو وٺندو هئس. ان وقت حيدر جي عمر تقريبن تيرنھن سال هئي ۽ پيءُ سان گڏ ڪم ڪندو هو. پيءُ جي وفات کان پوءِ حيدر شھر جي وڏي مڇي مارڪيٽ ۾ هڪ دوڪان هٿ ڪيو ۽ اتي مڇي پلو وڪڻ لڳو. پوءِ مان ان جو مستقل گراهڪ بڻجي ويس.
هڪ ڏينھن جيئن مان مڇي مارڪيٽ ۾ گهڙيس تہ حيدر جو دوڪان بند ڏسي، هيڏانھن هوڏانھن نھاريم تہ ڪنھن وٽ سٺي مڇي هجي جا وٺان. حيدر جي دوڪان کان ٻہ دوڪان اڳتي هڪ نوجوان مون کي اشارو ڪري پاڻ وٽ سڏيو.
”سائين! مڇي وٺو، تازي مڇي آهي.“ مڇيءَ واري همراھہ مون کي سڏيندي چيو.
”ڪھڙي پڪ آهي تہ مڇي تازي هوندي!“ مون پڪو ٿيندي چيو.
”نہ وڻيوَ يا ڪَسِي هجي تہ رڌل واپس ڪجو.“ هن مُرڪندي چيو.
”ائين تہ اسان جي محنت ۽ مصالحو بہ ضايع ٿي ويندو.“ کلندي وراڻيومانس.
”سائين! فائدي لاءِ ٿورڙو نقصان بہ کڻبو آهي.“ هن جواب ڏنو.
مان هن کان مڇي وٺي گهر آيس. مڇي واقعي تازي ۽ سٺي هئي. اهو نوجوان جنھن جو نالو نادر هو، مرداڻي سونھن جو مجسمو هو. ويڪري ڇاتي، چيتي جھڙي چيلھہ، هلڪيون مڇون، قد پورو پنو، ڪڻڪاڻو رنگ، وٽيل ٻانھون، سخت ڏورا ۽ عمر ۾ تقريبن چوويھن سالن جو ٿَي لڳو. مڇيءَ جو ڌنڌو ڪندي بہ ڪاٽن جو هلڪو بِلُو سوٽ پايو صاف سٿرو ٿيو ويٺو هو. ڳچيءَ ۾ سوني چين ۽ ٻاچ ۾ سوني منڊي هن جي شخصيت ۾ ويتر واڌارو پئي ڪيو.
هفتي کان پوءِ ٻيو دفعو ويس. حيدر نہ مليو تہ نادر جي دوڪان تي هليو ويس. پاسي تي سندس پيءُ جو ٺيھو هو جو بہ مڇي وڪڻي رهيو هو. ان ڏينھن رسمي گفتگو کان ڪجهہ وڌيڪ گفتگو ٿي. پاڻ ٻڌايائين تہ يعقوب ڪاسائيءَ جي پڙ مٿان ساٽين جي پاڙي ۾ رهندو آهي. ٽن سالن کان مڇيءَ جو ڌنڌو پيو ڪري، وڌيڪ ٻڌايائين تہ شام جو جهوپڙا هوٽل واري چوراهي تي هڪ هوٽل ۾ اچي ويھندو آهي. اها هوٽل منھنجي گهر کي بلڪل ويجهو آهي.
شام جو هاسيڪار ان چوراهي تي ويس. هُو هوٽل تي ويٺل ملي ويو. ڪافي دير ڪچھري ڪئيسين. خوش طبيعت وارو بلند اخلاق ٿَي لڳو. ڳالھائڻ ۾ ڳهير، جو ڳالھائي سوچي سمجهي ڪجهہ چوي، عام ساٽين وانگر گٿا لفظ وات مان نہ ڪڍي. مان جڏهن بہ واندو هوندو هئس، نادر سان ملڻ هليو ويندو هئس. پوءِ ڪافي وقت هوٽل تي ڪچھري ڪندا هئاسين.
پاڻ ٻڌايائين، ”پڙهڻ جو شوق بلڪل نہ هو، ان ڪري گهڻو پڙهي نہ سگهيس. ڪسرت سان چاھہ گهڻو آهي. جسم ٺاهڻ جو جنون جي حد تائين شوق اٿم. باڊي بلڊنگ خوب ڪندو آهيان. شروعات ۾ بابا سان گڏ ڪم نہ ڪيو، جو ان ڪم ۾ جسماني پورهيو گهٽ آهي. هڪ ٺيڪيدار وٽ مزدوري ڪيم. صبح جو مزدوري ڪندو هئس تہ شام جو محرم عليءَ جي آکاڙي ۾ ورزش ڪندو هئس. مزدوريءَ ۾ اهو ڪم دل سان ڪندو هئس، جنھن ۾ جسم جي طاقت جو استعمال ٿئي. سيمنٽ جون ٻوريون کڻي مٿين منزلن تائين پھچائيندو هئس. هيٺان سرون اڇلي مٿي بيٺل مزدور کي ڏيندو هئس. سرن اڇلائڻ ۾ منھنجو رڪارڊ ڪير بہ ٽوڙي نہ سگهيو. گن (مترڪي) جي هڪ ڌڪ سان انچ جي شيخ ٻہ ٽڪرا ڪندو هئس. عام طرح رازا شرطون هڻي مزدورن کي ٿڪائي وجهندا هئا، پر مان رازن کي سھڪائي ڇڏيندو هئس. مال سان ڀريل تغاري هڪ اڇل سان ڏھہ فٽ مٿي پھچائيندو هئس.“ موڊ ۾ هوندو هو تہ پراڻا قصا ڪڍي ويھندو هو ۽ ماضيءَ کي حال ۾ تبديل ڪرڻ لڳندو هو.
هڪ دفعي گهر جو قصو کڻي ويٺو. چئي، ”بابو ضعيف ٿي ويو، گهر جو خرچ نہ پيو هلائي سگهي. وڏي پٽ هئڻ جي ناتي اها منھنجي ذميواري هئي تہ گهر جي مسئلن کي منھن ڏيان. نيٺ مزدوري ڇڏي اباڻي ڪرت اختيار ڪيم. بابي جي پاسي ۾ ٺيھو ٺاهي ويٺس مڇي وڪڻڻ. اهڙي ريت گهر جي ڪرندڙ حالتن کي سهارو ڏنم. ڪسرت ڪرڻ ڪري منھنجي خوراڪ بہ عام ماڻھو کان وڌيڪ آهي. مڇي پلي جي گهر ۾ کوٽ ناهي. ٻاڪري گوشت جي ڪلو جي ڪڙهائي هفتي ۾ ٻہ دفعا ٺھرائي اڪيلو کائيندو آهيان. روز رات جو هڪ ليٽر کير امان ڪاڙهي رکندي آهي، جو پي پوءِ سمھندو آهيان. صبح جو ٻہ ڪچا ديسي بيضا کير ۾ وجهي پيئندو آهيان. گيھہ مکڻ جو بہ هڪ حد تائين استعمال ڪندو آهيان. اڳ مزدوريءَ مان جو ڪمائيندو هئس سو پاڻ کائي ويندو هئس ۽ گهر ۾ ڪجهہ بہ نہ ڏيندو هئس. هاڻي سڄي گهر کي سنڀاليان پيو. ماني مان هميشہ اڪيلو ويھي کائيندو آهيان، جيئن ڪنھن جي نظر نہ پوي. منھنجي خوراڪ جي خبر صرف امان کي آهي. دعوتن ۾ ڪوشش ڪري گهٽ کائيندو آهيان، جو يار دوست گڏ هوندا آهن. پوءِ دعوت مان موٽي اچي گهر ماني کائيندو آهيان.“
جيڏو جسماني طاقت جو زور هيس اوترو دل جو دلير هو، پر ڪنھن سان زيادتي ڪرڻ کان نٽائيندو هو. کليل دل سان هر ڪنھن جي مدد ڪندو هو، چئي، ”مون کي نٿو سُجهي جو پاڙي ۾ ڪو اهڙو هجي جو منھنجي هٿ مان ويڻي ڇڏائي سگهي.“ غريب هوندي بہ مسڪينن سان همدردي هئس ۽ وت آهر انھن جي مدد ڪندو هو.
هڪ دفعو منھنجو پاڙي ۾ ڪنھن سان جهيڙو ٿي پيو. مدِمقابل مون کان سگهو هو، ان ڪري مان وڙهڻ جي نہ پئي ڪئي، پر هُو پچر ڇڏڻ لاءِ تيار نہ هو. اوڙو پاڙو اچي ڪٺو ٿيو. سڀ ڪو پيو سمجهائيس، پر هُو مون تي الرون ڪندو رهيو. اوچتو اتان نادر موٽر سائڪل تي اچي لنگهيو ۽ جهيڙو ڏسي بيھي رهيو. موٽر سائيڪل پاسي تي بيھاري ويجهو آيو. منھنجي مخالف کي ٻہ ٻہ هٿ اڏامندو ڏسي کيس ڀاڪر ۾ ڀري ٻہ چار ڦيرا ڏئي کڻي هٿ ڪڍيائين ۽ همراھہ هوا ۾ اڏامندو اٺ فوٽ پريان ائين وڃي ڪريو، جيئن ڪڻڪ جي ڳوڻ ديري تي سَٽبي آهي ۽ ڏندڻجي ويو. نادر ماٺ ڪري موٽر سائيڪل تي چڙهي کسڪي ويو، ڪنھن ڏٺو، ڪنھن نہ ڏٺو پر سڃاتو ڪنھن ڪونہ. هر ڪو پيو چوي تہ، ”ڪير هو؟؟“.... ”ڪير هو!!؟۾ همراھہ کي تريون هڻي پاڻي وجهي هوش ۾ آندو ويو. سامھون جراح جي دوڪان تان جراح لھي آيو. همراھہ کي ڏسي چيائين تہ هڏي وغيره ناهي ڀڳي باقي ڌڪ زبرُو لڳو آهي، پوءِ پاڙي وارا کيس سهارو ڏيئي گهر ڇڏي آيا.
هڪ دفعي منھنجو هڪ مھمان ڳوٺان آيو. رات جو واپسيءَ تي ريلوي اسٽيشن تي هڪ بوٽ پالش ڪندڙ پٺاڻ سان اٽڪي پيو، جنھن ٽڪر هڻي نڪ جي هڏي ڀڃي وڌس. مھمان رت ڳاڙيندو گهر آيو. مان کيس سول اسپتال وٺي ويس. ملم پٽي ڪرائي رات پاڻ وٽ رهايم ۽ ٻئي ڏينھن کيس بس ۾ ڳوٺ موڪليم. نادر سان ڳالھہ ڪيم. چيائين تہ اسٽيشن تي هلي ڏسون تہ ڪير هو. گهڻ ئي نٽايم پر هن نہ مڃيو. نيٺ اسٽيشن تي وياسين. ڏس ڏنل پٺاڻ ڏاڪڻ جي پاسي ۾ ويٺو بوٽ پالش ڪري رهيو هو. نادر مون کي پريان چانھہ واري وٽ بيھاري ان پٺاڻ ڏانھن ويو. کيس اٿاري ٻہ زوردار ٺونشا هڻي ڪڍيائينس. پٺاڻ منھن تي هٿ رکي وڃي ڪريو. نادر ڏاڪڻ چڙهي هليو ويو. ذات پٺاڻ اچي گڏ ٿيا ۽ کيس اٿاريو ويو. پٺاڻ جو منھن ۽ ڪپڙا رت سان ڀرجي ويا. مان بہ آرام سان اسٽيشن کان ٻاهر نڪري آيس. نادر موٽر سائيڪل تي ويٺو منھنجو انتظار ڪري رهيو هو.
ڪڏهن نادر دل جا داستان بہ بيان ڪندو هو. زال سان حد کان وڌيڪ پيار هئس، جا سندس سڳي سؤٽ بہ هئي. ٻہ ٻار هئس، ڌيءَ ۽ پٽ. زال جو سڀاءُ نادر سان سٺو نہ هو، پر نڀائڻ جي نيت سان نادر ڪچين پڪين کي نہ ڏسي نڀائيندو رهيو. پاڻ ٻڌائيندو هو... تہ اها شادي هن وڏين ڏکيائين سان ڪئي هئي.
پاڻ ٻڌايائين، ”خاندان جون ڪافي ڇوڪريون چاهينديون هيون تہ مان انھن سان شادي ڪريان، پر منھنجي اک ڪنھن تي بہ نہ ٻڏندي هئي. ڪيترائي خوبصورت چھرا اڳيان پويان ڦرندا هئا، پر ’ادي جي دل ۾ مڙئي خير‘ واري حالت هئي. ائين بہ نہ هو جو مان کير جو ڌوتل پاڪ صاف هئس، پر پنھنجي خاندان جي نياڻين ۾ منھنجي اک هميشہ هيٺ هوندي هئي.“
”وڏو چاچو بابا کان ڏهن سالن کان ڪاوڙيل هو، ان ڪري اسان جو هڪ ٻئي جي گهر ۾ اچڻ وڃڻ نہ هو. چاچَي جي ڌيءَ مارل ٻڌي هئم تہ سونھن ۾ سرس آهي. ايئن ڪٿي سرسري طور ڏٺي هوندم پر گهڻو ڌيان سان نہ ڏٺي هئم. ڪڏهن ڪنھن فيصلي فنڪشن ۾ ملاقات ٿي بہ هجي جا مون کي ياد نہ هئي. چاچو اسان کان معاشي طور آسودو هو. چار مڇيءَ جا ٺيھا شھر جي مختلف مارڪيٽ ۾ هئس. پنھنجي گاڏي هئس جنھن تي مڇي کڻي ٺيھن تي پھچائيندو هو. ان کان سواءِ پاڙي ۾ ٻہ ٽي جايون هئس جي مسواڙ تي ڏنل هيون. هڪ موالي پٽ ۽ هڪ نياڻي مارل جو اولاد هئس.“
”اسان کي بہ رهڻ جي پنھنجي جاءِ آهي. چار ڀيڻون ۽ ٻہ ڀائر آهيون. مان سڀ کان وڏو آهيان. ٻن ڀيڻن جي شادي ٿيل آهي. منھنجي هن مڇيءَ جي ڌنڌي ۾ اچڻ کان پوءِ اسان پنھنجن پيرن تي بيھڻ شروع ڪيو. ٻہ ٺيھا آهن جن تي اسان پيءُ پٽ ويھندا آهيون، ٽيون ٺيھو فقير جي پڙ واري مارڪيٽ ۾ ورتو اٿم. صبح سوير اٿي اتي مڇي پھچائي ايندو آهيان ۽ شام جو پئسا کڻي ايندو آهيان. رب پاڪ جي مھرباني سان وقت سٺو پيو گذري.“
”ڏهن سالن کان پوءِ چئن چڱن وچ ۾ پئي بابا جو ۽ چاچا جو ٺاھہ ڪرايو. ان کان پوءِ اسان هڪ ٻئي جي گهر اچڻ وڃڻ لڳاسين، سؤٽ مارل جي سونھن پَسِي منھنجا هوش اڏامي ويا. کيس خدا شايد فرصت ۾ ويھي ٺاهيو هو. فيصلو ڪيم تہ منھنجي ڪنوار ٿيندي تہ اها مارل، نہ تہ شادي نہ ڪبي. امان سان پنھنجي خواهش جو ذڪر ڪيم جنھن بابا سان ڳالھہ ڪئي.“
”مَسين مَسين وڃي ڀائر پاڻ ۾ پرتا آهيون. وري ٿا وچ ۾ ويري وجهو.“ بابا جواب ڏنو.
”انھي ۾ ڇا آهي، پنھنجا پاڻ ۾ آهيون. کير وهي وڃي ڀت ۾ پوندو.“ امان جواب ڏنو جو شايد هن کي بہ مارل پسند هئي.
”ڀاڄائي ڏٺي اٿئي. ڀاءُ کان ٻہ هٿ مٿي آهي. ڀاءُ کي منھن ڏيئي ويندس پر ڀاڄائيءَ سان ڪير پڄندو. ڇوري جا ڇلر لاهي ڇڏيندي منھنجي ڀاڄائي.“ بابا ٺپ جواب ڏيندي چيو.
”واقعي چاچي تيز طبيعت جي آفت مائي آهي. مايون تہ تيز طوفان هونديون آهن، پر هيءَ تہ ٻہ ڌاري ترار آهي. جتي وهي اتي وڍي. اهي سڀ ڳالھيون مون سمجهيون ٿي پر مارل بغير مان محتاج هئس. امان کي صاف ٻڌايم تہ سڀ ڪجهہ سهندس پر مارل کي ضرور ماڻيندس.“
”مون چاچي جي گهر ۾ اچڻ وڃڻ وڌائي ڇڏيو. گهر ۾ رڌل هر شئي جو ذرو کڻي وڃي مارل جي گهر ڏيئي ايندو هئس. مارل مون کي ڏسي منھن سُڄائي اندر هلي ويندي هئي. باقي مان چاچي سان ملي، مارل جي موالي ڀاءُ سان ڪچھري ڪري هليو ايندو هئس. آس هئي تہ مارل سان ڪا گهڙي رهاڻ ڪيان، کيس دل جا درد ٻڌايان، روح جون رڙيون بيان ڪيان جي مارل جي هجر ۾ منھنجو اندر مان آھہ بڻجي نڪرنديون آهن. کيس پنھنجي چاهت جو يقين ڏياريان، پر اهي سڀ خيالي پلاءُ هئا، جو مارل هڪ اهڙو پاڇو هئي جو پنھنجو هوندي بہ پنھنجو نہ هوندو آهي.“
”مون گهر ۾ بہ رڻ ٻاري ڏنو. رات ڏينھن مارل مارل ڪندو هئس. بابي کي تہ ڪجهہ نٿي چئي سگهيس، باقي امان جو ويھڻ وِھہ ڪري ڇڏيم. آخر ڪَڪِ ٿي بابا چاچا سان ڳالھايو، جنھن ٺُپ جواب ڏنو. ماڳهئين ٿَي ڀائر وري رٺا. بھرحال منھنجون ڪوششون جاري رهيون. صبح جو مڇيءَ جو ڪاروبار، شام جو وقت محرم عليءَ جي آکاڙي ۾ گذرندو هو. باقي رات مارل جي تات ۾ تڙپندو هئس.“
”مارل اسان جي گهر گهٽ ايندي هئي. ڪڏهين ايندي بہ هئي تہ امان سان ٻہ منٽ ويھي هلي ويندي هئي. مون کي اک کڻي بہ نہ ڏسندي هئي. منھنجي ننڍي ڀيڻ انٽر جو امتحان ڏيئي ڪاليج ۾ داخلا ورتي هئي. اسان جي خاندان ۾ الائجي ڪيئن هن جو لاڙو پڙهڻ طرف هو. ڀيڻ کي هر وقت ڪتابن ۾ غرق ڏسي مان عجب ۾ پئجي ويندو هئس. ڀيڻ جي هر خواهش جو احترام ڪندو هئس، ڀيڻ ڪڏهن بہ ڪا ڳري فرمائش نہ ڪئي. باقي ڪڏهن ڪتابن لاءِ ڍڳ پئسا وٺندي هئي. منھنجي ڀيڻ سادگيءَ جو مڪمل نمونو هئي.“
”ڪجهہ وقت کان پوءِ چاچا سڱ ڏيڻ تي راضي ٿيو، پر شرط اهڙو رکيائين، جو منھنجا هوش حواس گم ٿي ويا. چاچو مون کي مارل ان شرط تي ڏيڻ لاءِ راضي ٿيو تہ ان جي بدلي منھنجي ننڍي ڀيڻ هن جي موالي پٽ کي ڏني وڃي، جيڪو سڄو ڏينھن نشو ڪيو سُتو پيو هوندو هو.
”شرط ڇا هو زهر جو ڍُڪ هو، جو اسان سڄي خاندان کي پيئڻ لاءِ چيو ويو. امان تہ ٺپ جواب ڏنو. چيائين، ”منھنجي موتين جھڙي ڌيءُ ان مواليءَ کي ڏيان، اهڙو قھر مون کان نہ ٿيندو.“ بابا فيصلو منھنجي مٿان ڇڏيو. ڀيڻ ڪنڊون وٺي روئندي رهي، چئي، ”منھنجو ڪھڙو ڏوھہ، جو مون کي ٿو قربانيءَ جو ٻڪرو بڻايو وڃي، ان کان بھتر آهي تہ مون کي ٻيرا ٻيرا ڪري درياھہ ۾ اڇليو وڃي.“ مون پاڻ کي ان پلصراط تي بيٺل محسوس ڪيو، جنھن جي ٻنھي پاسي دوزخ جي باھہ هئي.
”مارل جي نہ ملڻ جو درد کڻي وڃي کٽ ورتم. سڀ ڪم رهجي ويا. ڀاءُ اڃان ننڍو هو، ذميواري کڻڻ جي قابل نہ هو. باقي بابا کان جيترو ڪم پڄندو هو سو ڪندو هو. ائين سڄو ڪاروبار رُلي ويو. مان بيوس بڻجي ڊهي پيس. امان جو ڏٺو تہ ڇورو هٿن مان ٿو وڃي سا پنھنجي ضد تان لھي ننڍي ڌيءَ کي منٿون ڪرڻ لڳي تہ هُوءَ شاديءَ لاءِ ها ڪري ۽ ڀاءُ جي زندگي بچائي، نہ تہ ڇورو ويو پيو آهي. ننڍي ڀيڻ پاڻ کي پِٽڻ لڳي تہ هن جو ڏوھہ ڪھڙو آهي. هڪ ڏينھن امان منھنجو درد سھي نہ سگهي ۽ وڃي ننڍي ڌيءَ جي پيرن تي هٿ رکيائين. ٻئي ماءُ ڌيئر ڀاڪر پائي سڏڪا ڀري رئنديون رهيون، جو ٻنھي هڪ ٻئي جو درد ڄاتو ٿي.“
”ٻيءَ رات ڀيڻ روئندي مون وٽ آئي. پنھنجي شڪست جو اعتراف ۽ منھنجي فتح جو اعلان ڪيائين. ائين منھنجي محبت ميدان ماريو ۽ سڏڪا ڀريندڙ ڀيڻ کي مواليءَ جي حوالي ڪري مارل کي لال ڪنوار بڻائي گهر وٺي آيس.“
”هاڻي منھنجو ڏينھن رات مارل جي ساٿ ۾ سرهو گذرڻ لڳو. پنھنجي خوشيءَ ۾ ايترو مگن هئس جو ڀيڻ کي بہ وساري ويٺس. ڀيڻ پنھنجي عقل ۽ فھم سان موالي مڙس کي رستي تي آندو. هاڻي هن نشو گهٽائي ڇڏيو هو ۽ ڪجهہ ڪم ڪرڻ لڳو هو. مارل جي هٽلر ٽائپ ماءُ جو ورتاءُ بہ ڀيڻ سان بھتر ٿيڻ لڳو. ڀيڻ پنھنجي علم ۽ ذهانت سان ساهرن ۾ پنھنجو بھترين مقام ٺاهي ورتو.“
”مارل جو مون سان وهنوار سٺو نہ هو. سدائين چڙ ۾ منھن سُڄايو پئي هلندي هئي، پر مان محبتن جو ماريل مارل جي هر جفا کي ادا سمجهندو رهيس. آخر منھنجي محبت جو اثر ظاهر ٿيو، مارل جي روَيي ۾ تبديلي اچڻ لڳي ۽ گهر جو ماحول ڪجهہ پرسڪون ٿيڻ لڳو. اهڙي ريت ٻن ٻارن جو پيءُ بڻجي ويس. هاڻي گهر جنت جو ڏيک ڏيڻ لڳو هو. مارل جي ضدي طبيعت ڪڏهن ڪي ننڍا وڏا مسئلا پيدا ڪري وجهندي آهي ۽ هُو ’آدم بُو، آدم بُو...‘ ڪندي وتندي آهي. بابا کي گهر ۾ ويھاري ڇڏيو اٿم، جو هُو هاڻي ضعيف ٿي ويو آهي. سڄو ڪاروبار منھنجي هٿ ۾ آهي. سٺو ڪمايون ٿا، سٺو کائون ٿا، ڪسرت بہ گهٽ ڪندو آهيان جو وڌيڪ وقت ڌنڌي کي ٿو ڏيڻو پوي.“
اهي هئا قصا يار نادر جا. اسان جي ملاقات هوٽل تائين محدود هئي. نہ هن منھنجو گهر ڏٺو هو ۽ نہ ڪڏهن مان هن جي در تي ويو هئس. ڪجهہ ڏينھن کان نادر سان هوٽل تي ملاقات ٿي نہ سگهي. سوچيم تہ شايد مصروف آهي، ان ڪري نظر نٿو اچي. هڪ ڏينھن مڇي وٺڻ ويس. حيدر جو دوڪان بند هو. نادر جي ٺيھي ڏانھن نظر کنيم. هڪڙو سنھڙو سڪل شخص اتي ويٺل نظر آيو. مان نادر جو پڇڻ لاءِ ويجهو ويس. ڏٺم تہ اهو نادر پاڻ هو. اکيون ڏرا ڏنل، چمڙي گُهنجيل، هڙٻاٽون نڪتل ۽ جسم هڏين جو ڍير. اهو سڀ ڪجهہ ڏسي مان وائڙو ٿي ويس. مڻ مڇي جو ڇٻو هڪ هٿ ۾ کڻي مارڪيٽ جي ڏاڪڻ چڙهندڙ اڄ ٽي ڪلو مڇي کڻندي سھڪي رهيو هو. مان حيران ئي کيس ڏسندو رهيس، جو ڪجهہ چوڻ جي طاقت مان وڃائي ويٺو هئس.
”ڇا ٿو ڏسين ادا! وقت ملھہ ماري ويو آهي.“ نادر مون کي عجب ۾ ڏسي چيو.
”پر توکي ڇا ٿيو آهي، پاڻ مھينو پھرين مليا هئاسين، هن هڪ مھيني ۾ تون چوٿون حصو بہ نہ رهيو آهين.“ مون حال پڇندي چيو.
”بيماريءَ هي حال ڪيو آهي ڀاءُ.“ غمگين منھن سان جواب ڏنائين.
”آخر اها ڪھڙي بيماري آهي، جنھن جو علاج ناهي.“ مون صرف ايترو چيو.
”ادا! ڪي چون ٿا ڪارو ڪامڻ آهي، ڪن جو رايو آهي تہ مدي جو تپ بگڙيو آهي. ڪن جو خيال آهي تہ ڳرَي وڻ هيٺان لنگهيو آهيان، هر طرح جو علاج ڪرايو اٿم، ايتري قدر جو ڌاڳن ڦيڻن وارن کان بہ پاڻ ڦُرايو اٿم، پر ڪٿان بہ ڪنھن ڦڪيءَ فرق نہ ڪيو آهي.“ جواب ڏنائين.
”شام جو هوٽل تي اچ تہ وڌيڪ حال احوال ڪيون.“ ايترو چئي مان مڇي وٺي موٽي آيس. شام جو هوٽل تي ملياسين. حال احوال ڪيائين.
چيائين، ”ڪنھن معمولي ڳالھہ تان مارل سان اٽڪي پيس. هن بہ پنھنجو زور ڏيکارڻ شروع ڪيو. ڪاوڙ ۾ اچي ٺيلھو ڏنومانس وڃي کٽ تي ڪرِي ۽ مان گهر کان ٻاهر هليو ويس. شام جو گهر آيس تہ خبر پئي تہ مارُل ٻار وٺي مائٽن ۾ هلي وئي آهي. مان کيس وٺڻ ساهرن ۾ ويس، مارل سان ملاقات نہ ٿي، ٻار بہ مارل لڪائي ڇڏيا. منھنجي سس مون کي ويھاريو. رات جو چاچيءَ ماني کارائي. ٻوڙ ۾ ڳائو ڀڳل قيمو هو. چاچي صلاح ڏني تہ مان ڪجهہ ڏينھن ڇڏي پوءِ مارل کي وٺي وڃان. ڀيڻ سان ملي مان موٽي آيس. ان رات پيٽ ۾ سخت سُور پيو، سڄي رات سُور کان ڦٿڪندو رهيس. گهر ۾ پيل ٽِڪِي ڦوٽو کاڌم پر ڪو فرق نہ پيو. ٻئي ڏينھن ڊاڪٽر کي ڏيکاريم، جنھن دوا ڏني ۽ سُور ڪجهہ جهڪو ٿيو. پوءِ سُور تہ ڇڏي ويو باقي ان ڏينھن کان جسم ميڻ وانگر ڳرڻ لڳو. جسماني طاقت ايئن ويندي رهي، جيئن وٿين مان وارِي وهي ويندي آهي. ڪيترو ئي علاج ڪرايم، ڪيترن حاذڪن جا در پٽيم، پر نہ بيماريءَ جي خبر پئي تہ ڪھڙي آهي ۽ نہ ڪو علاج لڳو. بک بلڪل ختم ٿي ويئي آهي. اها همت نہ رهي آهي تہ وڃي ٻار وٺي اچان. الائجي ڪھڙي حال ۾ هوندا منھنجا ٻار. چاچي جي گهران ڪوبہ پڇڻ نہ آيو. ڀيڻ ويچاري ايندي آهي ۽ گونگا ڳوڙها ڳاڙي هلي ويندي آهي. ڀيڻ صرف ايترو ٻڌايو تہ اهو قيمي جو ٻوڙ منھنجي چاچي پاڻ رڌو هو، جو صرف مون کي کارايو ويو ۽ باقي بچيل ٻوڙ ڪَسِيءَ ۾ هاري ڇڏيائون ۽ ڪنھن بہ گهر ڀاتيءَ کي اهو کائڻ لاءِ نہ ڏنائون.“
”ڪجهہ ڏينھن بستري تي رهيس پر پوءِ همت ڪري اٿيس جو گهر ۾ ذري گهٽ فاقن جي نوبت اچي وئي هئي. ڪمزور بابو ايترو ئي ڪمائيندو هو جو ٻہ ويلا مشڪل سان کائي سگهندا هئاسين. منھنجي دوائن جو خرچ هڪ الڳ بار هو. ننڍي ڀاءُ کي فقير جي پڙ واري ٺيھي تي وهاريم جو اتي جو نوڪر ٽن ڏينھن جا پئسا کڻي ڀڄي ويو. مان ايترو ڪم نٿو ڪري سگهان. پورت بلڪل ڪانھي جو مھانگائيءَ چيلھہ ڀڃي وڌي آهي.“
اهي هئا حال منھنجي دلبر دوست جا. بھرحال قسمت جو لکيو هو، جو هر ڪنھن کي ڀوڳڻو آهي. نصيبن جا فيصلا اڻمٽ هوندا آهن، ڪوبہ ويل وقت ورائي نہ سگهيو آهي ۽ نہ ڪو قسمت جي لکئي کي ڊاهي سگهيو آهي. مان پوءِ ڪافي ڏينھن نادر سان ملي نہ سگهيس.
هڪ ڏينھن نادر جي ياد مون کي ڏاڍو بي چين ڪيو. مارڪيٽ ۾ ساڻس ملڻ ويس. نادر وارو ٺيھو خالي پيو هو، ڀر واري دوڪان تي نادر جو پيءُ ڪجهہ داڻا ڪرڙين جا اڳيان رکيو ويٺو هو. ويجهو وڃي سلام ڪيم ۽ نادر جو پڇيم.
اکين ۾ آيل آب اگهندي چيائين، ”نادر رب جي رضا تي راضي ٿي راھہ رباني وٺي هليو ويو، اسان کي هن رڻ ۾ هيڪلو ڇڏي.“ مون محسوس ڪيو تہ ڪنھن منھنجي هانوَ ۾ هٿ وڌو آهي.
”اهو قھر ڪيئن ٿيو؟“ ايندڙ سڏڪو روڪي صرف ايترو ئي پڇي سگهيس.
”ابا! ڇا ٿو چئي سگهجي، جيئن کٽ تي ڪريو تہ وري سنئين لنڱين نہ اٿيو. ڪيتري ڪوشش ڪيائين پاڻ کي سنڀالڻ جي پر ڌڪ دشمن جو وهي ويو هو. ان ڪاپاري ضرب نيٺ نادر کي پنھنجي آخري منزل تي رسايو.“ پيءُ روئندي درد جو داستان بيان ڪيو.
”ٻارن جو ڇا ٿيو؟“ مون نہ چاهيندي بہ پڇيو.
”سندس گهرواري جيئن گهر ڇڏي وئي تيئن وري نہ آئي، ٻار بہ ان وٽ آهن. اسان کي ڏسڻ لاءِ بہ نہ ڏنائون. نادر جي ٽيجهي تي منھنجي ڌيءَ کي بہ واپس مون وٽ موڪليائون جا هينئر اسان وٽ آهي. ائين مون کي هيڻو ڪري بي موت ماري ڇڏيائون.“ پوڙهي پيءُ سڏڪندي چيو.
مان ملول منھن کڻي بغير ڪجهہ وٺڻ جي واپس ٿيس. اهو ڏينھن اڄوڪو ڏينھن، مون وري مڇي نہ کاڌي.