اڄ پڻ چڪيم چاڪ (مصور حُسين)
عبدالغفور ولد جانب علي چانڊيو، سنڌي علم و ادب ۾ ’مصور حُسين‘ جي نالي سان سُڃاتو وڃي ٿو. ڏهين ڊسمبر 1985ع تي ’ڳوٺ ايوب خان چانڊيو‘ لڳ ڊکڻ ضلعو شڪارپور ۾ جنم وٺندڙ عبدالغفور، پنجن ڀائرن ۽ ستن ڀينرن جي ڪهول ۾ وڌِي وڏو ٿيو. نذير احمد، بشير احمد، عبدالغفور، محمد عثمان ۽ محمد عمر جو والد سائين جانب علي چانڊيو، هارپي جي ڪرت سان لاڳاپيل هو.
عبدالغفور جي شروعاتي تعليم ’گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ ايوب خان چانڊيو‘ ۾ ٿي، جنھن کان پوءِ هُن ’گورنمينٽ مڊل اسڪول علي خان‘ ۾ ڇهون درجو تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ ’گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڊکڻ‘ ۾ داخلا ورتي، جتان سال 2000ع ۾ مئٽرڪ ڪيائين. ’گورنمينٽ ڊگري ڪاليج رتوديرو‘ مان 2003ع ۾ انٽرميڊيٽ، ’شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور‘ مان ڪاليج سائيڊ کان سال 2007ع ۾ گريجوئيشن، سال 2010ع ۾ فرسٽ ڪلاس سان ايم اَي سنڌي ۽ سال 2019ع ۾ ايم فِل جي ڊگري حاصل ڪيائين. ان وچ ۾ هُن سال 2013ع ۾ ايل ايل بِي جو امتحان بہ پاس ڪري ورتو. هلندڙ دور ۾ هُو، ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پِي ايڇ ڊِي ڪري رهيو آهي.
پنھنجي پيشه ور زندگيءَ جي شروعات هن سال 2008ع کان ڪئي، جڏهن ’سوڀ‘ اخبار ڪراچيءَ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽوريل پيج مقرر ٿيو. سال 2012ع ۾ لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ اخبار ’ڊيلي فاسٽ ٽائم‘ ۾ سب ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏيڻ کان پوءِ سال 15-2014ع ۾ ڪجهہ عرصو وڪالت بہ ڪيائين. سال 2015ع کان هيل تائين هُو ’ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو‘ ۾ سنڌيءَ جي شعبي جو ليڪچرار آهي.
مصور حُسين، پنھنجي ادبي شروعات شاعريءَ کان ڪئي ۽ سال 2001ع ۾ مشھور ليکڪ محترم ’گل ڪونڌر‘ پاران لڳاتار شايع ٿيندڙ ’ادب‘ رسالي ۾ سندس ’وائي‘ پھرين تخليق طور شامل ٿي. جنھن کان پوءِ مضمون، ڪھاڻيون ۽ ناوليٽ سندس سڃاڻپ بڻجندا ويا. سندس ڪھاڻين ۽ ناوليٽ تي مشتمل پھريون ڪتاب ’زندگي مُرجهي ويل گُل جھڙي ‘ سال 2012ع ۾ شايع ٿيو. ’اَي اکين جا انتظار‘ شاعريءَ جو ڳُٽڪو 2016ع، ’ماڻڪ جي ڪھاڻين جو تحقيقي اڀياس‘ ]ايم فِل ٿيسز[ سال 2021ع ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ڇپايل ’سنڌي اصطلاحي لغت‘ 2023ع، سندس هيل تائين جو ادبي پورهيو آهن. هُن پنھنجي ايم فِل ٿيسز تي سال 2021ع ۾ ’انجمن ترقي پسند مصنفين‘ پاران ’بھترين تحقيق جو ايوارڊ‘ بہ ماڻيو آهي.
__________________________________________________________________
حياتي، سُڏڪو آهي... ٽھڪ آهي... اک جو ڳوڙهو آهي... يا وري چَپن جي ويڪر ۽ مُرڪ جي ڪوشش.... سمجهہ ۾ نٿو اچي ۽ سمجهہ ۾ اچي بہ وڃي ٿو. وقت پنھنجي ڀاڪُر ۾ ڀري سڀ ڪجهہ سمجهائي ڇڏي ٿو.
جوانيءَ جي هجوم ۾، ٻہ وجود جڏهن گڏجي ساھہ کڻندا آهن تہ اکيون، بليڪ ائنڊ وائيٽ ڏسڻ کان نابري وارينديون آهن. هر خواب سُرهو، سَرهو هوندو آهي. هر منظر، پيش منظر لڳندو آهي، پس منظر جي واقفيت تہ ڄڻ ڪٿي غائب ٿي ويندي آهي... پوءِ عھد و پيمان جو هڪ جھان جُڙندو آهي، ڪوشش اِها ئي هوندي آهي تہ حياتيءَ جا ساھہ گڏ کنيا وڃن ۽ خاص طور اهو فيصلو ٻن مخالف جنسن جي وچ ۾ ٿيندو آهي. جنس الڳ هوندي آهي، روح ذري گهٽ هڪ جھڙوهوندو آهي. هاڻي ان سڄي ڪٿا ۾ جي دنياداري پويان پئجي وڃي، تہ رفاقتون، رقابتن جي ور چڙهنديون نظر اينديون آهن. دل دهمانن ۾ وڪوڙجي ويندي آهي ۽ پوءِ اها بہ گهڙي اچي ويندي آهي، جو اهو فيصلو ڪجي تہ سڄي دنيا هڪ پاسي.... پنھنجو محبوب ٻئي پاسي....
هڪ عالمي چوڻي آهي، ’محبت ڪندڙ انسان لاءِ، دنيا جي آبادي هڪڙو ماڻھو هوندو آهي.‘ اهو ماڻھو، سامھون اچي تہ پوري ڪائنات سامھون اچي ويندي آهي. عھد و پيمان ٿيندا آهن، نڪرڻ جو وقت طئہ ٿيندو آهي، جاءِ جو تعيُن ٿيندو آهي ۽ ٻئي وجود، پنھنجي پنھنجي جُوءِ ڇڏي، ڪنھن هڪ جاءِ تي پھچي، ڪنھن ٻئي جھان وسائڻ جو عزم طئہ ڪندا آهن.
ڳالھہ کي ٿورو کوليون ٿا. واعدو عورت بہ ڪندي آهي، مرد بہ ڪندو آهي. عورت، جوکم جا هزار حصا ساڻ کڻندي آهي ۽ ناڪاميءَ جي صورت ۾ هزارين ٺوڪرن جي نصيبن جي ور چڙهي ويندي آهي. مرد، جوکم کڻندو تہ آهي، پر ناڪاميءَ جي صورت ۾ کيس خوف جي چادر، هلڪي اوڙهيل هوندي آهي. اهو سڀ هوندي بہ الاءِ ڇو! ان جاءِ تي عورت تہ اچي ويندي آهي، مرد ڪنڌ ڪڍائي ويندو آهي... هر هنڌ، ائين ناهي ٿيندو پر گهڻن هنڌن تي ائين ئي ٿيندو آهي. عورت، محبت ۾ بھادر هوندي آهي، مرد سڄي عمر بہ اها بھادري الاءِ ڇو نہ ماڻي سگهيو آهي.
مصور حُسين پاران هڪ اهڙو ئي قصو... ناڪاميءَ جي صورت ۾ عورت کي هزارين ٺوڪرون نصيب ٿيون، جنھن جو ضامن، پنھنجو پاڻ کي ڏوهي تہ سمجهي ٿو، پر حسبِ روايت صرف ڳوڙها ئي ڳاڙي سگهي ٿو.
محبتن جي ڪھاڻي، چيو ويندو آهي تہ محبت کي دوکي جا الاءِ ڪيترا غلاف ويڙهيل هوندا آهن.
ڏهن سالن جو زيد ڪمري جو در کولي اندر داخل ٿئي ٿو، کيس ڪاري رنگ جي ٽِي شرٽ ۽ اسڪاءِ بليو جينز پاتل آهي. سندس هڪ هٿ ۾ ننڍڙي بئٽ ۽ ٻئي هٿ ۾ بال آهي، منھن تي معصوم فرشتن جھڙي مرڪ اٿس.
”دادا...دادا! اچو تہ ٻاهر هلي لان ۾ راند ڪيون.“ هُو ڪمري ۾ داخل ٿيندي ئي پنھنجي پوڙهي ڏاڏي ڏانھن وڌي وڃي ٿو، جنھن جي عمر پنجھٺ سالن جي لڳ ڀڳ آهي.
زيد پنھنجي ڏاڏي عرفان مصطفيٰ سان صوفا سيٽ تي ويھي رهي ٿو، جيڪو ڪلام ٻڌڻ ۾ گم آهي. صوفا سيٽ اڳيان شيشي جي خوبصورت ٽيبل پيل آهي، جنھن تي گلدان ۾ ڪجهہ گل پيل آهن. ڀر سان ئي سنگل بيڊ پيل آهي، جنھن تي اڇي رنگ جي چادر وڇايل آهي ۽ ٻہ ويھاڻا بہ رکيل آهن. بيڊ سان لڳو لڳ سائيڊ ٽيبل تي ننڍو لائوڊ رکيل آهي، جنھن مان استاد بڙي غلام علي خان جو من موهيندڙ آواز نڪري رهيو آهي.
ياد پيا ڪِي آئَي....
يہ دُک سَھا نہ جائَي...هائَي....
عرفان مصطفيٰ، سُرن ۽ تانن ۾ ايترو تہ گم آهي، جو کيس پنھنجي پوٽي جي اچڻ جي بہ ڪا سُڌ نہ آهي. ڪمري جي ديوار تي دروازي جي سامھون هڪ وڏي پينٽ ٿيل تصوير لڳل آهي، جنھن ۾ سھڻي، دلو هٿ ۾ کڻي درياھہ جي ڪنڌيءَ تي بيٺل آهي ۽ تصوير هيٺان شاھہ لطيف جي سٽ لکيل آهي:
ساهڙ سا سھڻي، سائر پڻ سو ئي
سھڻيءَ جي تصوير هيٺان ٻہ ننڍيون تصويرون لڳل آهن، هڪ عرفان مصطفيٰ ۽ سندس مرحيات گهرواريءَ جي شاديءَ واري تصوير، جنھن ۾ ٻئي مرڪي رهيا آهن. ٻي تصوير ۾ سندس گهرواري اڪيلي ڪرسيءَ تي ويٺل آهي ۽ پوڙهائپ سندس چھري مان صاف بَکِي رهي آهي.
ڪمري ۾ استاد بڙي غلام علي جو آواز پراڏو ڪري رهيو آهي ۽ ننڍڙو زيد خاموشيءَ سان پنھنجي ڏاڏي کي ڏسي رهيو آهي.
”دادا... او دادا! اٿو نہ. ڪرڪيٽ راند کيڏون، ٻاهر موسم بہ ڏاڍي سٺي ٿي وئي آهي، آسمان تي بادل بہ اچي ويا آهن.“ زيد جي آواز ۾ ماڻو ۽ حُجت آهي. ”دادا! اٿو پليز...“ هُو پنھنجي ڏاڏي کي ٻانھن کان پڪڙي خيالن ۽ تصور واري دنيا مان ٻاهر ڪڍي اچي ٿو.
”توهان هوم ورڪ ڪيو آهي يا نہ؟“ عرفان مصطفيٰ، زيد ڏانھن شفقت ڀرين نظرن سان نھاريندي پڇيو.
”هوم ورڪ پوءِ ڪري وٺندس دادا! اول ڪرڪيٽ“ زيد جي آواز ۾ ايلاز سمايل آهي.
”نہ نہ، اول پڙهائي، پوءِ ڪرڪيٽ. نہ تہ مان توهان جي ابو سان شڪايت ڪندس.“ پوڙهو، زيد جي ڳلن تي ٿڦڪي هڻي پيار سان گڏ هلڪي ڌمڪي بہ ڏئي وٺي ٿو.
”چڱو...“ زيد جي منھن تي مايوسيءَ جا تاثر اڀري اچن ٿا ۽ صوفا تان اٿي سوال ڪري ٿو، ”هوم ورڪ ڪري وٺان، پوءِ تہ راند کيڏندا نہ؟“
”ها... ها... جلدي ڪم ڇڏائي موٽي اچ.“ ڏاڏو پنھنجي پوٽي کي ٻاهر ويندي ڏسي ٿو. زيد ڪمري مان ٻاهر نڪري دروازو بند ڪري ڇڏي ٿو. عرفان مصطفيٰ ڪمري ۾ اڪيلو رهجي وڃي ٿو ۽ سامھون لڳل پنھنجي گهرواريءَ جي تصوير ۾ نھاري ٿو، پر ٻئي پل ئي منھن ڦيرائي يادن جي ميلي ۾ ڪنھن ننڍڙي ٻار جيان وڃائجي وڃي ٿو. سڄو ڪمرو هڪ دفعو ٻيھر راڳ جي آواز سان گونجي اُٿي ٿو.
ڏهن منٽن کان پوءِ وري ڪمري جو در کُلي ٿو.
”دادا! مان هوم ورڪ جلديءَ ۾ ڪري ورتو.“ زيد ڪمري ۾ داخل ٿيندي ئي پنھنجي ڏاڏي سان ڳالھائي ٿو. سندس منھن تي اهڙا تاثر آيل آهن، ڄڻ اسڪول جو ڪم ڪرڻ بدران ڪو وڏو ميدان ماري آيو هجي.
”اڙي دادا! هي ڇا اوهان روئي رهيا آهيو؟“ هُو ڏاڏي جي مٿان وڃي بيھي ٿو تہ کيس اکين جا لڙڪ اُگهندي ڏسي وٺي ٿو، جيڪي پوٽي کان لڪائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪيائين، پر پوءِ بہ ناڪام رهيو.
”دادا! پليز ٻڌايو ڇا ٿيو؟ اوهان ڇو ٿا روئو؟ پليز دادا...“ زيد پنھنجي ڏاڏي سان گڏ صوفا تي ويھي رهي ٿو ۽ کيس ڀاڪر ۾ ڀري وٺي ٿو. معصوم ٻار جي چھري جا سڀ رنگ پل ۾ ئي اڏري وڃن ٿا... ”دادا! ٻڌايو پليز، چڱو ڀلي توهان مون سان ڪرڪيٽ نہ کيڏو، پر روئو ڇو ٿا؟“ زيد ڏاڏي جي بي سبب روئڻ تي گهڻو پريشان ۽ ڏکارو ٿي ويو آهي. عرفان مصطفيٰ چُپ ويٺو آهي ۽ ڪو بہ جواب نٿو ڏئي.
”ٻڌايو ڀلا داديءَ جي ياد آئي اٿوَ؟“ زيد سواليہ نظرون کڻي ڏاڏي ڏانھن نھاري ٿو، موٽ ۾ عرفان مصطفيٰ فقط انڪار ۾ ڪنڌ لوڏي ٿو. ”تہ پوءِ ابو يا اميءَ ڪجهہ چيو اٿوَ؟“ پوٽو پنھنجي ڏاڏي جي روئڻ جو سبب ڄاڻڻ لاءِ بيتاب آهي، پر پوڙهو اڃان بہ خاموش آهي. سندس اهڙي روش تي زيد بہ جهٽ پلڪ لاءِ ماٺيڻو ٿي وڃي ٿو.
ڪمرو هڪ دفعو ٻيھر استاد بڙي غلام علي خان جي ٻولن سان مھڪي پوي ٿو.
بيري ڪويليا ڪُوڪ سناوَي... مجهہ بِرهَن ڪا جيئڙا جلاوَي...
پِيا بِن رها نہ جائَي... هائَي... ياد پيا ڪِي آئَي....
”ٺيڪ آ، توهان نٿا ٻڌايو تہ پوءِ مان بہ روئان ٿو، آئنده توهان سان دوستي بہ ختم آهي.“ زيد روئڻ جي اداڪاري ڪري پنھنجا ٻئي هٿ منھن تي رکي ڇڏي ٿو. سندس ڏاڏو ٽيبل تي پيل گلاس کڻي ٻہ ڍڪ پاڻيءَ جا پيئي، ماضيءَ جي سحر مان موٽي اچي ٿو ۽ زيد جي مٿي تي پيار جو هٿ ڦيرائي ڳالھائي ٿو، ”زيد! توهان منھنجا سٺا دوست آهيو. اصل ۾ ڪجهہ ڏينھن کان دل تي بار ٿي پيو آهي ۽ اکيون ڀرجي ڀرجي ٿيون اچن.“ پوٽو پنھنجو ظاهري رنج ختم ڪري ڏاڏَي جي ڀرسان سُري اچي ٿو.
”هيءَ ڳالھہ اڄ تائين مون ڪنھن سان بہ نہ ڪئي آهي، تنھنجي داديءَ کي بہ ان جي سُڌ نہ هئي. هڪ عمر کان هيءَ ڳالھہ سيني ۾ سانڍي رکي اٿم پر هاڻي ڏاڍو بار ٿو محسوس ڪيان، اهو دک هاڻي برداشت کان گهڻو ٿي چڪو آهي. جيئن واهيري جي وير پکي پنھنجي آکيرن ڏي موٽندا آهن، بلڪل ائين ئي جڏهن زندگيءَ جي شام ٿيندي آهي تہ ڏک پکين وانگر پرڙا هڻي اچي ان مرندڙ ماڻھوءَ ۾ واهيرو ڪندا آهن.“ عرفان جي اکين ۾ وري ڳوڙها اچي وڃن ٿا ۽ هُو عينڪ لاهي ڳوڙها اُگهڻ لڳي ٿو.
”زيد بيٽا!“ هُو صوفي تي آهلجي پوي ٿو ۽ بي سبب ڪمري جي ڇِت ڏانھن گهوُري ڳالھائڻ لڳي ٿو تہ سندس تصور آڏو هڪ خوبصورت عورت اُڀري اچي ٿي.
”ان وقت مان پنجويھن سالن جو ڳڀرو جوان هوس، هڪ دفعي هيرآباد مان لنگهي رهيو هوس تہ هڪ بنگلي ٻاهران خوبصورت عورت بيٺل نظر آئي. سندس منھن موتئي جي گل جيان مھڪي رهيو هو. قد جي ڊگهي، مُرڪڻ مھل ڳلن ۾ چُگهہ پئي پيس. سندس نالو شبانہ هئو، مشڪل سان ويھن ايڪويھہ سالن جي هوندي، بس اسان پھرئين ئي نظر ۾ هڪ ٻئي کي دل ڏئي ويٺاسي.“
عرفان مصطفيٰ ماضيءَ جا ڏينھن ياد ڪري ٿڌو ساھہ ڀريو. پنھنجي پيار جي ڪٿا ٻڌائيندي، سندس نڙي خشڪ ٿي وئي ۽ ٽيبل تي پيل جڳ مان پاڻي گلاس ۾ اوتي ڍُڪ پيتائين. زيد ڏاڍي دلچسپيءَ سان سندس قصو ٻڌي رهيو هو، هُو يڪ ٽڪ ڏاڏي ڏانھن ڏسي رهيو هو، جنھن جي چھري تي ڏک جا تاثر ائين لڙي آيا هئا، جيئن سانوڻ جي مند ۾ ٿر جي مٿان ڪڪر ڪاھہ ڪري ايندا آهن.
”اڳتي ڇا ٿيو دادا!“ عرفان مصطفيٰ خاموش ٿيو تہ زيد جي حيراني وڌڻ لڳي.
”پوءِ“ ڏاڏي صوفي کي ٽيڪ لڳائيندي ڳالھايو، ”اسان هر روز هڪ ٻئي کي خط لکندا هئاسين. بنگلي ٻاهران ٺھيل ننڍڙي باغيچي وٽ اسان هڪ ٻئي لاءِ خط رکي، پري پري کان هڪٻئي کي ڏسي بہ وٺندا هئاسين ۽ پوءِ هڪ ڏينھن هن خط لکيو تہ ماءُ پيءُ سندس رشتو ٻئي هنڌ ڪرائي ڇڏيو آهي، مٿئين مھيني شادي آهي.“ هُو ڳالھہ ڪندي رڪجي وڃي ٿو. ماضيءَ جي پيچرن تي نڪري، هُو هٿ مان نڪتل شيشي جي گلاس وانگر ڀڄي ڀور ڀور ٿي پوي ٿو ۽ سندس اکيون آليون ٿي پون ٿيون.
استاد بڙي غلام علي خان جو راڳ ۽ پوڙهي جي سڏڪن جو آواز پاڻ ۾ ملي ماحول کي وڌيڪ سوڳوار بڻائي ڇڏي ٿو.
”پوءِ اسان ٻنھي گڏجي صلاح ٺاهي ڀڄي هلڻ جي.“ عرفان مصطفيٰ جهٽ رکي اڌ ۾ ڇڏيل ڳالھہ وري جاري ڪري ٿو. زيد پنھنجي کاڏيءَ تي هٿ رکي ڏاڏي کي عجيب سوڳوار نظرن سان ڏسندو رهي ٿو.
”پوءِ اسان هڪ رات گڏجي نڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو، اسان رات جو ڏهين بجي حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي ملڻ جو واعدو ڪيو. ان رات کان اڳ منھنجا ارادا مضبوط هئا پر ان رات مان ڀاڙي ٿي پيس، ڊڄي ويس ۽ ريلوي اسٽيشن بدران بستر تي ئي سمھي رهيس.“
عرفان مصطفيٰ ڳالھہ ڪندي وسامي وڃي ٿو، سندس منھن تي پڇتاوَ ۽ ڏک جا اڻ چٽا پاڇا لڙي اچن ٿا. استاد بڙي غلام علي خان جو راڳ آخري آلاپ سان ختم ٿي ويو. ڪمري ۾ سانت ڇائنجي وڃي ٿي ۽ ڏاڏو بنا ڪنھن مقصد جي شيلف ۾ پيل ڪتابن ڏانھن ڏسڻ لڳي ٿو.
”دادا! پوءِ ڇا ٿيو؟“ زيد جو تجسس وڌندو وڃي ٿو.
”ڪي ڏهاڙا مان هيرآباد ڪونہ ويس ۽ نہ ئي خبر چار ورتم تہ ڇا ٿيو پر جڏهن اتان گذريم تہ در کي تالو لڳل نظر آيو، اوڙي پاڙي مان پڇا ڪيم پر ڪا خاص خبر نہ ملي.“ پوڙهي جي نڙي صحرا جي واريءَ جيئن خشڪ ٿي وڃي ٿي ۽ هن پاڻيءَ جا ٻہ ڍُڪ پيتا. شبانہ جو مرڪندڙ چھرو سندس اکين ۾ سمائجي وڃي ٿو ۽ هُو شوڪارو ڀري پنھنجي ڪھاڻي جاري رکي ٿو. ”ڏهن سالن کان پوءِ مان لاهور گهمڻ ويس. انارڪلي بازار مان خريداري ڪري رهيو هوس تہ شبانہ بہ اچي ساڳئي دوڪان تي بيٺي. مون کي پڪ نہ پئي ٿَي تہ ڪو هُوءَ ساڳي شبانہ ئي آهي. وقت هن مٿان ڏکن جا پھاڙ ڪيرائي وڌا هئا، ذري گهٽ هڏن جي مُٺ وڃي بچي هئي. هاڻي سندس اکين ۾ محبت بدران وحشت جو واهيرو هئو، سندس چھري جي رنگت اجڙيل شھر جي کنڊرن جھڙي پئي لڳي. اسان هڪٻئي کي سڃاتوسين، چُپ چاپ دوڪان کان ٻاهر نڪتاسين ۽ هڪ هوٽل ۾ اچي ويٺاسين. چانھہ ۽ پيٽيز گهرايم پر گهڻي دير تائين چُپ چاپ ويٺا رهياسين. مان حيران هوس تہ هُوءَ لاهور ۾ ڪيئن آيل هئي، پوءِ مون همٿ ڪري کائنس لاهور اچڻ جو سبب پڇيو تہ شبانہ اها رات ياد ڏياري، جنھن رات اسان ڀڄي هلڻ جي رٿ رٿي هئيسين. هن ٻڌايو تہ ان رات هُوءَ گهر مان زيور ۽ ڪجهہ پئسا کڻي ريلوي اسٽيشن تي پھتي هئي ۽ اتي مون کي نہ ڏسي هُوءَ پريشان ٿي وئي هئي. رات جو ٻارهين وڳي تائين هُوءَ انتظار ڪندي رهي، پر جڏهن مان نہ آيس تہ مجبور ٿي هن ريلوي اسٽيشن تي گهمندڙ هڪ نوجوان کي چيو تہ، مان گهر کان ڀڄي نڪتي آهيان، منھنجا مائٽ منھنجي زوري شادي ڪرائڻ ٿا چاهين، مون کي پاڻ سان وٺي هلندين.“ عرفان مصطفيٰ ڳالھہ روڪي صوفي تان اُٿي پاڻيءَ ڍڪ پيئي ٿو ۽ ميوزڪ پليئر کي ٻيھر وڄائي ويھي رهي ٿو. ڪمري ۾ استاد بڙي غلام علي خان جو آواز وري گونجڻ لڳي ٿو.
”شبانہ ٻڌايو تہ ان نوجوان کيس نوابشاھہ ۾ اچي هڪ اجاڙ گهر ۾ ترسايو ۽ هُو ڪيترائي ڏينھن ساڻس بيواجبي ڪندو رهيو. هُوءَ بيوس هئي، پاڻ مارڻ جي ڪوشش ڪيائين پر زهر کائيندي پڪڙجي پئي. ٻئي ڏينھن ان نوجوان کيس پئسن تي وڪرو ڪري ڇڏيو، جتان کيس لاهور جي بازار ۾ آندو ويو.“
عرفان مصطفيٰ وڌيڪ ڳالھائي نہ سگهيو، هن جو دم گهُٽجڻ لڳي ٿو ۽ هُو ڪمري جو پکو هلائي ٿو ڇڏي. ننڍڙو زيد ڏاڏي جي حالت ڏسي پريشان ٿي وڃي ٿو، هُو ڏاڏي کي هٿ کان وٺي صوفا تي ويھاري ڇڏي ٿو. ڪمري جي سانت ۾ ميوزڪ پليئر تي هلندڙ آواز سمنڊ وانگر ڇوليون هڻڻ لڳي ٿو.
ياد پيا ڪِي آئي... هائَي
يه دک سها نہ جائَي....
”زيد پٽ!“ ڪي پل سانت ۾ رهڻ کان پوءِ عرفان مطفيٰ وري ڳالھائي ٿو، ”مون کي اهو ڏک ناهي تہ اسان جي عشق جي ڪٿا اڻ پوري رهجي وئي ۽ اسين محبت جي معراج کي نہ ماڻي سگهياسين. بس ڏک اهو اٿم تہ منھنجي غلطي هن کي جنت مان ڪڍي دوزخ جھڙي دنيا ۾ اڇلي ڇڏيو.“
هُو ٻارن وانگر روئڻ لڳي ٿو، ”الاءِ هُوءَ هاڻي جيئري بہ هوندي يا ان بازار ۾ چُڙي چُڙي مري ويئي...“
عرفان مصطفيٰ روئندي روئندي آخري جملو چئي صوفا تان اُٿي ٿو ۽ ٽيبل تان ٻہ ٽڪيون کڻي، ڦَڪَي، بيڊ تي سمھي پوي ٿو تہ زيد بہ ڏکارو چھرو کڻي ڪمري مان ٻاهر نڪري وڃي ٿو.
پٺتي ڪمري ۾ عرفان مصطفيٰ جي اڪيلائي ۽ استاد بڙي غلام علي خان جو اداس آواز سڏڪندو رهجي وڃي ٿو...