چئني پاسي موت (ذوالفقار ڪانڌڙو)
موت هڪ خوفناڪ ٽھڪ ڏيئي چيو هو، ”مون کي تنھنجي پاڇي سان محبت ٿي ويئي آهي، آئون تنھنجي پاڇي کي تو کان ڌار ڪرڻ لاءِ، تنھنجي پويان ڊوڙندو ٿو رهان.“
ڊپ مان ڪنبڻ لڳو، اکيون نڪري آيس، ”اڙي جڏهن تون منھنجو پاڇو مون کان کسي ويندين تہ آئون تہ مري ويندس.“
”مرڻ کان ڊڄين ٿو تہ پوءِ تو اهڙو ڪم ڪيو ئي ڇو هو؟“ موت پنھنجي ڳچيءَ مان هن جو هٿ ڪڍائي ورتو.
”تڏهن تہ مون مرڻ لاءِ سوچيو ئي نہ هو، مون تہ هُن کي ڏسي جيئڻ ٿي چاهيو، هُن کي ڏسي مون کي زندگيءَ سان پيار ٿي ويو هو، آئون تہ هُن جي ناسي نيڻن جي سمنڊ ۾ پنھنجي زندگيءَ جي وڃايل ٻيڙيءَ کي ڳولڻ لڳو هوس پر پوءِ آئون خود بہ وڃائي ويٺو هوس. مون پاڻ کي ڏاڍو ڳوليو پر ڪٿي بہ لڀجي نہ سگهيس، نيٺ مون ڏٺو پاڻ کي هُن جي ناسي نيڻن ۾، اُهي اکيون بہ پاڻ کي منھنجي اکين ۾ ڳولي رهيون هيون. اسان پوءِ ڳولي لڌو هو پاڻ کي هڪ ٻئي جي اکين ۾.
۽ پوءِ رهجي ويئي هئي رستي جي ڌوڙ منھنجي اکين ۾، اُها گاڏي جنھن ۾ هُوءَ ويٺي هئي، منھنجي نظرن کان اوجهل ٿي وئي. هن کي وري ڏسڻ لاءِ آئون ڪيترائي ڏينھن رستي جي مٽي ٿي ويو هوس، پر هُوءَ وري هن رستي تان مون کي نظرن سان لتارڻ لاءِ وري نہ لنگهي. مون کي خبر پئي تہ هُو آهي اسان جي ئي علائقي جي، پر وڏي شھر ۾ هڪ محل ۾ رهندي آهي ۽ اُتي پڙهندي بہ آهي. مون پاڻ کي رستي جي مٽيءَ مان الڳ ڪيو ۽ اُن وڏي شھر ۾، هُن جي بنگلي واري رستي جو پٿر ٿي ويس. هُوءَ جڏهن اُن رستي تان لنگهي، جتي آئون پٿر ٿي ويو هوس تہ هُن مون کي سُڃاڻي ورتو تہ آئون اُهو ئي آهيان، رستي جي مٽي..! هُن مون کي ڇُھيو، آئون پٿر مان ماڻھو ٿي پيس. هُوءَ جبلن جي اوچائيءَ کان بہ وڏي اوچائيءَ تان لھي آئي ۽ اسان دنيا جي گهري سمنڊ ۾ گم ٿي وياسين پر هُو جيڪي مٿي اوچائيءَ تي ويٺا هئا، انھن اسان کي ڏسي ورتو ۽ هُنن توکي اسان جي پٺيان ڇڏيو. تو تہ هُن کي سندس پاڇي سميت گم ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي منھنجي پويان پيو آهين.
هن سمجهيو تہ موت هن جي ههڙي حالت ڏسي وڏا وڏا ٽھڪ ڏيئي، هن کي ڊيڄاريندو پر موت تہ هن لاءِ روئڻ لڳو، ”اڙي تون راڄ روئاڙيندڙ آهين، تون ڇو پيو روئين؟“ موت ڪوبہ جواب نہ ڏنو، روئندو هليو ويو، اُهو چوندي تہ ”ٻن ٽن ڏينھن کان پوءِ تو وٽ ايندس دوست.“
هاڻي هي ٽھڪ ڏيئي کلڻ لڳو هو، هن کي پنھنجي حالت تي ڪوبہ رحم نٿَي آيو. هيترا ڏينھن موت کان ڀڄڻ مان ڪجهہ بہ نہ وريو هو، هي جتي بہ ويو ٿي موت سندس ڪڍ لڳو آيو. هن ملڪ ۾ رهي، هي اُن وڏي ماڻھوءَ کان ڪٿي بہ لڪي نٿي سگهيو، هُن وڏي ماڻھو جا مُلڪ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ مُريد هئا. هُو هڪ سياسي پارٽيءَ جو اڳواڻ هو، هُو هر حڪومت ۾ شامل هوندو هو، چاهي آمريت هجي يا جمھوريت، هن جي وزارت پڪي هوندي هُئي.
عشق باھہ ۽ پاڻيءَ جو ميلاپ ئي تہ آهي ۽ عشق هڪ ڏوھہ بہ تہ آهي، عشق ۾ سوچ ۽ سمجهہ بہ نہ رهندي آهي ۽ هن بہ بنا سوچ ۽ سمجهہ جي عشق جو ڏوھہ ڪري وڌو. هي اُن وڏي ماڻھوءَ جي ننڍي ڌيءَ سان عشق ڪري ويٺو هو. هن جي ليکي عشق ڪرڻ ڏوھہ نہ آهي، پر ان وڏي ماڻھوءَ ۽ سندس ماڻھن جي نظر ۾ اهو ڏوھہ معافي جوڳو نہ هو.
اُها ڇوڪري هن سان ٻن ڪپڙن ۾ نڪتي هُئي، پر کين ڪٿي بہ پناهگاھہ نہ ملي سگهي، نيٺ هي پڪڙجي پيا، هي تہ گيدي ٿي هُنن جي چنبي مان پاڻ ڇڏائي ڀڳو هو، پر هُوءَ هنن جي چنبي ۾ اچي ويئي. هاڻي هُن جو وجود ڌرتيءَ اندر هو، هي ٻہ لڙڪ بہ لاڙي نہ سگهيو هو، هن کي تہ پنھنجي موت کان اڳ پنھنجي ئي موت تي روئڻو هو. هن کي پاڻ کي تيستائين بچائڻو هو، جيستائين موت کيس گلي مان جهلي دسي نہ وجهي. موت جي خوف کان هي لڪندو ٿي رهيو، مُلڪ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾، وڏي ماڻھوءَ جو فرمان هو تہ هن کي ماريو وڃي. ڪيترو ئي وقت هي لڪندو رهيو، هي جنھن بہ پاسي ويو ٿي، اُتي هن محسوس ڪيو وڏي ماڻھوءَ جي ڪنھن ماڻھوءَ کي موت جي روپ ۾.
هن کي يقين ٿي ويو تہ هي مارجي ويندو، هي ڪڏهن بہ بچي نہ سگهندو. هن جي اکين اڳيان ڦري آئي وڏي ماڻھوءَ جي تصوير. غضبناڪ چھرو، ڳاڙهيون اکيون، خضاب لڳل ڪاري ڏاڙهي هي شھرن ڏانھن ڀڳو، هن کي محسوس ٿيو تہ اُتي بہ هر ٻيو ماڻھو وڏي ماڻھوءَ جو مخبر آهي.
ڳوٺن ڏانھن ڀڳو، بيابانن ڏانھن ڀڳو، هن هر هنڌ موت کي ڏٺو. گاديءَ واري شھر ڏانھن ڀڳو، چاهيائين پارليامينٽ اڳيان پمفليٽ ٺاهي بُک هڙتال تي ويھي رهي تہ مون کي موت کان بچايو وڃي، پر هن ڏٺو اُتي بہ هن وڏي ماڻھوءَ جا ماڻھو هُئا.
هُوءَ ساڻس ملي هئي، جنھن جي ڪري موت کيس ڳولي رهيو هو، ”ڀاڙيا، گيدي تون محبت ڪرڻ جي لائق نہ هُئين...“ گهڻن ڏينھن کان پوءِ جڏهن آئينو ڏٺائين تہ محسوس ڪيائين، آئيني ۾ سندس چھرو نہ آهي. هاڻي پڪ سان وڏي ماڻھوءَ جو موڪليل موت کيس سُڃاڻي نہ سگهندو، اُن مھل هُن جي تصوير آئيني ۾ اُڀري آئي هئي، هي چڪرائجي ويو هو، اکيون مھٽڻ لڳو ”تون... تون ڪيئن آهين، تون تون اڃان زنده آهين ڇا؟“ آئيني مان تصوير ڪاوڙ وچان هن کي ڏسڻ لڳي، ”آئون مري وئي آهيان ڀاڙيا، هنن مون کي ماري ڇڏيو ماڻھن کي ٻڌايو ويو تہ آئون بيماريءَ وگهي مري ويس، پر مون کي خبر آهي تہ آئون ڪيئن مُيَس.... تنھنجي لاءِ محبت ڇا فقط دل لڳي، فقط پائڻ، نڀائڻ نہ هو... تو تہ فقط ڀؤنر وانگر گُل تي ويھڻ چاهيو هو بس، تو مون سان ڇو نہ نڀايو.“
”آئون تو سان نڀائي رهيو هوس، نڀايان بہ ها پر هُو مون کي ماري ڇڏين ها..!“
”مري تہ هاڻي بہ ويندين، ڪيترو ڀڄندين، لڪندين... هُو توکي دُنيا جي ڪنھن بہ ڪُنڊ مان ڳولي هٿ ڪندا.“
هي ڏڪڻ لڳو ۽ پوءِ هن ڏٺو آئيني ۾ تہ هُوءَ ڪونہ هُئي، آئيني ۾ تہ سندس شُڪل هئي، ڏڪندڙ، رڦندڙ... هن کي لڳو موت کي هن سان عشق ٿي ويو آهي. موت ڪڏهن بہ ڪٿي بہ کيس ڀاڪر ۾ ڀري سگهي ٿو. ٻئي هنڌ ائين ٻي موت کان مرڻ کان تہ بھتر آهي تہ آئون پنھنجي شھر ۾ ئي موت جي ڀاڪرن ۾ اچان. مري تہ ڪٿي بہ سگهجي ٿو، پوءِ پنھنجي شھر ۾ ڇو نہ. هي واپس موٽي آيو هو، پنھنجي ننڍڙي شھر ۾ ڪنھن بہ ماڻھوءَ عجب نہ کاڌو، ”هن کي تہ واپس موٽي اچڻو هو، زنده يا لاش جي صورت ۾، ڪيڏانھن ڀڄي ها موت کان.“
ماءُ کيس ڀاڪرن ۾ سوگهو جهليو هو، ڄڻ ڪوئي کانئس ڇني جدا ڪندو هجي. پيءُ ڪاوڙ مان کيس گاريون ۽ ڀونڊا ڏيڻ لڳو تہ تو اهو ڪم ڇو ڪيو ۽ نيٺ ڀاڪر ۾ ڀري روئڻ لڳو هو. ڀائرن ڪاوڙ مان هن کي ٻہ ٽي ٿڦڙ هنيا ۽ پوءِ هُو بہ روئڻ لڳا.
هن کي لڳو هونئن تہ هي ڪڏهن بہ اوچتو مري سگهي ٿو، پر گهر ۾ ماتم مان لڳي ٿو تہ هي هن پل ئي مري ويو آهي. سندس موت تي اڳواٽ ماتم ڪندڙ گهر وارن کي روئندو ڇڏي، هي ٻاهر نڪري آيو... گهٽيءَ جي موڙ وٽ بيٺل سندس ننڍپڻ جي دوست، هن کي ڏسي چيو، ”اڙي تون ڇو موٽي آيو آهين... ڀڄي وڃ، ڀڄي وڃ... نہ تہ مري ويندين.“ ايئن چئي هُو هن کان پري ڀڄڻ لڳو.
هن ڏٺو سندس ڪپڙا ڦاٽل ۽ ميرا، گهر ۾ بہ فقط هڪڙو ڪپڙن جو وڳو پيل، بازار مان ڪپڙو ورتائين... درزيءَ کي ماپ ڏيڻ لڳو، درزيءَ پُڇيس، ”ڇا تون هي ڪپڙا خيرات ۾ ڏيڻ چاهين ٿو موت کان اڳ ۾؟“ هن ناڪار ڪئي تہ آئون هي ڪپڙا پائيندس... ”اڙي تون ڇا ٿو سمجهين! تون موت کان بچي ويندين، هُو توکي ماري ڇڏيندا.“
مٺائيءَ جي دوڪان تي چڙهي آيو، مٺائي کيس گهڻي وڻندي آهي. هن اڌ ڪلو مڪس مٺائيءَ جو آرڊر ڏنو ۽ کائڻ لڳو. مٺائيءَ واري چيس، ”ها بابا کائي وٺ دل سان، ٻہ ٽي ڏينھن آهن، تو وٽ کائڻ جا.“ بازار ۾ جنھن بہ هن ڏانھن ڏٺو ٿي تہ رحم جوڳين نظرن سان. هاڻي کيس ڪاوڙ لڳي رهي هئي تہ هي ٻہ ٽي ڏينھن، تڪڙا گذري وڃن، وڏي ماڻھوءَ جا موڪليل ماڻھو کيس اچي ماري وڃن.
هن جي اڳيان پوليس موبائل اچي بيٺي، صوبيدار گاڏيءَ مان لھي، هن کي ڏٺو ۽ جمعدار کي چيائين تہ، ”ٻن ٽن ڏينھن اندر پاڻ کي هڪ ايف آئي آر لکڻي آهي، تہ هن ماڻھوءَ کي ڪي نامعلوم ماڻھو ماري ويا.“
هاڻي هن کي پڪ ٿي وئي تہ هاڻي سندس موت اڻٽر آهي. هيءَ پوليس جيڪا اسان جي حفاظت لاءِ آهي، انھن کي جڏهن سڀ خبر آهي تہ آئون ماريو ويندس، پوءِ بہ هي ڪجهہ نٿا ڪري سگهن.
هر لمحي جي هزارين حصي ۾ هي ڏسي رهيو هو پنھنجو موت، هي ڪڏهن بہ، اوچتو مري سگهي ٿو، اچانڪ ڪا گولي يا ڪھاڙي يا سندس مٿان ڪا گاڏي بہ چڙهي سگهي ٿي. هاڻي هي موت جو صبر ڪري ٿڪجي پيو هو، ايندڙ موت روز کيس اذيتون ڏئي رهيو هو. هي روز موت کان اڳ مري رهيو هو. هاڻي کيس موت جو اڳ جهلي بيھڻو پوندو. هاڻي کيس موت کان ڀڄڻو ناهي نہ ئي موت جو ڪو انتظار ڪرڻو آهي.
هي اڳيان وڌندو وڃي پيو، موت ڏانھن، اڳيان ئي ڪٿي کيس موت سان ملڻو آهي. هي پھتو وڏي ماڻھوءَ جي ڳوٺ ۾، ڏسي ٿو تہ ڳوٺ جو هر ماڻھو روئي رهيو آهي، پر سندن چھرن تي خوشي بہ آهي. وڏي ماڻھوءَ جي محل نما اوطاق ۾ هر ماڻھو سوڳوار آهي. اوطاق ۾ انبوھہ وڌندو وڃي ۽ هي هڪ خوش ڏسڻ ۾ ايندڙ پر روئندڙ ماڻھوءَ کان پڇي ٿو تہ، ”ادا ڇا ٿيو آهي؟ اوهين سڀ ڇو پيا روئو؟!“ هُو ماڻھو کلڻ واري نموني روئندي چوي ٿو تہ ٿوري دير اڳ ۾ وڏي ماڻھوءَ جو اڪيلو پُٽ، هن تڪ جو ايم اين اي صاحب روڊ حادثي ۾ مري ويو آهي ۽ اها خبر ٻڌندي ئي وڏو ماڻھو دل جي دوري سبب مري ويو آهي.“
۽ هي اُن ماڻھوءَ سان گڏ چھري تي خوشي آڻي، روئڻ ٿو لڳي، روئندي روئندي کلڻ ٿو لڳي، ڏسي ٿو موت هن کان پري ڀڄندو پيو وڃي.