ماھوار امرتا ڪارنر

ماھوار ”امرتا“ ميگزين شمارو نمبر 135 ڊسمبر 2023

ھن شماري جي ڪلاسيڪل ڪارنر ۾ مولوي حاجي احمد ملاح، بلقيس ڀُٽو جو تحقيقي مضمون ”شاھہ لطيف جي شاعريءَ جو ساختياتي جائزو“، حيات علي شاھہ بخاريءَ جي سارَ- جبران زيب، الطاف شيخ، صلاح الدين پنھور، پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي، عنايت نھڙيوجا ليک، ڦلواڙي ۾ رابندر ناٿ ٽئگور، رجب ٻُگهيو، مٺل جسڪاڻي، احساس ميرل، نصير سومرو، ليلا رام، وفا جانوري، حُميرہ نُور، بختاور منصور، خالد چانڊيو، عبدالله آس هنڱورجو، آزاد خاصخيلي، وحيد علي ناهيون، فقير مسڪين وگهيو، وسيم حيدر کوسو، فراخ جانوري.جي شاعري شامل ڪيل آھي. ان کانسواءِ ڪھاڻيون، فيچر، اڪبر سومري جي ناول جو باب، ڪتابن تي تبصرا ۽ ٻيو مواد شامل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 52
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امرتا سٿ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ماھوار ”امرتا“ ميگزين شمارو نمبر 135 ڊسمبر 2023

هن شماري جو ڪتاب (فتح فقير جو ڪلام) رِوِيُو: حُميرہ گُل

’فتح فقير فائونڊيشن سنڌ‘ پاران ڇپرايل ’فتح فقير جو ڪلام‘، پروفيسر ڊاڪٽر اعجاز علي کُوهارو سھيڙيو آهي، جيڪو هن فائونڊيشن جو چيئرمين بہ آهي. فتح فقير جي ڪلام جي تحقيق ۽ تصحيح جڳ مشھور ڏاهي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪئي، جڏهن تہ سھيڙ، ڊاڪٽر کُوهاري جي نصيب ۾ آئي آهي. ڊيمي سائز جي 144 صفحن ۽ چار رنگي ٽائيٽل ساڻ، هن ڪتاب جي قيمت 300 روپيا رکي وئي آهي. شروعات ۾ ’سھيڙيندڙ پاران‘ ڊاڪٽر کُوهارو لکيو آهي، جڏهن تہ ’فتح فقير هڪ عھد ساز ڪلاسيڪل شاعر‘ سيد نواز علي شاھہ ڀاڏائيءَ جي تحرير آهي. جنھن کان پوءِ وري درويش فتح فقير جي سوانح عمري، ڊاڪٽر اعجاز علي کُوهارو پاران ڏني وئي آهي.
ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، پھرئين ڀاڱي جو ’مقدمو‘ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو لکيل آهي، جنھن ۾ بيتَ، مولود، ڪافيون ۽ مداحون شامل آهن. جڏهن تہ ٻئي ڀاڱي ۾ مختلف ماخذن تان ’فتح فقير‘ جو ڪلام کنيل آهي، جنھن ۾ سُر ڪلياڻ: ڪافي يَڪي، سُر مارئي: ڪافي ڏيڍي، سُر سسئي: ڪافي ڏيڍي، سُر سسئي: ڪافي يڪي، سُر سسئي: ڪافي يڪي ۽ سُر سسئي: ڪافي ڏيڍي شامل آهي. ان ئي ڀاڱي ۾ ’شاھہ لطيف جي وائي ۽ اوسر‘ عبدالستار پيرزادو ۽ ’سُر ڪيڏارو ۽ شاھہ عبداللطيف‘ ڊاڪٽر الطاف حُسين جوکيو جا لکيل آهن. فقير سائينءَ جو ڪلام پنھنجي منفرد جوڙجڪ رکي ٿو ۽ سلوڪ جي جھان ۾ سندس رنگ نرالو نظر اچي ٿو.