ٽُٽندڙ خوابن جي پِيڙا (بخشل باغي )
روسي ادب ۾ ناول جي دنيا ڏاڍي وسيع، گَهڻ رُخي ۽ آرٽسٽڪ نموني سان جُڙيل آهي. ڪردار توڙي اُنھن جا منظر ۽ پَس منظر، ڪھاڻين جي زاويي ۾ ڏاڍي ڀرپور، دلچسپ ۽ فنائتي انداز سان اُڻيل هجن ٿا. طَويل ناول هُجن يا ننڍا ناول اُنھن ۾ آرٽ جا اهڙا تہ نِرالا ۽ نفيس رنگَ سَمايل هوندا آهن، جو پڙهندڙ اُنھن ڪردارن جي رُوپ ۾، پاڻ کي اُنھن جي دنيا جو حصو محسوس ڪرڻ لڳندو آهي. منھنجو ذاتي خيال آهي تہ ايڏا وڏا ضخيم يا ننڍا ناول، ٻين ٻولين ۾ گهٽ هوندا يا وري ايترا تخليقي طور سگهارا نہ هوندا، جيترا روسي ٻوليءَ جي ادب ۾ شاهڪار ۽ ڇِرڪائي ڇڏيندڙ ناول آهن. هُونءَ بہ روس سدائين عظيم اديبن جي ڌرتي رهي آهي.
روسي ادب جي اهڙن شاهڪار ۽ مشھور ناولن ۾ ’نڪولائي آستراوسڪيءَ‘ جو ’دار و رَسن ڪي آزمائش‘، ’ميخايئل شولوخوف‘ جو ’اور ڊان بھتا رها‘، ’بورس پيسترڪ‘ جو ’ڊاڪٽر زواگو’، ’ميڪسم گورڪيءَ‘ جو ’ماءُ‘، ’دوستووسڪيءَ‘ جو ’ايڊيٽ‘، ’ٽالسٽاءِ جو ’وار اينڊ پِيس‘، ’چنگيز اعتماتوف‘ جو ’ڌرتي ماءُ‘، ’ايوان ترگنيف‘ جو ’پھريون پھريون پيار‘، ’لرمنتوف‘ جو ’اسان جي دؤر جو سورمو‘ يا روسي ادب جي اهم ناول نگار ’اليگزينڊر سولنسٽين‘ جو ’ڪينسر وارڊ‘ هجي. اُهي اهڙا تہ دل ۾ پيھي ويندڙ ناول آهن، جو پڙهندڙ ڄڻ تہ ڪو اُنھن کي پڙهندي مَنڊجي ويندو آهي. اليگزينڊر سولنسٽين جو ناول ’ڪينسر وارڊ‘ بہ اهڙي ئي تخليقي سَحر انگيزيءَ سان سِرجيل هڪڙو شاندار ناول آهي، جنھن ۾ ليکڪ وڏي هُنرائتي نموني ’ڪينسر وارڊ‘ جو هڪ شاندار خاڪو جوڙي پڙهندڙن کي حيران ڪري ڇڏي ٿو. اليگزينڊر سولنسٽين هن ناول ۾ لکي ٿو:
’دنيا ۾ ظاهر ٿيندڙ تبديلين جي ڄاڻ مُمڪن ناهي. اُن ڪري ماڻھو بيوقوف ئي مري ٿو.‘
اهڙن ڪيترن ئي ڏَڪائي ڇڏيندڙ جُملن سان هي ناول پنھنجي پڙهندڙن کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏي ٿو. حقيقت ۾ ’ڪينسر وارڊ‘ جو منظرنامو 1950ع ۾ ازبڪستان جي هڪ اسپتال جو اُهو وارڊ آهي، جنھن ۾ داخل مريض ڪينسر ۾ مُبتلا آهن. ’ڪينسر وارڊ‘ استعارن اُن وقت جي ڪميونسٽ سوويت يونين آهي، جنھن ۾ ڇُڙواڳ اڳواڻ اسٽالن جي حڪومت جي پُڄاڻي، سندس موت 5 مارچ 1953ع تائين ٿئي ٿي، پر حڪومتي ڏاڍ جو سلسلو اُنھي نموني ڪيترن ئي سالن تائين هلندو رهيو. ايسيتائين جو 1990ع جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ ڪميونسٽ سوويت يونين جي پُڄاڻي نہ ٿي. ناول ۾ اُن دور جا سياسي نظريا، اخلاقيات ۽ اُميد کي مرڪز جو دائرو بڻايو ويو آهي. ناول تمثيلي زمري ۾ آڻي سگهجي ٿو. تحرير جو اهڙو نمونو، بي رحم زميني حقيقتن ۽ صداقتن کي مختلف ڪردارن جي واتان بيان ڪري ويو آهي.
’ڪينسر وارڊ‘ ناول اليگزينڊر سولنسٽين جو اِهو ادبي ڪارنامو آهي، جنھن کي ادبي دنيا جي هڪڙي عظيم تخليق سمجهيو وڃي ٿو.
شيخ اياز جي لفظن ۾ تہ، ”ٽالسٽاءِ کان پوءِ روس جو عظيم ترين ناول نويس ۽ مُنفرد مؤرخ سولزي نٽسن 1918ع ۾ ڄائو هو. هُن جي شھرت پھريون ڀيرو هڪ ناول سان ٿي، جنھن جو نالو هو ’سائبيريا ۾ اوان ڊينزوچ جي زندگيءَ ۾ هڪ ڏينھن‘. اُهو ناول 1962ع ۾ ڇپيو هو. اُهو ناول پھريان روسي رسالي ’نُووي مير‘ (Novy Mir) ۾ ڇَپيو هو، جنھن سان مغربي دنيا ۾ سولزي نٽسن جي شھرت پکڙجي وئي ۽ جنھن سولزي نٽسن کي رياضيات جي ماستر جي گُمنام زندگيءَ مان ڪڍي عالمي شھرت ڏني. اُن ناول ۾ روسي ناول نويس دوستووسڪيءَ واري عظمت هئي. اُن جي تحرير ۾ هڪ عظيم الشان قوت هئي. ناول ۾ روسي قيديءَ جو جلاوطنيءَ ۾ هڪ ڏينھن ڏيکاريل هو ۽ اُن ۾ هُن جيڪي اَذيتون سَٺيون هُيون، اُهي قلمبند ڪيون ويون هيون. ايڏي بين الاقوامي شھرت جي باوجود هُن جا ٻہ اَهم ناول ’پھريون دائرو‘ (First Circle) ۽ ’ڪئنسر وارڊ‘ (Cancer Ward) پوءِ بندش هيٺ آندا ويا، ڇو تہ اُنھن ۾ سوويت سماج تي ڪڙي تنقيد هئي.
سولزي نٽسن طبيعات ۽ رياضيات ۾ ڊگري ورتي هئي. 1942ع ۾ هُن کي فوج ۾ شامل ڪيو ويو. 1945ع ۾ هُن کي اَٺ سال ٽيپ ڏئي سائبيريا جي هڪ بيگار ڪئمپ ۾ موڪليو ويو، ڇو تہ هُن پنھنجي دوست کي خط لکيو هو، جنھن ۾ اسٽالن تي ڪڙي تنقيد ٿيل هئي. هُن کي وڌيڪ ٽي سال سائبيريا ۾ جلاوطن ۽ 1957ع ۾ سرڪاري طرح آزاد ۽ ٻيھر آباد ڪيو ويو. ڇو تہ اُن وچ ۾ اسٽالن مري چُڪو هو ۽ ڪُرسچوف، اسٽالن جي نالي تهس نهس ڪرڻ (De Stalinization) جي مھم شروع ڪري ڇڏي هئي. مٿي ذڪر ڪيل ناول ’پھريون دائرو‘ ۾ هڪ قيدي سائنسدان جي، اسٽالن جي هڪ تحقيقي مرڪز ۾ ڀَوائتي زندگي ڏيکاريل هئي ۽ ٻئي ناول ’ڪئنسر وارڊ‘ ۾ هڪ روسي اسپتال ۾ لرزائيندڙ واقعن کي نھايت پيچيدہ موڙ ڏنو ويو آهي ۽ ڪردار نگاري اهڙيءَ طرح ڪئي وئي آهي، جو پڙهندڙ جي دل سوويت سماج جي باري ۾ سوچي ڏَڪي وڃي ٿي.“
اهڙي طرح سولزي نٽسن جو ’ڪئنسر وارڊ‘ ناول جي دنيا ۾ زندگيءَ جي حساس مامرن، احساسن ۽ ڪيفيتن کي پاڻ ۾ سَمائي اهڙي نموني پڙهندڙ جي دل ۾ گهرو لھي وڃي ٿو، جو ماڻھوءَ جي پيڙائن جون لھرون لفظن مان اُڀري روح ۾ محسوس ٿيڻ لڳن ٿيون.
هن ناول ۾ سوويت معاشري جي سُٺي منظرڪشي ڪئي وئي آهي. ائين سمجهو تہ ’ڪينسر وارڊ‘ سوويت معاشري جو چِٽو آئينو آهي. اُن ۾ اهم طبقي جي سماج جا مريض بہ موجود آهن. هڪڙي پاسي ’روسانو‘ آهي جيڪو سوويت يونين جي بيوروڪريسيءَ جي نمائندگي ڪري ٿو، سندس ڪم اِهو آهي تہ هُو معاشري جي اهڙن ماڻھن مُتعلق رپورٽ ڪري، جيڪي سوويت يونين جي لاءِ خطري جو ڪارڻ بڻجي ٿي سگهيا. ايئن گهڻن ماڻھن جي قرباني ڏئي، هُو ترقيءَ جا ڏاڪا چڙهي ٿو. هُن کي ’ڪينسر وارڊ‘ ۾ پنھنجي حيثيت مُطابق ڌيان گُهرجي ٿو، پر وارڊ ۾ ساڻس ٻيا بہ ماڻھو داخل آهن، جن جي لاءِ هُو صرف هڪڙو مريض ئي آهي.
’ڪينسر وارڊ‘ جو دلير مريض وري ’ڪوسٽو گلوٽو‘ آهي، جيڪو شروع ۾ هڪ غُنڊو نظر اچي ٿو. روس پاران جنگ ۾ وڙهي چڪو آهي، پر پوءِ ڪنھن ڪارڻ کيس ڪنھن پَرانھين علائقي ۾ جلاوطن ڪيو وڃي ٿو. شايد روسانو جھڙي ڪنھن بيورو ڪريٽ پاران... بداخلاق، بدتميز ۽ حيران رهندڙ ڪوسٽو گلوٽو کي لڳي ٿو تہ، ڊاڪٽر سندس علاج سھي نموني نٿا ڪن... پوءِ کيس اسپتال جي عَملي جي ٻن عورتن سان مُحبت ٿي وڃي ٿي. ڪوسٽو گلوٽو کي علاج مُتعلق هڪ اهڙي ڳالھ جي خبر پوي ٿي، جيڪا کيس پريشان ڪرڻ لڳي ٿي.
’ڪينسر وارڊ‘ ۾ هڪ ٻيو مريض، هڪ اَهم ڪردار ’شلوبن‘ بہ آهي، جنھن جو ڪم هوندو هو تہ جڏهن بہ عدالتن ۾ ڪنھن جو ڏوھ ثابت ٿيندو هو تہ هُو ۽ سندس ساٿي وڏي آواز سان اُنھيءَ کي وحشتناڪ سزا ڏيڻ يا ماري ڇڏڻ جو اعلان ڪندا هئا، ڇو تہ اهي وڏي آواز سان اُها سَزا ٻُڌائڻ تي رکيل هئا.
تنھن کان سواءِ ڊاڪٽر ۽ نرسون، جيڪي ٿَڪاوٽ کان چُور، پنھنجي ڪم ۽ اُن ڪم جي ضابطن سان سچا... پنھنجين ذاتي زندگين ۾ تنھا... ’ڪينسر وارڊ‘ جي مريضن جي صحتيابي ئي سندن زندگيءَ جو مقصد آهي. اُنھن کي پرائيويٽ پرئڪٽس جي بہ موڪل ڏنل نہ آهي ۽ اُنھن کي غير ضروري مصروفيتن ۾ بہ مُنجهائي رکيو ويندو آهي. اُن کان سواءِ واڊم، احمد جان سان گڏ ٻيا بہ ڪردار آهن.
اهي سڀ ڪردار، پنھنجي مُختلف پس منظر سان گڏ هڪ ئي ڪينسر اسپتال ۾ داخل آهن. سڀ پنھنجي ماضيءَ کي سارين ٿا. مُستقبل سندن بي يقينيءَ جي ڌُنڌ ۾ ڌُنڌلائجي وڃي ٿو. سندن يادگيرين ۾ سوويت يونين ۾ رهندڙ مُختلف طبقن جي سوچ ۽ زندگيءَ جي نموني جي ڄاڻ اسان کي پڙھڻ لاءِ ملي ٿي. اُنھن جي پاڻ سان ڪيل ڳالھ ٻولھ ۾ اسان کي مُختلف نظرين کي جانچڻ ۽ سمجهڻ جو موقعو ملي ٿو.
جيئن، ڪوسٽو گلوٽو جيڪو هڪ سزايافتہ مجرم آهي، روسانو جنھن جو ڪم سزا ڏيڻ آهي يا ڏوھ جي رپورٽ پيش ڪرڻ آهي ۽ شلوبن جنھن جو ڪم آهي تہ هُو سزايافتہ ماڻھن لاءِ ڏُکيءَ سزا جي حق ۾ نعريبازي ڪري، هي سڀ هڪ ئي وارڊ ۾ ۽ هڪ ئي بيماريءَ جو شڪار آهن. اهو ڪيڏو نہ دلچسپ منظر ۽ سندن ڳالھ ٻولھ جو وڻندڙ نمونو آهي.
خاص طور شلوبن ۽ ڪوسٽو گلوٽو جي ڳالھ ٻولھ جنھن ۾ شلوبن پنھنجي زندگيءَ تي شرمسار تہ ٿئي ٿو، پر چوي ٿو تہ منھنجو سڀ کان پھريون فرض پنھنجو جياپو هو. مون تي پھرين ذميواري منھنجي پنھنجي هئي. تنھن ڪري مون جيڪو ڪجهہ بہ ڪيو اُهو غلط هُجي يا نہ هُجي، اُنھن جا ڪارڻ تہ هئا. ٻئي حيرت جو شڪار ٿين ٿا تہ لينن جي وڃڻ کان پوءِ گهڻو ڪجهہ تمام تيزيءَ سان مَٽيو آهي، هڪ قلم جي جهٽڪي سان هزارن جي قسمت جا فيصلا ٿين ٿا.
روسانو جيڪو بيورو ڪريسيءَ جو حصو آهي، تنھن کي اسپتال ۾ ئي خبر پئي ٿي تہ هاڻ نظام مَٽجي رهيو آهي ۽ پُراڻا ماڻھو، جن کي روسانو جھڙي بيورو ڪريٽس جي ڪري سزائون مليون هُيون، اُهي هاڻ موٽيو پيا اچن ۽ اُنھن کي عھدا بہ ڏنا پيا وڃن. اسٽالن جي دؤر جي مشھور چيف ايجنٽ بيريا، جنھن جي نالي تي روسانو پنھنجي پُٽ جو نالو رکيو هو، هاڻ عتاب ۾ آهي ۽ اُن جو نالو وٺڻ بہ ڏوھ آهي ۽ روسانو پريشان آهي تہ سندس پُٽ لاءِ ڪو مسئلو نہ ٿئي. اسٽالن جي موت کي ٻيو سال آهي ۽ اخبار ۾ هُن جي ورسيءَ جي خبر بہ بلڪل ئي گُم آهي.
سولزي نٽسن جو هيءُ نوبل انعام يافتہ ناول ’ڪئنسر وارڊ‘ جو اردوءَ ۾ ترجمو ’گوپال مِتل‘ ڏاڍي سھڻي نموني ڪيو آهي. هِن ناول جي پيش لفظ ۾ مُترجم لکيو آهي تہ:
”ڪئنسر وارڊ، سولنسٽين جي جلاوطنيءَ کان گهڻو اڳ ۾ پر سوويت روس کان ٻاهر شايع ٿيو هو. هيءُ ناول، سوويت روس جي هڪ صوبائي اسپتال جي ’ڪئنسر وارڊ‘ جي مريضن ۽ ڪم ڪندڙ مُلازمن جي گڏيل واسطن جي بيانن تي ٻَڌل آهي. اُنھن تعلقاتن جي بيانن جي بُنياد تي ليکڪ هلندڙ وقت جي روسي ڪردارن ۽ رَوين جي تَضادن جي هڪڙي مُڪمل تصوير اکين اڳيان آڻي ڇڏي ٿو. ڪنھن ٻاهرئين ماڻھوءَ لاءِ موجودہ روسي معاشري ۽ روسي حڪومت جي گڏيل ڪوششن جي اهڙي چِٽي ۽ مُتحرڪ تصوير ڪَشِي ڪرڻ مُمڪن نہ هئي، جن جو مقصد سوشلزم جي نالي تي هڪڙي پوري قوم کي سندن انساني اعزاز کان محروم ڪرڻ ۽ اُن کي جانورن جي سطح تائين وٺي وڃڻ آهي. ناول جو مرڪزي ڪردار ڪوسٽو گلوٽوو پاڻ ليکڪ جي ڪردار کي پيش ڪري ٿو. سولنسٽين 1956ع ۾ ڏاڍ ذريعي پورهيي ڪرائڻ واري ڪيمپ مان آزاديءَ کان پوءِ ڪينسر جي مريض جي حيثيت سان اسپتال ۾ داخل ٿيو هو ۽ پوءِ هُو صحتياب ٿي ويو هو.“
هِن ناول جي شروعات ئي اسپتال جي منظر کان ٿئي ٿي. اهڙي ريت هِن ناول ’ڪينسر وارڊ‘ جي منظر نگاري، ڪردار نگاري، ڪردارن سان مُختلف ڪينسر جي تڪليفن، اُنھن جي اَذيتن، مريضن جي نفسيات، اُنھن جي ڳالھين، سندن اُميدن، نا اُميدين، دوائن، ايڪسرن ۽ ڪينسر جي مريضن کي لڳندڙ شعائن جي منظرن، ڪميونزم تي بحثن، نرسن، ڊاڪٽرن، پيار و محبت جي رنگن، بيوسين، موت ۽ زندگيءَ جي احساسن، ڪيفيتن، توڙي خيالن، هِن ناول جي ڪئنواس تي پنھنجا ڀرپور رنگ نکيري ڪھاڻين جي سلسلي کي وڏي فنائتي انداز سان پيش ڪرڻ جي ڏانءُ سان پنھنجو ڀرپور ڳانڍاپو رکندي، ڪنھن فلم جھڙوبڻائي ڇڏيو آهي. سڀئي ڪردار وڏي سليقي سان نڀائيندا منظر تان هٽندا وڃن ٿا. مريضن مان ڪجهہ زندگيءَ جو هٿ ڇڏائي هليا وڃن ٿا ۽ باقي موت کي هٿ لوڏي الوداع ڪندا، پنھنجن پنھنجن اَجهن ڏانھن اُسھي وڃن ٿا.
’ڪينسر وارڊ‘ ۾ يارنھن مريض آهن، جيڪي مُختلف قسم جي ڪينسر ۾ مُبتلا آهن. مريضن ۾ هڪ نوجوان شاگرد کان سواءِ مُختلف شعبن جا ماڻھو آهن، جيڪي وڏا وڏا خواب رکن ٿا.
ناول ۾ اشارن ۾ ٻُڌايو ويو آهي، تہ ڪيئن نہ ڪينسر جي ڳوڙهي جي واڌ سان هڪ انسان مري وڃي ٿو.
ناول جو مرڪزي ڪردار ڪوسٽو گلوٽو کي بيگار ڪئمپن جي سختيءَ سان گڏوگڏ ’ڪينسر وارڊ‘ کان ٻاهر جي مادي دنيا جي حيران ڪندڙ رَوين سان وڙهڻو پوي ٿو. چئي سگهجي ٿو تہ بدنصيبيءَ جي اوٻر ۾ سندس سمورا خواب، اُونداهين راهن ۾ اڻ پورا رهجي وڃن ٿا. ناول ۾ اُن دؤر جي ڏاڍائيءَ تي جوڙيل حڪومت جي ٻِٽي معيار کي بہ چِٽي نموني پيش ڪيو ويو آهي. ناول نگار حڪومتي وهنوار هلائيندڙ جي ڏاڍائيءَ واري قانونن تي عمل ڪندي گڏوگڏ رشوت وٺڻ ۽ مالي بدعنوانيءَ کي بہ نمايان ڪرڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا اسٽالن جي حڪومت جي بدعنوان چھري جي عڪاسي آهي.
ڏاڍ جي ماحول جي پاڇي هيٺ ناول جو مرڪزي ڪردار ڪوسٽو گلوٽو مُحبت جي پاڇي جي عالمگير جذبي هيٺ ڪجهہ دير ئي سُڪون ماڻي ٿو. اسپتال ۾ رهڻ جي وچ ۾ کيس هڪ تربيتي ڊاڪٽر زويا سان مُحبت ضرور ٿئي ٿي، پر اُن جنسي جذبي تي پُراڻي مُحبت حاوي ٿي وڃي ٿي... پر قسمت جي ستم ظريفي هيءَ ٿئي ٿي، جو ڪوسٽو گلوٽو کي ٻئي مُحبتون پنھنجي دل ۾ دفن ڪرڻيون پَون ٿيون. هُو اُنھن ٻنھي مان ڪنھن هڪ سان بہ شادي نٿو ڪري سگهي، ڇو تہ هُو علاج لاءِ لڳندڙ انجيڪشنز جي ڪري جنسي طور ويهجي وڃي ٿو.
ناول جي پَڇاڙيءَ وارو ڪردار نڀائيندڙ ڪوسٽو گلوٽو، جيڪو فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ کان پوءِ خندقن ۽ جنگ جي ماحول ۾ زندگي گُذاري ڇڏي ٿو سو ڪينسر ٿيڻ ڪري وري اسپتال ۾ هڪ عذاب جي زندگي گُذارڻ کان پوءِ اُتي ڪيل ڪچھرين ۾ نئين زندگيءَ جي آس کڻي اُتان نڪري ٿو ۽ آزاد زندگيءَ کي محسوس ڪري پاڻ کي ڏاڍو خوش ٿو محسوس ڪري. ائين ٻاهر جي دنيا کي ڏسندي گُهمندي ڦِرندي، سندس مُحبت جي ڏنل نينڍ تي بہ مونجهاري جو شڪار بڻجي، اُنھن کان پاسيرو ٿي اُداس اُداس پنھنجي شھر ڏانھن روانو ٿي وڃي ٿو.
سولزي نٽسن جو هيءُ شاهڪار ناول ’ڪينسر وارڊ‘ ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هر باب کي هڪ نئون عنوان ڏنل آهي. گوپال مِتل جو هيءُ اردو ترجمو وڏي روانيءَ وارو آهي ۽ خاص طور حاشين جي مدد سان هِن ناول جي ڪجهہ پاسن کي سُٺي نموني سان سمجهي سگهجي ٿو.
هيءُ ناول 744 صفحن تي مُشتمل آهي، جنھن کي ’فڪشن هائوس لاهور‘ 2016ع ۾ ڇپيو هو.