ماھوار امرتا ڪارنر

ماھوار ”امرتا“ ميگزين شمارو نمبر 135 ڊسمبر 2023

ھن شماري جي ڪلاسيڪل ڪارنر ۾ مولوي حاجي احمد ملاح، بلقيس ڀُٽو جو تحقيقي مضمون ”شاھہ لطيف جي شاعريءَ جو ساختياتي جائزو“، حيات علي شاھہ بخاريءَ جي سارَ- جبران زيب، الطاف شيخ، صلاح الدين پنھور، پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي، عنايت نھڙيوجا ليک، ڦلواڙي ۾ رابندر ناٿ ٽئگور، رجب ٻُگهيو، مٺل جسڪاڻي، احساس ميرل، نصير سومرو، ليلا رام، وفا جانوري، حُميرہ نُور، بختاور منصور، خالد چانڊيو، عبدالله آس هنڱورجو، آزاد خاصخيلي، وحيد علي ناهيون، فقير مسڪين وگهيو، وسيم حيدر کوسو، فراخ جانوري.جي شاعري شامل ڪيل آھي. ان کانسواءِ ڪھاڻيون، فيچر، اڪبر سومري جي ناول جو باب، ڪتابن تي تبصرا ۽ ٻيو مواد شامل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 52
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امرتا سٿ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ماھوار ”امرتا“ ميگزين شمارو نمبر 135 ڊسمبر 2023

پرئين پاسي بيٺل شخص (منور سراج)

------------------------------------------------------------------------------------------
ماڻھو تہ اڪيلي ۾ هجوم ۽ هجوم ۾ اڪيلو آهي...
شاھہ سائينءَ فرمايو، ’ڪي چڙهن نہ چِت تي، ڪي وسرن نہ مُور...‘ ياد بہ ڪمال ڪري ٿي، وسارڻ ۾ بہ ياد ڏياريو ڇڏي. ’امداد حُسينيءَ‘ چيو، ’۽ اها ياد ئي آهي، جا وساري ئي نٿي، ورنہ مون کي تہ خدا ياد اچيو، وسريو وڃي.‘
حياتيءَ جي ڪٿا ۾، ڪيتريون ئي شيون، وسري وڃن ٿيون، وسارجي وڃن ٿيون، پر اهو سڀاڳو پيار، جدائيءَ جو نڀاڳ بڻجي وڃي ٿو.
ڇا آهي محبت؟ موهن ڪلپنا لکن ٿا، ”گڏ کاڌل آئسڪريم جا پيالا، ڪنھن وڻ هيٺان مينھن ۾ بيٺل وجودن جو ڪو اقرار، يا وري وڻ جي ٿُڙن تي لکيل ڪجهہ لفظَ... ڇا آهي محبت!“
اهو سڀ سوچجي، تہ مَنَ جي مُونجهہ وڌي ويندي آهي. ڪردار بلڪل اهڙا بڻجي ويندا آهن، جھڙو ’منور سراج‘ جي هن ڪھاڻيءَ ۾ آهن. منور پنھنجي دور جو يگانو ليکڪ آهي. ڪھاڻي کيتر ۾ سندس پورهيو، ڪنھن بہ تعارف جو محتاج ڪونھي. هڪ دل جي اڪيلائيءَ کي، جنھن سونھن سان منور سراج، ’امرتا‘ جي هنن صفحن ۾ پيش ڪري رهيو آهي، اها يقينن سندس تحرير جي مھارت ئي آهي.
ساھہ سيباڻن لمحن ۾، وڇوڙي جي ڀاڪر سان ڀريل، مُرڪندڙ چَپن مٿان، ڀرجندڙ اکين جي ڪٿا... محبت ڪيئن ڪبي آهي...!؟ محبت هيئن ڪبي آ...
------------------------------------------------------------------------------------------


هارڊ بورڊ جي سنھين ديوار جي پريان بيٺل شخص فون تي ڳالھائيندي هڪڙو جُملو هر هر ورجائي ٿو، ”مان چوان ٿو ڪا ڳالھہ آهي ضرور..!“
هُن جي تيز آواز تي ۽ آواز کان بہ وڌيڪ، ساڳئي جُملي کي هر هر ورجائڻ تي ڪاوڙ ٿي لڳيم، بيزاري ٿئي ٿي. ڌيان آفيس جي ڪم تان هٽي سندس آواز ۾ الجهڻ ٿو لڳي. کيس ڳالھائڻ کان روڪڻ چاهيان ٿو، پر نٿو روڪيانس. هُو منھنجي لاءِ مڪمل طور هڪ اوپرو شخص آهي. هُو مسلسل ڳالھائيندو ٿو رهي. منھنجو ذهن نہ چاهيندي بہ سندس جملي ۾ ڦاسڻ ٿو لڳي... ”ڪا ڳالھہ آهي ضرور...“ ۽ سوچان ٿو تہ اُها ڪھڙي ڳالھہ ٿي سگهي ٿي!؟ جنھن جو امڪان فون تي ڳالھائيندڙ جي آواز ۽ لھجي مان ليئا پائي رهيو آهي.
يقين اچڻ ٿو لڳيم تہ واقعي ڪا ڳالھہ آهي ضرور... پر مان ٻڌل ڳالھہ ٻڌائڻ بدران اڻ ٻُڌل ڳالھہ ٻڌائڻ ٿو چاهيان. ڳالھہ ٻڌائڻ جو بہ پنھنجو نشو آهي، مزو آهي. البت مون کي اڪثر محسوس ٿيندو آهي تہ مان ڪھاڻيڪار طور پيدا نہ ٿيو هئس پر هڪ عرضي نويس طور پيدا ٿيو هئس. جنھن کي بازار ۾، روڊ جي پاسي کان ڪاٺ جي ڪُرسي ٽيبل تي ويھي ماڻھن جون شڪايتون، ڏک، حادثا ۽ ڳالھيون لکي، پنھنجو پيٽ پالڻو هو. آڱرين جو ٿڪ لاهڻو هو... پر مان ڪھاڻيون لکڻ لڳس ۽ انتظار جو درياھہ بڻجي ويس ۽ انتظار سان اهڙو پيار ٿي ويم جھڙوننڍڙي هوندي وڻن، گلن، پکين ۽ پوپٽن سان هئو، جڏهن تہ تڏهن مون کي پنھنجي پيءَ سان بلڪل بہ پيار نہ هو... پوءِ جڏهن منھنجي شادي ٿي ۽ مان پاڻ ٻچڙيوال ٿيس تہ مون کي پوڙهي پيءُ سان ڏاڍو پيار ٿي ويو، پر ايستائين دير ٿي چڪي هئي. هن جون اکيون هميشہ لاءِ پُورجي ويون ۽ منھنجين اکين ۾ لڙڪ ٽِڪي پيا... لڙڪ وهندا آهن تہ سُڪون ملندو آهي! شايد لڙڪن ۾ ڪا ڳالھہ آهي ضرور... فون تي ڳالھائيندڙ شخص جو جُملو منھنجي ڪَنن ۾ ڦاسي پيو آهي، ’ڪا ڳالھہ آهي ضرور...‘ ها واقعي ڪا اهڙي ڳالھہ آهي ضرور جيڪا مون کي ياد اچڻ ٿي چاهي تہ جيئن مان اُها ڳالھہ اڳتي وڌايان. ماڻھن جي سماعتن تائين پھچايان تہ جيئن ڳالھہ زنده رهي سگهي. ڳالھہ زنده رهندي تہ ماڻھو زنده رهندو. شايد ڳالھہ کي بہ پنھنجي ٻڌندڙن جو انتظار هوندو آهي.
ستن اٺن سالن جي ڄمار ۾ مون کي جنھن هم ڄمار ڇوڪريءَ سان محبت ٿي وئي هئي، ان جو ڳوٺ پنجاھہ ميل پري هوندي بہ ڄڻ منھنجي دل جي ڀر سان هو. اُها ڪنھن شاديءَ جي تقريب هئي. اوسي پاسي گئس جا گولا پئي ٻريا. ڌيمي روشنيءَ ۾ پتنگ پئي جهوميا ۽ جليا. ريشمي وڳا پاتل ڇوڪريون هيج مان مُرڪي مُرڪي پئي نچيون. اسين پٽ تي وڇايل رلھين تي ويٺا الاءِ ڪھڙيون ڪھڙيون ڳالھيون ڪندي هڪٻئي ڏي ڏسي نہ ڏسي ۽ نہ ڏسي، ڏسي رهيا هئاسين. ڪنھن ڪنھن مھل رلھيءَ ۾ لِڪي هڪٻئي کي ڳولي وڃائي، وڃائي ڳولي رهيا هئاسين. رات کُٽي وئي، ڳالھيون نہ کُٽيون.
صبح جو امان سان گڏ ٽانگي ۾ واپس پئي آيس تہ اکين مان ڳوڙها پئي ڳڙيا. امان چيو، ”روءُ نہ... وري جلدي موٽي اينداسين.“ مون کي امان جي لفظن ۽ گهوڙي جي سنبن جي ٽاپ ٽاپ ۾ هم آهنگي پئي محسوس ٿي... ”روءُ نہ... روءُ نہ.... روءُ نہ.....“ پر اسين وري جلدي تہ ڇا دير سان بہ نہ موٽياسين. سال گذري ويا... گئس جا گولا ٻري ٻري وسامي ويا. پتنگ مري ٺري ويا. نچندڙ ڇوڪريون ماٺ ڪري بيھي رهيون. پوءِ ڪنھن ماڻھوءَ واتان ٻڌڻ ۾ آيو تہ اُها ڇوڪري مري وئي. اُها ڇو ۽ ڪيئن مري وئي! اُهو بہ ان شخص ٻڌايو هو، پر اهو مون کي ياد نہ رهيو آهي تہ اهو ڪير شخص هو! منھنجي يادداشت اصل کان وٺي ڪمزور آهي. ڪا پراڻي ڳالھہ ياد ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مون کان اُها نئين ڳالھہ بہ وسري ويندي آهي، جيڪا گهر جي گهٽيءَ وانگر ياد هوندي اٿم.
شايد ويسارو سٺي شئي آهي.
يادگيريون، ماڻھوءَ کي ماري ٿيون وجهن.
اسين يادگيرين جا ماريل ماڻھو آهيون.
اهو بہ مُمڪن آهي تہ اسين يادگيرين جا جيئاريل ماڻھو هجون. فون تي ڳالھائيندڙ شخص بضد آهي تہ، ”ڪا ڳالھہ آهي ضرور“ يادگيريءَ جي ڳالھہ تان ياد آيم تہ اڳ جڏهن مان ڪجهہ وقت لاءِ ڪيڏانھن گهمڻ ويندو هئس تہ موٽڻ مھل مون کي سڀ کان اڳ پنھنجي ماءُ سان ملڻ ۽ کيس سفر جون ڳالھيون ٻڌائڻ جي ڏاڍي تڪڙ ۽ تانگهي ٿيندي هئي، پر پوءِ جڏهن امان مري وئي تہ منھنجي تڪڙ ۽ تانگهہ بہ مري وئي. ڪجهہ ڳالھيون شايد ڪجهہ ماڻھن جي ڪري زنده هونديون آهن، اهي ماڻھو مري ويندا آهن تہ ڳالھيون بہ مري وينديون آهن. هڪ ڳالھہ مون کي سمجهہ ۾ نہ ايندي آهي تہ جيڪي ماڻھو ٺاهڻ جو هنر نہ ڄاڻندا آهن، اهي ڊاهڻ جون ڳالھيون ڇو ڪندا آهن!؟ الاءِ ڇو ماءُ پيءُ زنده هوندا آهن تہ اولاد جي دل ۾ گهٽ زنده هوندا آهن، مري ويندا آهن تہ وڌيڪ زنده ٿي پوندا آهن. مون کي ڏهن ٻارنھن سالن جي عُمر ۾ ٻي محبت پاڻ کان وڏي اُن ڪڪرن جھڙي ڇوڪريءَ سان ٿي وئي هئي، جنھن جا خواب سندس وارن کان وڏا هئا. هُوءَ کلندي هئي تہ لڳندو هو ڪٿي ڪو ساز پيو وڄي... پر مان هن کان ۽ هُن جي خوابن کان گهڻو ننڍو هئس ان ڪري هُن مون کي مُرڪي ٽاري ڇڏيو هو ۽ پنھنجي همعُمر نوجوان سان پيار ڪرڻ لڳي هئي، جنھن هڪ چانڊوڪيءَ رات جي پوئين پھر ۾ کيس سندس ئي گلابي رت ۾ ڳاڙهو ڪري ڇڏيو هو. ان حادثي جو اطلاع صبح جي گهڙيءَ، ماڻس کي ان مھل ڏنو هو جنھن مھل هن کٽ تان هنڌ پئي ويڙهيا. هن بنان هڪ لفظ ڳالھائڻ جي هڪڙو ڀونڊو پنھنجي ۽ ٻيو ڌيءَ جي منھن ۾ گهروڙيو هو ۽ هميشہ لاءِ ماٺ ٿي وئي هئي ۽ مون کي پنھنجي ننڍڙي هجڻ تي خوشي ٿي هئي ۽ دل ۾ ڏک بہ ڏاڍو ٿيو هو. مان محبت کان ڊنل آهيان، نفرت کان ڊنل ناهيان، نفرت تہ خود ڊنل هوندي آهي، پيار تہ مان هاڻي بہ ڪندو آهيان، پر هاڻي منھنجي محبت ۾ اهو جنون ناهي، جيڪو ڏينھن کي رات، رات کي ڏينھن ڪندو آهي ۽ اکين کي مينھن ڪندو آهي. بھرحال هڪ ڳالھہ طئہ آهي تہ ڳالھہ پنھنجا ٻڌندڙ پاڻ پيدا ڪندي آهي. جيئن فون تي ڳالھائيندڙ شخص جي ڳالھہ مون کي پيدا ڪيو آهي ۽ مان سندس ڳالھہ جي ڳولا ۾ نڪري پيو آهيان. هُونءَ بہ لفظن تي ڳالھہ ڀاري هجڻ گهرجي، ڳالھہ تي لفظ ڀاري نہ هجڻ گهرجن، مان حيران ان ڳالھہ تي ناهيان، تہ مون کي ان خط جو ايڏو انتظار ڇو آهي، جيڪو خط هڪ دلڪش عورت مون ڏي لکيو هو، پر پوسٽ ڪرڻ وساري ويٺي هئي، مان حيران ان ڳالھہ تي آهيان تہ هاڻي جڏهن خط لکڻ، پوسٽ ڪرڻ ۽ وصول ڪرڻ جو زمانو لڳ ڀڳ گذري چڪو آهي تہ پوءِ بہ مون کي دلڪش عورت جي خط جو انتظار ڇو آهي؟! شايد ان ڪري جو انتظار خود بہ دلڪش هوندو آهي.
اجنبي ماڻھوءَ جو غير اجنبي جملو منھنجي حواسن تي سوار ٿي ويو آهي تہ، ”ڪا ڳالھہ آهي ضرور...“ ۽ مان ان ڳالھہ جي پٺيان لڳي ان ميلي ۾ وڃي نڪتو آهيان، جنھن ۾ موت جي کوھہ، ايراني سرڪس ۽ مانڊي ۾ نچندڙ رقاصائن جي گهنگهروئن جي ڪناري تي هڪڙو بوڪ اسٽال آهي، جنھن تان مون زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو ٻاروتڻ ۾ جيڪو ڪتاب ورتو هو، ان جو نالو هو، ’اگهاڙي ترار.‘ ترار ۾ تہ خير منھنجي ڪا دلچسپي ڪانہ هئي، البت جنھن لفظ مون کان ڪتاب خريد ڪرايو هئو، اهو لفظ هو ’اگهاڙي‘... واقعي لفظن ۾ جادو هوندو آهي، ان شام اهو لفظ منھنجي لاءِ دنيا جو وڌ ۾ وڌ وڻندڙ، خوبصرت، پُراسرار ۽ زندگيءَ جئان گرم ثابت ٿيو هو، پر جڏهن مان اڪيلي ڪنڊ ۾ ويھي بي ترتيب ساهن ۽ ڏڪندڙ هٿن سان ڪتاب پڙهڻ لڳو هئس، تہ ڏاڍي مايوسي ٿي هئم، جو ان ڪتاب ۾ نہ ڪنھن ترار جي تجلي هئي نہ ئي ڪا ’اگهاڙي‘ ڳالھہ هئي. اهو تہ محض ڪو ’علمِ تعويذات‘ جو ڪتاب هو، جنھن ۾ دشمن کي ماري مڃائڻ ۽ محبوب کي پيرن ۾ ڪيرائڻ جا نقش هئا. ان ڏينھن مون کي زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو دوکي جي اُگري ۽ اڻ وڻندڙ بُوءِ محسوس ٿي هئي ۽ ليکڪ کان نفرت ٿي وئي هئم. گهٽ ۾ گهٽ ڪتاب کي ٻھروپيو نہ هئڻ گهرجي.
اجنبي شخص جو جملو منھنجي پُٺ نٿو ڇڏي. ”مان چوان ٿو ڪا ڳالھہ آهي ضرور...“ ڪجهہ لفظ، ڳالھيون، خواب ۽ ڪجهہ جملا گائيڊڊ ميزائل وانگر پنھنجي حدف جو پري پري تائين پيڇو ڪندا آهن. شايد مون سان ڪجهہ سبتو ابتو، ابتو سبتو ٿي پيو آهي. مان سيل فون جي اسڪرين تي پنھنجي تصوير رکندو آهيان تہ لڳندو اٿم اُها مئل ماڻھوءَ جي تصوير آهي. ڪنھن دعوت ۾ ماني کائيندي مسلسل ان ڊپ ۾ مبتلا هوندو آهيان تہ ماني کائيندي ڀاڄي يا چٽڻي، رائتو يا آئس ڪريم هٿ مان ڪرِي پوندي ۽ ڪپڙن تي هارجي پوندي. مون کي ڀريل محفل ۾ شرمندو ٿيئڻو پوندو. ڪنھن مھل لڳندو اٿم تہ ٽيبل تي رکيل جڳ مان پاڻيءَ جو گلاس ڀري سامھون ويٺل معزز مھمان جي منھن ۾ وهائي ڪڍندس، پر اهڙي حرڪت ڇو ڪندس؟ ان سوال جو مون وٽ ڪو جواب ڪونھي. شايد منھنجي اندر ۾ پري ڪٿي ڪو مسئلو آهي. ڪا ڪَمِي رهجي وئي آهي، اڪثر ڪنھن آفيشل ميٽنگ جي پُرتڪلف ماحول ۾ ويٺي لڳندو اٿم تہ جنھن پل مڪمل خاموشي ڇانيل هوندي تہ هڪ وڏي رڙ اوچتو منھنجي وات مان نڪرندي ۽ سمورا آفيشلز حيرت، ڪاوڙ ۽ نفرت مان مون ڏي ڏسندا ۽ مون کي ذلت جي ڀيانڪ احساس سان ميٽنگ هال مان ٻاهر نڪرڻو پوندو. مان رڙ ڇو ڪندس؟ خبر ناهي! شايد خاموشيءَ سان ڀريل ڪمري جي پُرتڪلف ماحول ۾ اهڙو ڪجهہ هوندو آهي، جيڪو مون کي پريشان ڪندو آهي... ۽ مان هڪ وڏي رڙ جي تيز تکي ڪاتيءَ ۾ چهنب سان ات ماحول جي ديوار ۾ سوراخ ڪرڻ گهرندو آهيان. شايد ورهين کان ڪا رڙ اندر ۾ ڀٽڪي رهي آهي. ٻاهر نڪرڻ جو رستو ڳولي رهي آهي. پر رستو نٿو مليس، شايد ڪنھن ڏينھن اها رڙ مون کي ماري وجهندي! ڪا ديوانگي آهي، جيڪا ورهين کان آس پاس ڪٿي موجود آهي، پر نظر نٿي اچي. اصل ۾ منھنجي نظر ڪافي ڪمزور آهي. اڳ مان بنان چشمي لکي پڙهي سگهندو هئس، هاڻي چشمي کان سواءِ پڙهي لکي نٿو سگهان. اهو منھنجو نئون ڏک آهي، جيڪو ڪجهہ وقت کان پوءِ پراڻو بڻجي ويندو. پراڻا ڏک پيارا ٿي ويندا آهن، اها ڳالھہ سمجهہ ۾ نٿي اچي تہ ماڻھو کلندو آهي تہ ڏکارو ڇو ٿي پوندو آهي ۽ ماڻھو روئڻ مھل اکين تي ٻانھن ڇو ڏيندو آهي.
شايد سھپ جي حد کان وڌيڪ ٿڪجي پيو آهيان. ٿڪل ذهن سان پاڻ کان پڇان ٿو تہ آخر اهو منھنجو مسئلو آهي ڇا تہ ڪھڙي ڳالھہ آهي!؟ ڳالھہ تہ ڪابہ ٿي سگهي ٿي ۽ نہ بہ ٿي سگهي ٿي. مان ٿڪاوٽ ۽ اداسيءَ کان بچڻ لاءِ ڪمري ڏي واپس موٽي ٿو اچان، جنھن ۾ هارڊ بورڊ جي سنھينءَ ديوار جي پرئين پاسي موجود شخص ساڳيو جملو ورجائي رهيو آهي، ”مان چوان ٿو ڪا ڳالھہ آهي ضرور...“ هاڻي اوپرو شخص کيس اوپرو نہ لڳو!