ڏيک اٺون
دلبر: ( ماهتاب سا مخاطب ٿيندي) ماهتاب! هن وهندڙ گھاڙ واه ۾ سنڌوءَ جي پاڻي جو سنهن کڻي وچن ڪر، ته تنهنجو منهنجي پيارجو رشتو ائين قائم رهندو جيئن گھاڙ واه ۽ لاڙڪاڻي جو؟...
( اوچتو آفتاب جنهن کي چيلھ سان ٻڌل تلوار آهي،رنگ ڀومي جي کاٻي پاسي کان داخل ٿئي ٿو.)
آفتاب: (غصي وچان دلبر سيٺ سان مخاطب ٿيندي)
او پيار جا دشمن پوڙها
اڄ ٿيندا توسان جھيڙا!
تو پيار تي ڌاڙو هنيو آ
محبوب منهنجو تو کنيو آ
تو جوانيءَ سا جھيڙيو آ
تو قهري ڪانُ هنيو آ
دلبر: (حيران ٿيندي ۽ پوءِ کنگھندي)
جسم پوڙهو آ،مگر
دل منهنجي آهي جوان
هن شهر جو سيٺ مان
نانءُ آهي دلبر خان
تون ٻڌاءِ، ته ڪير آ،
اي ندورا،پاڻ زورا
ڇيڪ ڇورا؟..........
آفتاب: اڇي ڏاڙهي،
نانءُ دلبر؟
(دلبر کي شرمائيندي)
ڪجھ حيا ڪر،
ڪجھ شرم ڪر!
منهنجو نالو آفتاب!
( ماهتاب ڏانهن اشارو ڪندي )
هيءَ آ منهنجي ماهتاب!
دلبر: (طنزيه انداز ۾ جواب ڏيندي)
اي! ڇورا، ندورا بي ثمر
منهنجا اکر تون ياد ڪر
دولت بنان هرڪو دِگر
پئسو بڻائي خاني خان
پئسو جي، آهي اگر
تون سڃو ڪنگال ،تِڇ!
مايا جي مونتي مهر
پئسي بنان ڪهڙي محبت
بڪواس پنهنجي بند ڪر!
( سيٺ دلبر، ماهتاب ڏانهن منهن ڪندي)
منهنجي پياري ماهتاب
هن چرئي کي تون ٻڌاءِ!
پوڙهو هجي يا ڪي جوان
پر پئسي جو آهي جهان
ماهتاب: (دلبر کي سمجھائيندي .)
پئسي جو ناهي جهان
پئسو آهي مر هٿن جي
پئسو آهي ڍؤ اکين جو
مال، ملڪيت ۽ مڏي
هر ڪو ڇڏيندو هي جهان
عشق آ سڀ کان اتانهون
عشق جو اعليٰ مقام
دلبر: (ڪاوڙ ۾ مهتاب کي جواب ڏيندي)
تو چري نادان کي ڪهڙي خبر
ته زماني جو، پئسو آ زيرو زبر
پئسو زماني جو آهي خدا
ڪري ڪيئن سگھندو،
ڪو ان کان جدا؟
پئسو محبت ۽ پئسو آ دل
پئسي مٿان آهي، سڀڪو فدا
پئسو حسن ۽ پئسو آ عشق
پئسو ئي بڻجي ٿو، سڀ جي صدا
آفتاب : ( جواب ڏيندي)
ٻڌي ڇڏ!ٻڌي ڇڏ!..
زماني جا سيٺ!
ته پئسو زماني جو ناهي خدا
خدا ئي زماني جو آهي خدا
محبت، محبت سان ملڻي آهي
اها عشق جي آهي ازلي ادا
(آفتاب، ماهتاب جي هڪ ٻانهن کان جھلي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿو، ته دلبر سيٺ به هڪدم ماهتاب جي ٻي ٻانهن کان پڪڙي پاڻ ڏانهن ڇڪيٿو. ماهتاب ڪشمڪش ۾هيڏانه هوڏانهن ٿيندي رهي ٿي.)
دلبر: (ڪاوڙ وچان ماهتاب کي ڇڏي ،تلوار ڪڍي آفتاب کي للڪاري ٿو)
جي جواني جو تو کي وڏو ناز آهي
ته مون وٽ وڙهڻ جو به انداز آهي.
چڙهيل وڄ جا پاڻي هن تلوار کي
تو ڏنو موت پنهنجي کي آواز آهي
آفتاب : (آفتاب به ڪاوڙ وچان تلوار ڪڍندي، وڙهڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو )
عاشق نه ڊڄندو آ تلوار کان
نه تير وتفنگ، ڪنهن نه هٿيار کان
عاشق جو سرڙو سدائين اَڏيءَ تي
ڊڄي ڪنهن نه سردار ڀوتار کان.
(دلبر سيٺ ۽ آفتاب تلوارن سان وڙهن ٿا .دلبر سيٺ ڌڪ کائيندي ڪري ٿو ۽ وري اٿي ٿو.پر آخر ويھ گھاءَ جھلي ڪري کنگھندي کنگھندي ڪري پوي ٿو۽ مري وڃي ٿو. نوجوان سندس تلوار،خنجر ۽ پٽڪو کڻي ،مهتاب سان گڏ نچندو ٽپندو ٻاهر نڪري وڃي ٿو.سيٺ دلبر جو لاش وچ رنگ ڀومي تي پيو آهي .نورجھان يڪ تارو کنيون گيت ڳائيندي داخل ٿئي ٿي.)
پئسي سان هر شئي خريدي
ڪو نه سگھبي آ، سڄڻ!.....
محبتن جي دنيا ۾
دل جي ٻُڌبي آ، سڄڻ!
پئسي سا هر شيءِ خريدي.......
سن کي سن مان ايندو ساءُ،
عمر ڏسبي آ، سڄڻ!
پئسي سان هر شيءِ خريدي..............
هيءَ دنيا فاني آهي،
فاني سڏبي آ، سڄڻ!....
پئسي سان هر شيءِ خريدي...........
باقي رهندو نانءُ مولا
۽ عشق مولا جو، سڄڻ!
پئسي سان هر شيءِ خريدي.............
]نورجھان گيت ختم ڪري رنگ ڀوميءَ کان ٻاهر نڪري وڃي ٿي. دلبر جو لاش وچ تي پيو رهي ٿو.[
پردو ڪري ٿو