نوٽ مزاحمتي ناٽڪ بنيادي طور تي سماجي حقيقت پسندي جو عڪس هوندو آهي. جنهن ۾ سماجي بي انصافيون ۽ انهن جي خلاف مزاحمت تي ٻڌل روداد هوندي آهي؛ برائي جي خاتمي ۽ چڱائيءَ لاءِ تڙپ هوندي آهي. ٽيون ناٽڪ ” ديسي حاڪم “ دراصل ”راجڪرتھ“ سيريز جي هڪ ڪڙي هئي. جنهن ۾ مون پنهنجي سماج ۾ جيڪا مسلسل سماجي ۽ سياسي اٿل پٿل ايندي رهي آهي ، ان کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؛ ته ڪيئن نه سماجي برايون تسلسل سان اسان جي سماج ۾زور شور سان هلي رهيون آهن . ائين ٿو لڳي ته سماجي براين جو انت ئي ناهي ٿيڻو. هڪ ڌوڪي کان پوءِ ٻيو ڌوڪو ٿي رهيو آهي . هي ڊرامو محترم ممتاز ابڙي پنهنجي ڊراماٽڪ سوسائٽي ” مئسيج گروپ“ ۽ ايمنسٽي انٽرنيشنل جي سرگرم عهديدار ڊاڪٽر ذوالفقار راهوجي جي تعاون سان لاڙڪاڻي ۾، سال 2000ع ۾ پيش ڪيو هيو. سياسي ۽ سماجي حقيقت نگاري وارن ڊرامن ۾ دلچسپي رکندڙ دوستن کي گذارش آهي، ته پڙهن ۽ پوءِ پنهنجي راءِ ضرور ڏين.