ڏيک ڇهون
جھمٽ مل: ( هٿ جوڙيندي) سڀني کي رام!..رام!...
سڀئي: ( جواب ڏيندي) رام،رام!....
جڳت راءِ: ( پڇندي) سيٺ جھمٽ مل!..جوڙ، ڀڙ،سک،شانت،پرسن!؟
جھمٽ مل: (جھمٽ مل ٿڌو ساه ڀري ،هڪ موڙهي تي ويهندي) ڌڻيءَ جي ڪرپا آهي، باقي پنهنجو قنبرگام هاڻي رهڻ جي لائق ناهي رهيو....
ساڌرام: (نه سمجھندي) زماني ۾ اهي ٿڌيون ڪوسيون پئي اينديون آهن....پر اهي ڏک ڏولاوا حياتيءَ جو حصو آهن ،ڌڻي ڪندو ته پار پئجي وڃبو.....هڪڙي ڏينهن وري قنبر امبر ٿي ويندو.
جھمٽ مل: مان اها ڳالھ نه ٿو ڪيان!
ايسرداس: ( حيرت وچان ) باقي ڪهڙي ٿو ڪرين؟
جھمٽ مل: مان ڳالھ ٿو ڪيان ،ان بي حيائي جي جيڪا قنبرگام ۾ ڪاهي پئي آهي.
خوبچند: سيٺ جھمٽ مل،ڪجھ ته ٻڌاءِ..لڳي ٿو توسان ڪا ويڌن ٿي آهي؟
جھمٽ مل : ( جذباتي ٿيندي ) ويڌن!؟..جلم ٿيو آ،مکي جڳت راءِ....اهو سڀ توهان پئنچائت جي هيڻائپ جي ڪري ٿيو آهي....
جڳت راءِ: ڪجھ ته خبر پوي؟
جھمٽ مل: اڄ سج لٿي سيٺ باشي مل جي پٽ چنچل، منهنجي نياڻي سيتا جيڪا ولايت راءِ جي درٻار ڏانهن پرساد ۽ جوت به کنيون پئي وئي، پرساد به ڦريو ٿئين ،ڏيئو به وسايو ٿئين ۽ ان جي چني به لاهي کڻي ويو آهي...هاڻي ٻڌاءِ قنبر گام ۾ رهجي يا لڏجي؟
جڳت راءِ: ڀائي جھمٽ مل، اهو اسان جو دوش آهي، جو اسان اک نه پٽي سي.....اسان هاڻي ئي باشي مل کي گھرايون ٿا... تنهنجي نياڻي جي عزت سڄي قنبر گام جي عزت آ...
ايسرداس: مکي ،باشو مل ويو آ ناناڻي شهر شڪارپور ،ڪالھ مونکي ٻڌايو هيائين ته سڀاڻي ايندو...
جڳت راءِ: سڀاڻي دوڪان تي وڃي ٻڌائجانس، ته پئنچائت شام فيصلو رکيو آ
ايسر داس: سڀاڻي ئي فيصلو! ؟
جڳت راءِ: ها سڀاڻي ئي فيصلو ٿيندو . نياءَ ۾ دير ڪرڻ ، اَنياءُ ڪرڻ جي برابر آهي...جي جھمٽ مل جي ڳالھ صحيح نڪتي، ته ايڏو ڏنڊ هڻبس جو ڪڏهن ڪنهن پئنچ تي نه پيو هوندو.جي پيهر ئي پوک کائي،ته ڀائي پيهر تي اعتبار ڪير ڪندو؟
جھمٽ مل: مکي، مون کي نياءُ کپي، انياءُ ٿيندو ته مان لڏي ويندس. سڄي دنيا کي ٻڌائيندس، ته قنبر ۾ هيئن به ٿئي ٿو.
جڳت راءِ: جھمٽ مل چوين ته مان هيءَ پڳڙي پيرن تي رکانءِ....مهرباني ڪري اها ڳالھ نه ڪر!....جي ڪندين ته پنهنجي ئي گام جي عزت لوئيندي ...
جھمٽ مل: مان هلان ٿو،سڀاڻي قنبر جي پئنچائت جو نياءُ ڏسبو،ته پنهنجي پئنچ جي وٽ وراڻي ٿي ڪري يا وري باشي مل کي سيکت ٿي ڏئي! ( اٿي هلندي) چڱو رام، رام!....
سڀئي: ( جواب ڏيندي) رام، رام!...
] جھمٽ مل نڪري وڃي ٿو...مکي ۽ پئنچ به اٿي موڪلائن ٿا[