ڏيک ڇهون
محافظ جان: (ٻڌائيندي) هن ملڪ جي مشهور ۽ بدنام شخصيت دعوت خان اوهان سان ملڻ چاهي ٿو.
حاڪم خان: موڪل! موڪل!... عجيب شخصيت آهي، هڪ ئي وقت مشهور ۽ بدنام!؟...هونئن به اڄڪلهه مشهوري ۽ بدنامي ۾ ٿورو فرق آهي. ضرور موڪل!... لڳي ٿو ته ان سان ملڻ کانپوءِ اسان جي به نيڪ نامي ضرور ٿيندي.
)محافظ جان ٻاهر وڃي ٿو ۽ پوءِ دعوت خان کي وٺي اندر اچي ٿو.(
دعوت خان: (سلام ڪندي) ديسي حاڪم، مان هر دؤر جي حاڪم کي دعوت ڏيندو آهيان، توهان وٽ ايندي ايندي ڪجھ دير ٿي وئي.... (مصنوعي کنگهڪار ڪندي) اوهان ڪهڙي دعوت کائڻ پسند ڪندؤ؟... دعوت گناھ يا دعوت ثواب؟... دعوت حلال يا دعوت حرام؟... دعوت سُر يا دعوت سرور؟... دعوت ديدار يا دعوت دل ٺار؟...
حاڪم خان: ڇا چيئي دعوت؟... بالڪل بابا، بالڪل.... محبت سان ڏيندي ته اکين تي آ.... پر سريلي هجي جو بي سُري جي رک آ.... اهو ته ٻڌاءِ دعوت ۾ ڇا ڇا هوندو؟
دعوت خان: ڇا نه هوندو، اهو پڇو.
حاڪم خان: ڇا نه هوندو، اهو ٻڌاءِ؟
دعوت خان: دنيا جا غم، تڪليفون ،اهنج ۽ايذاءُ نه هوندا.
حاڪم خان: ان جو مطلب ته جنتي ماحول هوندو. سڪون ئي سڪون، خوشيون ئي خوشيون، نعمتون ئي نعمتون، راحتون ئي راحتون ، فرحتون ئي فرحتون.
دعوت خان: توهان جو اندازو صحيح آهي.
حاڪم خان: ته پوءِ اهڙي دعوت جو، هتي جلد از جلد اهتمام ڪرته اسان اهڙي دعوت مان محضوظ ٿيئون.
دعوت خان: زهي نصيب!... جلد از جلد اهتمام ٿي ويندو.
)محافظ جان ۽ دعوت خان ٻاهر هليا وڃن ٿا.(
همراز: (ڪاوڙجندي) هي ڪو وقت هو، دعوت قبول ڪرڻ جو، سو به محافظ جان جي سامهون؟.... سو به هتي ؟....
حاڪم خان: ڊبل منسٽر!..... اهو ڪن کولي ٻڌي ڇڏ، ته جيئن مذهب جي نالي تي سڀ ڪجھ ٿي سگھي ٿو؛ ائين ثقافت جي نالي تي به گھڻو ڪجھ ٿي سگھي ٿو. جيڪڏهن ڪو مون کي محبت سان دعوت ڏيندو، ته مون کان انڪار نه ٿيندو.... ها، هر ڪنهن جو پنهنجو پنهنجو اصول آهي. باقي رهيو مسئلو محافظ جان جو، ان کي به داڻو اڇلائي ڇڏبو، ته پاڻهي پالتو ڪڪڙ بڻجي ٻانگون ڏيندو.
همراز: ديسي حاڪم اهو ڪڪڙ ناهي، پر اهو ڄرڪو آهي جيڪو توکي ۽ اسان کي به ڳهي ويندو.
حاڪم خان: اهو ته وقت ٻڌائيندو ته ڪڪڙ ڪير ۽ ڄرڪو ڪير آهي.
[حاڪم خان، همراز کي ڪاوڙ ۾ ڏسندو رهي ٿو.]