ڏيک ٻيو
حاڪم خان: (قراقلي ٽوپي ۽ شيرواني پهريل پبلڪ کي خطاب ڪندي) عزيز هم وطنو! ڀائرو، ڀينرو!... اسلام عليڪم! رب سائين جي مهربانين ۽ اوهان جي گڏيل ڪوششن ڪري اڄ انگريز يعني گونگا حاڪم ٽپڙ ويڙهي وڃي ولايت پهتا آهن. اڄ خدا جي فضل سان اوهان آزاد آهيو.... مان آزاد آهيان... جيئن وڻندو تيئين ڪنداسين.... وڻي ته ڀت رڌيون... وڻي ته ماني پچايون....
همراز: (فل سوٽ پهريل نعرا هڻندي) اڙي گونگا ٻونگا؟؟
ٻيا: هاءِ! هاءِ!
همراز: اڙي گونگن تي؟
ٻيا: لعنت!
حاڪم خان: (پر جوش انداز ۾) دوستو!....... اڳي گونگا اوهان کي بد شد ڳالهائيندا هئا ، ته اوهان سمجهندا هيئو، ته نصيحت ٿا ڪن. اوهان ڳالهائيندا هيئو، ته اهي سمجهندا ها، ته ايلاز ٿا ڪن. پر هاڻي اوهان کي هڪ اهڙي ديسي حاڪم جي ضرورت آهي. جيڪو اوهان کي ڳالهائي، اوهان سمجهو، اوهان ڳالهائيو اهو سمجهي.
ٻيا: بيشڪ، بيشڪ!
حاڪم خان: عزيز دوستو! ڪانون جي ٻولي ڪانءَ سمجهندا آهن..... ٻڌايو هن سڄي ملڪ ۾ مون کان وڌيڪ ڪو سياڻو ڪانءُ آهي؟ (پاڻهي جواب ڏيندي) يقينن ناهي!.... پر مون کي اقتدار جي بک ناهي.... مان اقتدار جو بکيو ناهيان..... مان اهڙي ڪرسيءَ تي لعنت ڪندو آهيان. جيڪا ڪرسي عوام کي حق نه ڏياري سگهي، ان ڪري مان ان ڪرسيءَ تي نه ويهندس.
همراز: (ايلاز ڪندي) سائين، ائين نه ڪيو..... ٻيلي الله کي مڃيو.
حاڪم خان: مون کي اوهان ڀلي ايلاز ڪيو، پر مونکي جيئن ته ان ڪرسيءَ لاءِ محبت ناهي، نه ويهندس، نهن کي نؤ ڪوٽ!......
فقيرو: (ڦاٽل ڪپڙن ۾ ملبوس ماڻهو هٿ ٻڌندي) سائين، اسان غريبن جو دامن تار تار آهي. اسانجا مسئلا ٻيو ڪير حل ڪندو، جي اوهان ان ڪرسيءَ تي نه ويهندؤ.
حاڪم خان: ته پوءِ هڪ شرط آهي. مان اکيون ٻوٽيان ٿو. اوهان مون کي زوريءَ کڻي ڪرسيءَ تي ويهاريو.
) سڀئي گڏجي ديسي حاڪم کي ڪلهن تي کڻي ڪرسيءَ تي ويهارن ٿا.(
همراز: (عام ماڻهن ڏانهن ڏسندي) هاڻي غريب عوام کي گذارش ڪجي ٿي ته پنهنجي ڪم ڪار سان لڳي، جيسيتائين اسان حڪومتي ڪاروهنوار کي سڌو ڪري وٺئون. باقي خاص الخاص بيٺا رهن.
) فقيرو ۽ عام ماڻهو ٻاهر هليا وڃن ٿا ۽ خاص الخاص ماڻهو بيٺا رهن ٿا.(
حاڪم خان: (ڪرسيءَ تي ويهندي) مهرباني!.... مهرباني!..... عزيز ساٿيو.... مان هن اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويهندي اوهان سان هڪ واعدو ٿو ڪيان، ته اڄ کان وٺي رڳو پنهنجائپ هلندي... پنهنجن کي ڳولهي ڳولهي نوازيو ويندو. اوهان اهو پهاڪو ضرور ٻڌو هوندو، ته پرائو ماري اس ۾ اڇليندو آ ۽ پنهنجو ماري ڇانؤ ۾.... انشاءَ الله هن ملڪ ۾ گهٽي گهٽي ۾ وڻ پوکائي ڇڏبا...... شاهراهن تي ڇاپرا ٺهرائي ڇڏبا.
همراز: ڇا ته پنهنجائپ آ!.....
(سڀئي بيٺل زور سان تاڙيون وڄائن ٿا.(
حاڪم خان: (مٿي کي هٿ ڏئي) ڏاڍو مٿو هينو اٿم.... هاڻي جلدي ڪيو.... جيڪي مسئلا هجن دل کولي ٻڌايو، اصل نه لهرايو. پرهڪڙو پان به کارايو.
( همراز کيسي مان پان ڪڍي سندس وات ۾ وجهي ٿو.(
نواب ناسپاس: (شيرواني پهريل شخص اُٿندي) جناب اعليٰ!مان نواب ناسپاس، عرض ٿو ڪيان ته اسان گونگن حاڪمن کي ڀڄائڻ لاءِ وڏيون وڏيون قربانيون ڏنيون. پنهنجا جوان ڇيلا ڪهرايا.....پوڙها ٻڪر مارايا......ظالم ڍڳيون ڍڪ تي ڪاهي ويا، مينهون مال پڙي تي پهتيون، پر اسان کي ڇا مليو؟...ڪجھ به نه!.... (سڏڪا ڀريندي) خدا ڏسي پسي ٿو ته هاڻي ايترو به ڪونهي، جو پنهنجي پياري زال روشن آرا بيگم کي هيرن جو هار پارائي سگهان. (روئندي) منهنجا ويھ خانداني نوڪر ٽن ڏينهن کان بکيا آهن. جڏهن انهن جا ننڍڙا ننڍڙا ٻچا روئن ٿا، ته منهنجي نڙيءَ ۾ نرگسي ڪوفته ڦاسي پون ٿا. (اکيون رومال سان اگهندي) ديسي حاڪم، غربت جو حال اهو آهي ته مون کي سيڪنڊ هينڊ ڪار آهي. مان خانداني ماڻهو شرم کان ٻاهر نڪري نه ٿو سگهان.... جي نڪران به سهي ته زمين ڪونهي جو ان تي ڪو چڪر چاڙي هڻي سگهان....
حاڪم خان: بس، بس!... تنهنجي غربت جو ٻڌي مون کي به روئڻ ٿو اچي...... مون سان به ساڳيو حال آهي... اوهان ٻڌايو ته ان مسئلي جو حل ڪهڙو آهي؟....
همراز: ديسي حاڪم، مون وٽ حل اهو آهي، ته خانداني ماڻهن جي بحاليءَ لاءِ ڪليمن جي حوالي سان هڪ قبضه گير اسڪيم کولي وڃي.
حاڪم خان: قبضه گير اسڪيم!؟
همراز: جي سائين!...... ان اسڪيم تحت جنهن کي جتي به ڪو گهر، زمين، پلاٽ، پارڪ ۽ اسڪول خالي نظر اچي قبضو ڪري ڪليم داخل ڪري ڇڏي.
حاڪم خان: (ساراھ آميز نظرن سان ڏسندي) واھ جي اسڪيم ٻڌائي ٿئي، اڄ کان وٺي خانداني ماڻهن کي اجازت ڏني وڃي ٿي، ته قبضه گير اسڪيم مان ڀرپور فائدو وٺن ۽ منهنجي لاءِ به ڪجھ ڇڏيندا وڃن.....
همراز: پهريان اوهان ۽ پوءِ اسان.....
نواب ناسپاس: (نعرا هڻندي) اڙي ديسي حاڪم؟.
همراز: زنده باد!.......
نواب ناسپاس: اڙي ديسي دلبر!
همراز: زنده باد!.......
(نواب ناسپاس فرشي سلام ڪندو ٻاهر نڪري وڃي ٿو.(
حاڪم خان: (ڦونڊجي) هاڻي ٻيو ڪو مسئلو ٻڌائي؟.......
مکڻو خان: (فرشي سلام ڪندي) عرض ڪيو آ ته!
اها مسرت جي ڳالھ آ
ته ديسي حاڪم ٿيو بحال آ
پر مون سان وڏو جنجال آ.
حاڪم خان: تون ڪير آن؟... تو سان ڪهڙو جنجال آ، گاسليٽي شاعر!؟...
مکڻو خان: مکڻ در مکڻ، اوهان جي هٿن پيرن جو مکڻ.... هن مکڻي کي مکڻ خان مسڪه سڏيو ويندو آهي.... افسوس اهو آهي، جو ڪڏهن اسان جهڙن شاعرن جو منهن موتين سان ڀريو ويندو هو ۽ عجيب زمانو آ جو اڄ ڪلھ مکڻ پئي مٿو ٿو سڙي.
همراز: مسڪه بازي ڇڏ، ديسي حاڪم کي سنئين سڌي ڳالھ ڪري ٻڌاءِ.
مکڻو خان: ديسي حاڪم، هي ڪهڙو انصاف آهي جو هاڻي ڪو اسانجا رڳو پنج غزل، ڏھ رباعيون ۽ ويھ مسدس ٻڌڻ لاءِ به تيار ناهي... شهر جي چونڪ تي ان ڏينهن رڳو ٻه ٽيڙو نما غزل ٻڌايم، ته ماڻهن گندن انڊن سان داد ڏنو آهي.... ان ڪري التماس آهي ته ماڻهن کي ٻڌڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي....
حاڪم خان: مکڻ خان مسڪه، اهو ناممڪن آهي.
همراز: ديسي حاڪم، اهو ممڪن آهي...... هن کي قومي شاعر قرار ڏئي، سرڪاري ميڊيا تي ماڻهن جي مٿي کائڻ جو پروانو عطا ڪيو وڃي، نه ته هي اوهان جو مٿو چٽي ڇڏيندو.
حاڪم خان: پوءِ وڃ وڃي ماڻهن جو مٿو کاءُ..... اڄ کان وٺي تون قومي شاعر آن.....
مکڻو خان: اها مسرت جي ڳالھ آ....... ته ديسي حاڪم ٿيو بحال آ......
(مکڻو خان شعر چوندي ٻاهر هليو وڃي ٿو(
حاڪم خان: (هيڏانهن هوڏانهن نهاريندي) آهي ڪو ٽيون؟
دورانديش: (اڳتي وڌي پنهنجي ڀڳل عينڪ ٺيڪ ڪندي) خواتين و حضرات.... السلام عليڪم..... منهنجو نالو دورانديش آهي.... مان جيئن ته قوم جي درد ۾ لڙهندڙ دانشور آهيان. ان ڪري مون کان سواءِ، هن ديس جي مسئلن تي ٻيو ڪير به نه ٿو ڳالهائي سگهي. (زوردار انداز ۾ تقرير ڪندي) جناب اعليٰ!... هن ديس جا ڪيترائي مسئلا آهن.....جيئن ته بک جا، بيماريءَ جا!....... مزدور جا، هاريءَ جا!...... مجبور جا، محصور جا!........ بَرَجا، بحر جا!.....
حاڪم خان: (پنهنجي مٿي کي ڌڪ هڻندي) اڙي تون ته ڪو درد سر آن.... جلدي ڪر مسئلا ٻڌاءِ، جان ڇڏاءِ........
دورانديش: ديسي حاڪم!..... مون کي خبر آهي ته اوهان مسئلن کي گهرائي سان ٻڌڻ جا عادي نه آهيو. اهو به ممڪن ناهي ته مان رڳو ٻارنهن ڪلاڪن ۾ سڀني مسئلن کي بيان ڪري ڇڏيان. ان ڪري مون کي هڪ هڪ مسئلي کي بيان ڪرڻ لاءِ، گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏينهن ڏيڻو پوندو، ته جيئن اوهان کي ديس جي مسئلن کان آگاهي حاصل ٿئي ۽ ماڻهن جا مسئلا حل ٿين......
حاڪم خان: (پريشان ٿيندي) اڙي ان حساب سان ته تون پورا پنج سال ڳالهائيندي..... پوءِ مان ته گذاري ويندس.... (هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي) آهي ڪو الله جو ٻانهو جيڪو هن بوا مان جان ڇڏائي؟
همراز: اوهان پريشان نه ٿيو. مان هن سان پاڻهين پڄان ٿو. (دانشور کي مخاطب ٿيندي) اي درد سر دانشور، تون واقعي هڪ حقيقي، سچو ۽ درٻاري دانشور آهين..... ان ڪري توکي قومي ورثو قرار ڏنو وڃي ٿو ۽ ثقافت کاتي کان تنهنجو ماهيانو وظيفو پڻ مقرر ڪرايو وڃي ٿو.... هاڻي تون ٻين پوڙهن، ٺوڙهن دانشورن کي گڏ ڪري حڪومت جي حق ۾ سيمينار ۽ ڪانفرنس ڪرائيندو وت، هر سال توکي ڪو نه ڪو سرڪاري ايوارڊ ڏنو ويندو. هاڻي تون وڃي سگهين ٿو.
دورانديش: (خوشيءَ مان ڦونڊجي) اهڙو انصاف ڪنهن مائي جي لال اڄ تائين نه ڪيو هوندو... هاڻي ديسي حاڪم جي ڪرسيءَ کي دنيا جي ڪا به طاقت نه ٿي لوڏي سگهي.... تاريخ ٻڌائي ٿي ته جنهن جو نالو به حاڪم خان آهي. اهو ئي حڪومت ڪرڻ جي لائق هوندو آهي.
همراز: درد سر دانشور، اهو ٻين کي وڃي ٻڌاءِ..... اسان کي ڇا ٿو ٻڌائين؟...
[دورانديش فرشي سلام ڪندو ٻاهر وڃي ٿو ۽ حاڪم خان ٿڪاوٽ واري انداز ۾ ٿڌو شوڪارو ڀري ٿو.]