ڏيک پنجون
همراز: ديسي حاڪم، اوهان هاڻي، صرف پکين جي چهه ٻهه ۽ خوبصورت عورتن جي ٽھ ٽھ ٻڌي سگهو ٿا. نه ٿا ٻڌي سگهو ته، ماڻهن جا مطالبا، يتيمن جون دانهون ۽ مسڪينن جون آهون... اوهان کي سچ ته صفا ناهي ٻڌڻو جو ڪرخت ٿئي ٿو... جي اوهان اهڙا آواز ٻڌندوء ته پوءِ بنھ ٻوڙا ٿي ويندؤ، حڪومت ڪرڻ جي اهل نه رهندؤ.
حاڪم خان: تو جهڙو صلاحڪار هجي ته پوءِ ڪهڙي ڳڻتي.... پر مون تو کان اڃا تائين اهو ناهي پڇيو، ته تنهنجو نالو ڇا آهي؟.
همراز: ديسي حاڪم! نالن ۾ ڇاهي رکيو.... اڃان تائين ته مون تي ڪنهن ڍنگ جو نالو ناهي رکيو.. بس هرڪو مون کي پنهنجو همراز سمجهندو آهي.
حاڪم خان: ته پوءِ اسان ٿا رکئون ڍنگ جو نالو.... توکي ٻه نالا ڏيون ٿا... هڪڙو فنانس منسٽر ۽ ٻيو هوم منسٽر، توکي ڪهڙو پسند آهي؟
همراز: ديسي حاڪم!... اوهان جيڪو ڏيندوءَ، انڪار ناهي..... باقي ٻئي نالا اکين تي آهن.
حاڪم خان: تون تمام ذهين ۽ چالاڪ آهين... چڱو خزاني جي صورتحال تي تبصرو ڪر؟
همراز: صورتحال ڏاڍي خراب آهي. جيڪو هيو سو خرچ ٿي ويو.
حاڪم خان: پوءِ ڇا ڪجي صلاح ڏي!؟.
همراز: اهو ڪي ڪجي جي آئي ويل ڪم اچي.
حاڪم خان: مطلب؟
همراز: مطلب صاف ظاهر آهي ته قرض کڻجي.
حاڪم خان: عام طور تي چيو ويندو آهي، ته قرض وڏو مرض آهي ؟
همراز: سائين ديسي حاڪم، اهو پراڻو پهاڪو آهي. پر اڄڪلهه قرض وڏو فرض آهي، جي چوڻي عام آهي.
حاڪم خان: (حيرانگيءَ مان) هان اها ڳالهه آهي!... پر اهو ته ٻڌاءِ قرض ڪنهن کان کڻجي؟
همراز: پهريائين ميڊم ورلڊ بئنڪ کي لوڏي ٿا ڏسئون ۽ پوءِ مس آءِ ايم ايف کي ڌوڏي ٿا ڏسئون.
حاڪم خان: پوءِ ان فرض کي پوري ڪرڻ ۾ دير ڇا جي، هل ته هلئون انهن وٽ.
همراز: ديسي حاڪم، اسان ڇو هلئون انهن کي هتي دعوت ڏئي گهرائي ٿا وٺون.
حاڪم خان: جيڪو به ڪرڻو ٿئي، سو جلدي ڪر.
همراز: (سڏيندي) سيڪريٽري!؟
سيڪريٽري: (ڀڄندو اچي ٿو) جي سر!؟
همراز: وارو ڪر ميڊم ورلڊ بئنڪ ۽ مس آءِ ايم ايف جي خوشامد ڪندي کين هيڏي وٺي اچ.
سيڪريٽري: جي سر!...
)سيڪريٽري ٻاهر نڪري وڃي ٿو)
حاڪم خان: ( پڇندي) ورلڊ بئنڪ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ چڱي آ؟
سيڪريٽري: ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي سخت آ.باقي ڏيڻ وٺڻ ۾ چڱي آ!..
(ٿوري دير کانپوءِ سيڪريٽري هڪ ٿلهي عورت سان اندر داخل ٿئي ٿو. جنهن جي پٺيءَ تي ورلڊ بئنڪ جو اسٽيڪر لڳل آهي. حاڪم خان ۽ همراز ٻئي اٿي سندس استقبال ڪن ٿا.(
حاڪم خان ۽ همراز: (گڏيل آواز ۾) ويلڪم، ميڊم ورلڊ بينڪ!...
ورلڊ بئنڪ: او ٿئنڪس، ٽين دنيا جا عياش ۽ سست حاڪمو!... ڇا حڪم آهي؟
حاڪم خان: حڪم نه، پر عرض آهي.
ورلڊ بئنڪ: ڪهڙو عرض آهي؟
حاڪم خان: پنهنجي صحت جي صدقي ، هن ڪنگال ملڪ کي قرض ڏيڻ جو.
ورلڊ بئنڪ: مان ڳري وياج تي قرض ڏيندي آهيان، جي منظور آهي ته ٺيڪ آهي.
حاڪم خان: جيڪو وڻئي سو وياج هڻ ، پر دل کولي قرض ڏي.
ورلڊ بئنڪ: (کيسي مان هڪ ڪاغذ ڪڍي حاڪم خان کي ڏيندي) هي منهنجون شرطون آهن، هن کي غور سان پڙهي پوءِ صحيح ڪر.
همراز: حاڪم خان کي غور سان ڏسي پڙهڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي.
حاڪم خان: مان اکيون ٻوٽي صحيح ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ، تون رڳو اسان کي چيڪ ڏي.
ورلڊ بئنڪ: (کيسي مان چيڪ ڪڍي ٽهڪ ڏيندي) ان معاملي ۾ ٽين دنيا جا حاڪم واقعي اکين ٻوٽ هوندا آهن. پر پهريان صحيح پوءِ چيڪ!
(حاڪم خان همراز کان پين وٺي ڪاغذ تي اکيون ٻوٽي صحيح ڪري ٿو ۽ ڪاغذ ورلڊ بئنڪ کي واپس موٽائي ڏئي ٿو. ورلڊ بئنڪ همراز کي هٿ ۾ چيڪ ڏئي ڇڏي ٿي.(
ورلڊ بئنڪ: هاڻي مونکي اجازت؟
همراز: پنهنجي ئي ڏنل قرض مان دعوت ته کائي وڃو؟
ورلڊ بئنڪ: بس وقت سر وياج سوڌو قرض موٽائجو، اها ئي منهنجي وڏي دعوت هوندي.
(ميڊم ورلڊ بئنڪ کي ادب و احترام سان سيڪريٽري ٻاهر وٺي وڃي ٿو. )
حاڪم خان: آءِ ايم ايف ڪيئن آ؟
سيڪريٽري: اها سُريلي به آ، ٺاهوڪي به آ.پر معاهدي ڪرڻ جي ڪني آ.
( سيڪريٽري هڪ ٻي خوبصورت عورت کي وٺي اندر داخل ٿئي ٿو، جنهن جي پٺيءَ تي آءِ ايم ايف جو اسٽيڪر چنبڙيل آهي.)
حاڪم خان ۽ همراز: (استقبال ڪندي) خوش آمديد، خوش آمديد !.... سوهڻي من موهڻي !..مس آءِ ايم ايف.
آءِ ايم ايف: (نخري سان جواب ڏيندي) شڪريه، شڪريه!.... اوهان مونکي ڪيئن ياد ڪيو؟
همراز: اسان کي پنهنجي ملڪ خداداد جي لاءِ بي تحاشه قرض کپي.
آءِ ايم ايف: توهان کي شايد خبر ناهي، ته مان ڳاٽي ڀڳن شرطن تي قرض ڏيندي آهيان.
حاڪم خان: اسان به ڳاٽي ڀڳا آهيون، هر شرط تي قرض وٺنداسي.
آءِ ايم ايف: متان پوءِ رڙيون ڪيو؟
همراز: رڙيون پويان ڪندا، توهان پنهنجي حسين ادائن جي صدقي جيڪو سري سگهيوَ ته ڏئي وڃو.
آءِ ايم ايف: (شرطن وارو ڪاغذ همراز کي ڏيندي) ته پوءِ هن ڪاغذ کي پڙهو ۽ صحيح ڪيو.
همراز: (حاڪم خان کي ڪاغذ ۽ پين ڏيندي) پڙهڻ جي ڪا ضرورت ڪونهي، حاڪم خان اکيون ٻوٽي صحيح ڪري ڇڏيندو!
حاڪم خان: بلڪل اکيون ٻوٽي صحيح ڪبي.
)حاڪم خان ڪاغذ کي پڙهڻ کانسواءِ صحيح ڪري ڪاغذ آءِ ايم ايف کي ۽ پين همراز کي ڏئي ٿو.(
آءِ ايم ايف: (چيڪ همراز کي ڏيندي) هي وٺو چيڪ ۽ ياد رکو ته انهن پئسن کي وياج سوڌو امانت سمجهي اوهان کي موٽائڻو آهي.
همراز: بلڪل موٽائبا، اوهان ڪو فڪر نه ڪيو. امانت، ديانت ۽ صداقت ته اسان جا سونهري اصول آهن.
آءِ ايم ايف: هاڻي مونکي اجازت ڏيو.
حاڪم خان: دل ته نٿي چئي ته اوهان کي الوداع چئجي، پر ڇا ڪجي اسان کي به ملڪ خداداد جي عوام جي خدمت ڪرڻي آهي ۽ اوهان کي به ٽين دنيا جي ٻين ملڪن سان منهن ڏيڻو آهي.
آءِ ايم ايف: اوهان صحيح ٿا چئو. چڱو خدا حافظ!....
)مس آءِ ايم ايف کي سيڪريٽري ادب و احترام سان ٻاهر وٺي وڃي ٿو.(
حاڪم خان: (همراز کان پڇا ڪندي) ورلڊ بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف جي طرف کان هاڻي اسان کي قرض جا ڪيترا پئسا مليا آهن؟
همراز: (سمجهائيندي) ديسي حاڪم! دنيا جي ڪلاسيڪل قرضين جو اهو قول آهي، ته قرض جا پئسا ڳڻبا ناهن، نه ته اهي کٽي پوندا آهن.
حاڪم خان: (پڇندي) ڇا اسان کي اها رقم وياج سوڌو واپس ڪرڻي پوندي؟
همراز: اسان جي سونهري اصولن تحت، هرگز نه !...
حاڪم خان: (پڇندي) تنهنجي ٻڌايل سونهري اصولن تحت ته امانت ۾ ديانت ۽ صداقت جو مظاهرو ڪرڻو آهي؟
همراز: مون پورا سونهري اصول مس آءِ ايم ايف کي ڪو نه ٻڌايا هيا. جڏهن ته اسان جا پورا سونهري اصول آهن، امانت، ديانت، صداقت ۽ پوءِ آخر ۾ خيانت.
حاڪم خان: (زوردار ٽهڪ ڏيندي) سمجهي ويس!.... سمجهي ويس، هاڻي ٻڌاءِ ته هن مليل قرض وارن پئسن کي ڪيئن خرچ ڪجي ؟
همراز: ديسي حاڪم، هنن پئسن کي وڏي ايمانداري ۽ سچائي سان فضول خرچي جي تحت خرچ ڪجي.
حاڪم خان: (ٽهڪ ڏيندي) سمجهي ويس!... سمجهي ويس!...
[حاڪم خان ۽ همراز زور زور سان ٽهڪ ڏيندا رهن ٿا.]