شاعري

ڪاڳر تي لٿل خيال

هي ڪتاب ”ڪاڳر تي لٿل خيال“ خوبصورت شاعر رحيم خاصخيلي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. هي ڪتاب سامروٽي پبليڪيشن ٿرپارڪر پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو آهي
Title Cover of book ڪاڳر تي لٿل خيال

مهاڳ

مهاڳ
ڪاڳر تي لٿل خيال ۽ بدن جا محاورا

هن جي مون وٽ جيڪا هيستائين سڃاڻپ رهي آهي . اها هڪڙي قومي ڪارڪن واري رهي آهي . هن جو شاعر هجڻ . منهنجي لئه هڪڙو انڪشاف به آهي . اها منهنجي راءِ آهي ته ڪنهن شاعر کان وڌيڪ سماج ۾ ڪنهن قومي ڪارڪن جو عملي ڪم وڏي اثرائتي اهميت رکي ٿو . هي دور جنهن ۾ اسين هلون پيا . انهي دور ۾ شاعرن جي هڪڙي نه کٽندڙ قطار آهي . پر اتي قومي ڪارڪنن جو وڏو فقدان آهي . جيڪڏهن ڪٿي ڪو قومي ڪارڪن آهي به سهي ته انهي جي وري لکڻ ۽ پڙهڻ سان مرڳو ڪونه پئي. هي ڪتاب ڏسي دل ۾ خوشي به ٿي ته رحيم خاصخيلي جهڙا قومي ڪارڪن لکڻ ۽ پڙهڻ واري پاسي ڏانهن به آهن . انهي ڪري ئي هو پختا ڪارڪن آهن . بهرحال منهنجي ذهن ۾ هي ڪتاب پڙهي پورو ڪرڻ کانپوءِ به هن جو جيڪو قومي ڪارڪن وارو خاڪو آهي . اهو اوترو ئي سگهارو بيٺو آهي. شاعري لئه هڪڙي سائين شمشير حيدري جي راءِ هئي. اها هتي نٿو لکان . هڪڙي ڊاڪٽر مبارڪ علي جي راءِ آهي . اها به نٿي لکي سگهجي . پر شاعري سنڌ جي سموري ادب کي پيڙهن کان ليڊ ڪيو آهي انهي جي اڳواڻي ڪئي آهي. باقي دنيا ۾ ائين ڪٿي به ناهي ٿيو . جڏهن ته ادب جون باقي سموريون صنفون شاعري جي ڪري پوئتي رهجي ويون آهن . سنڌ ۾ فلسفو نٿو لکجي يا تمام گهٽ ڪهاڻي، ناول ، تاريخ ويندي سياسي ادب به ايترو نٿو لکيو وڃي . شايد انهي جا به ڪي سبب هجن . انهي جي ڀيٽ ۾ شاعري تمام گهڻي لکي وڃي ٿي . سنڌي شاعري پنهنجي مختلف دورن مان گذري آهي . هڪڙو لوڪ ڏاهپ وارو دور آهي . جنهن ۾ شاعري آهي ته سهي پر ڪنهن به لوڪ گيت جو هڪ شاعر ناهي هوندو . هو ڪيترن ئي دلين ۽ ذهنن جو پورهئو هوندو آهي . انهي کانپوءِ ٻيو دور جنهن کي هاڻ پاڻ شاعري جو درگاهي دور چئي سگهون ٿا . جنهن ۾ سڀني شاعرن تي درگاهون ٺهي ويون . پوءِ اهو لطيف هجي ، سچل هجي ، صوفي صادق کان ويندي چيزل ۽ روحل فقير تائين . انهي شاعري کي وري اياز اتان ڪڍي کڻي آيو . اياز سنڌي شاعر کي نوان رنگ لاڙا ۽ فڪر ڏنا . جيڪا تصوف جي مفلر ۾ ويڙهيل شاعري هئي . انهي کي هن بغاوت ، وطن پرستي ، محبت جا نوان رنگ ڏنا . جڏهن اهي رنگ شاعري جي خيال تي چڙهيا ته شاعري اهي ڪم ڪيا جو سياست جي اول دستي جي سپاه ٿي وئي. اتان کان وري مرحوم حسن درس شاعري ۾ وري هڪڙو نئون خيال کڻي داخل ٿيو . انهي حسن واري شاعري ۾ وطن جي تشريح ڪجهه نئين رنگ ۽ ڍنگ سان ٿيل هئي . انهي شاعري ۾ عورت ۽ شراب سان گڏ رومانس به هو . اهو رومانس وري رومانس کان به ڪجهه وکون اڳتي وڌي ويو . انهي ۾ منظر نگاري به هئي . ٿيو خير هي جيڪو شاعري جو دور هلي پيو . انهي ۾ گهڻو تڻو حسن وارو فڪري لاڙو آهي . شاعري پنهنجو پاڻ ۾ فن به آهي . اهو فن هن کي حسن به بخشي ٿو . انهي ۾ فڪر به آهي . جيڪو قومن جي رهنمائي ڪري ٿو . اونڌه ۾ سوجهرو ڪري ٿو . انهي ۾ محسوسات به آهن . جيڪي دل جي ڌڙڪي کي وڌائي سگهن ٿيون . اهي سڀ شاعري ۾ هجڻ ضروري به آهن . هاڻ اوهان کي شاعر جتي ڪٿي ملي سگهي ٿو اهو ايڏو وڏو مسئلو ناهي . پر ڪو قومي ڪارڪن شاعر هجي اها وڏي ڳالهه آهي . هي پاڻ وارو رحيم قومي ڪارڪن ٿي ڪري شاعر آهي .
هاڻ اچون ٿا پاڻ رحيم جي هن ڪتاب تي ، هن ڪتاب کي جيترو مون پڙهيو ۽ سمجهڻ سان گڏ محسوس ڪيو آهي . هي هن جو پهريون ڪتاب آهي . نه اوهين ڪا پڙهي فتوا ڏجو نه وري آئون ٿو ڏيان . هي هن جي پهرئين ڪوشش آهي . انهي ڪري پاڻ سجهندي ئي پهرئين وک کي ذهن ۾ رکندي ڳالهائينداسين . هن ڪتاب جي ارپنا به هن طويل ڪئي آهي . جيجل امڙ کان وٺي شهيد بشير خان تائين . هن انهن کي پنهنجي شاعري ارپي آهي . هن جيڪو پنهنجي پاران لکيو آهي . هن جي شاعري جي شروعات غزلن کان ڪئي آهي . اهي غزل جنهن ۾ هن خيالن کي روپلو ٿيندي ڏٺا آهن . جيڪڏهن اهو روپلو چولياڻي آهي ته واه واه جي ڪولهي آهي ته به ٺيڪ ، هن کي مندر جا گهنڊ به گونگا لڳن ٿا . جيڪڏهن انهن کي ڇهجي ته هو آواز آواز ٿي پوندا .
انڌيرن ۾ جگنو ٿيون جي ته واه واه
لاٽ ٿي ٻرون ٻاٽ ۾ روشنيون پکجن
٭٭٭
ڪنهن جو ڪنهن کي ٻک وڌو
من ۾ سيارا جاڳي پيا
ٻک وجهڻ سان سيارن جو جاڳڻ ته ٺيڪ آهي پر روشنين جو پوکڻ واري ڳالهه سمجهه کان مٿي آهي . ٻي ڳالهه هن ڪتاب ۾ غزل تمام گهٽ آهن . جيڪي آهن انهن ۾ ڪٿي ڪٿي ڪو خيال اکين مان ٿيندو دل کي ڇهي گذري ٿو وڃي باقي هن جي غزل جي فني طرح اڃان محنت ڪرڻ ۽ شاعري پڙهڻ جي ضرورت آهي . هن ڪتاب جو ٻيو حصو جيڪو آهي . اهو آهي نظمن جو انهي ۾ به ائين کڻي چئجي ته آزاد نظم آهن . انهن نظمن جي ڪن ڪن بندن ۾ رڌم به ڪمال جو آهي . انهن نظمن جا ڪي ڪي خيال ته اهڙا آهن جيڪي مون هن کان اڳ ۾ ناهن پڙهيا ٿي سگهي مون ۾ مطالعي جي کوٽ آهي يا هن ڪمال ڪري نوان خيال تشبيهون آنديون آهن .
مزارن جي تقدس جو تصور اڃان ڀي
گلن کي تباهيون ڏيندو وڃي پيو
نظم پڙهندي پڙهندي هن ٻن سٽن تي منهنجون اکيون ۽ ذهن اچي بيهه رهيا ، پوءِ اکيون ته اتي ئي بيٺيون رهيون پر ذهن ۾ سنڌ جون درگاهون ڦرڻ لڳيون . ائين محسوس ٿيو ته انهن درگاهن ۾ جتي لوبان جي ڌپ جي حشري آهي . اتي وڏا ساوا پڙ پيا چاڙهيا وڃن هن سائنس جي دور ۾ اتي وري ڪيترن کي گلن جون پکڙيون پيرن جي هيٺان ڪچلجن پيو . برحال اهو خيال جي پيشڪاري نئين آهي .
پنهنجي بدن جا محاورا
جي نه ڪو سمجهي سگهي
اوهين ٻڌايو ڀلا هي خيال اوهان ڪٿي پڙهيو آهي . مون ته ناهي پڙهيو . ته بدن جا ڪي محاورا هجن . هي ٻه سٽو باڪمال آهن . اهي مونکي انهي ڪري باڪمال ٿيون لڳن جو بدن جا محاورا ٿيندا آهن . جيڪي صرف عاشق محسوس ڪري سمجهي سگهي ٿو . ڳوريٽڙا جسم جڏهن چيل کي مروڙو ڏيندا آهن . اهو جسم جو ڪهڙو محاورو آهي . جڏهن سهڻي صورت ٽيڏي اک ڪري ڏسي وري ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏي ته ڪهڙو محاورو آهي . جيڪڏهن ڪو مڙي نهاري ۽ وري اڳتي نڪري وڃي ته ڪهڙو محاورو آهي . جڏهن ڪو آرس ڀڃي ته ڪهڙو محاورو بدن جو ٿي سگهي. بهرحال هي نئين ڳالهه ضرور آهي يا نئون انداز آهي .
نڪي تنهنجي ڇاتي جي گهنڊن کي هاڻي
ڪُمَهُلو پوڄاري هاڻ اچي ڪو ڇهي ٿو
ڪنهن وينگس جي ڇاتي کي مندر جي گهنڊن سان تشبيهه ڏيڻ ۽ انهي کي به پوڄاري جو نه ڇهڻ اها تشبيهه به منهنجي لئه نئين به آهي ته وڻندڙ ۽ مقدس به آهي .
ڪهاڻي پيار جي ساري
نديءِ جي ڊوڙ وانگي هئي.
اهي ئي ڪجهه خيال آهن جيڪي مون چونڊ ڪيا آهن ٻيا وري اوهان پڙهو ٿي سگهي ٿو ڪو خيال اوهان جي خيال جو به هجي . جيترو آئون هن ڪتاب کي سمجهي سگهيو آهيان . اڃآن تمام گهڻي محنت ڪرڻي آهي رحيم کي پڙهڻو به آهي ته شاعري جي فني پاسن کي به سمجهڻو آهي . خاص ڪري غزل ۾ بحر ۽ وزن کي جڏهن ته نظم ۾ وري خيال جي ڪنٽيونٽي کي ڪٿي ڪٿي ائين ٿو محسوس ٿئي ته خيال ٽٽي ٿو وڃي ۽ آخر ۾ وري نظم جي ڪلائيميڪس به نٿو اچي . خيال کي ڀرپور ۽ چٽو ڪري پيش ڪرڻ لئه پڙهڻو پوندو . هن ڪٿي ڪٿي وطن سان محبت جو اظهار به ڪيو آهي ۽ ڪجهه نظم ڀيٽا طور به لکيا آهن .
بهرحال هي هن جي پهرئين ڪوشش آهي . اڳتي هلي جيڪڏهن پنهنجي مطالعي کي وڌايو ۽ تخليقي سگهه وڌائي ته ٿي سگهي ٿو ته سٺو لکڻ شروع ڪري . باقي هي جنهن سماجي ماحول ۾ رهي ٿو جتي هن جو ڳوٺ آهي . انهي ڳوٺ جي مشهوري جا ٻيا سبب آهن . پر اڳتي هلي ڪري هن جي شاعري جي ڪري ڳوٺ مشهور ٿئي . غلام نبي هن جو ننڍڙو ڀاءِ آهي ۽ ائين ئي هو منهنجو به ننڍڙو ڀاءِ آهي . انهي هي ڪتاب مونکي لکڻ لئه ڏنو هن جو خواهش آهي ته رحيم جو ڪتاب اچي . اها غلام نبي جي به سٺِي خواهش آهي .
حق موجود سنڌ موجود

خالد ڪنڀار
نهٽو مهراڻو ٿر


1