الميو
رڳو سوڳوارين جو ڊگهو الميو آ
اميدن کي ڦاهيون ڏيندو وڃي ٿو
چاهت جي سلسلي کي وڇوڙن جو هاڃو
ساهين تي ساهيون ڏيندو وڃي ٿو
هر نئون سج پنهنجي ڪلهن تي
جنازن جون آگاهيون ڏيندو وڃي ٿو
مزارن جي تقدس جو تصور اڃان ڀي
گلن کي تباهيون ڏيندو وڃي ٿو
هر روز بادل جيان ئي وسئون ٿا
هر روز نئون ماتم ئي ملي ٿو
رُڳو سرد آهن جي آمد رهي ٿي
رُڳو وصل جو ئي سپنو جلي ٿو
آڌي جي ويلا ۾ صليبن چڙهئون ٿا
تپرس جا پنڇي اُڏامي وڃن ٿا
ناساز حالتن جو سلسلو وڏو آ
اڃان درد ڪائي نه آرس ڀڃن ٿا
پرين تنهنجي نازن تي سوچون به ڇا
تعزين مان فرصت ملي ئي ڪٿي ٿي
اونداهين جو ڪرم رهي ئي رهي ٿو
سوچن ۾ خوشبو اٿي ئي ڪٿي ٿي
فرحتن ۾ تصادم متو ئي رهي ٿو
رشتن جي وچ ۾ فاصلا ئي فٽن ٿا
شفقت جي چوڙي ڀڄندي ئي رهي ٿي
رڳو ڀوڳنائن جا قافلا ئي اٿن ٿا
♦
(هڪ اهڙي هستي جي المناڪ وڇوڙي تي جنهنکي ڪائنات جي ڪابه تشبيهه ڏيڻ سندس شخصي ڌار سان ويساهه گهاتي ڪرڻ جي برابر آهي)