شاعري

ڪاڳر تي لٿل خيال

هي ڪتاب ”ڪاڳر تي لٿل خيال“ خوبصورت شاعر رحيم خاصخيلي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. هي ڪتاب سامروٽي پبليڪيشن ٿرپارڪر پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو آهي
Title Cover of book ڪاڳر تي لٿل خيال

اجنبي

اجنبي

اجنبي اجنبي او ڇوڪري ايڏي نه ٿي چري
تيز بارش جيان لڙڪ تنهنجا ڏسي
دل ته چاهيو گهڻو، دل ته چاهيو گهڻو
تنهنجي من م متل تيز ساگر جهڙي
پاڻي ۾ اڇلايل ڄڻ ته پٿر جهڙي
اويلي يادگيرين کان پتو پڇجي کڻي
لٽيل حاڪم جيان اداس توکي ڏسي
من ته چاهيو گهڻو دل ته چاهيو گهڻو
تنهنجي من جي ٽٽل البم مٿان
نقش ٿيل ڪنهن ستمگر خيال کي
پنن تي اتاري چتر ڪارن جيان
وستي وستي ۾ کڻي خفيه ادارن جيان
روپوش توکان ٿيل ڪا پريت ڳولجي
ڳولجي ڳولجي هر حال ۾ تنهنجو ميت ڳولجي
ان کان ٿورو اڳي تون جو سڏڪي پوين
دل ته چاهيو گهڻودل ته چاهيو گهڻو
تنهنجي اکڙين جي ڪليسا جا تقدس لتاڙي
تنهنجي عبادت جي خدا کي ڇڏجي اُگهاڙي
يادگيرين جا بُت ڀورا ڀورا ڪجن
جذبا مروڙي کڻي خواب ڪورا ڪجن
توکي دلبرا ننڊن جا ڀري تحفا ڏجن
جنگجو ڌرتي جيان تنهنجو ٻرندڙ جسم
ٻانهن ۾ رکي خوب چُمجي کڻي
ناز تنهنجا سانڍجن ها سرتي جيان
مست توکي ڪجي ڪنهن ته نرتيءَ جيان
ان کان ٿورو اڳي او ارڏي ڇوڪري
تون ته ڀڙڪي پئين ڪنهن آدم جيان
مون ڀانيو توکي شيام جي ڪنهن نظم جيان
تنهنجو چهرو لڳو ڌر تتي جو ٽڪر
درد اڏارن جو توتان رهيوئي گذر
ياد تابش ٿي ڄڻ ته سازش ٿي
ياد ته توتي لٿي موذيءَ مرضن جيان
قبرسان ٿي ويو تنهنجو گلستان بدن
جنگي شهيدن جي پراڻن بٺين جيان
ٽٽل ڪتبا ڏسي دل ته چاهيو گهڻو
تنهنجي احساسن جي هيڏي هاڃي مٿان
دلاسن جا چنڊ گُل رکجن کڻي
سُتل مٽي جا سُڳنڌ ٻيهر تازا ڪجن
تنهنجي هوش جا وري سُجاڳ جنازا ڪجن
اُ ن کان ٿورو اڳي او همدم اجنبي
شهر فطرت ۾ ڪنهن ڪاروان جون اکيون
چيچ تنهنجي جهلي ڏور وينديون رهيون

(سفر جي ٽاري تي ويٺل اڻڄاڻ منزلن جي پکين جهڙن اکين مان ٽپڪي اجنبيت جي ڳلن تي سوال بڻجي رهجي ويل انهن لڙڪن جي ڪٿا جن کي نه چاهيندي به ڪنهن ڪوتاس جا نيڻ وڏي پنهنجائپ مجهان گهوريندا رهيا)