الئه ڇو جانان
الئه ڇو جانان اسان لئه عيدون
کڻي ڪي سوڳون عجيب گذريون
مقدس ڏهاڙا مقدس راتيون
قيامتن جي قريب گذريون
نه عيد ڪارڊ اوهان جا آيا
نه چٺيون ڪي چاهت ڀريون اماڻيون
نڪو تماشو اسان بڻياسين
نه ڪي اوهان ڀي ڪيون رهاڻيون
اجريون شامون لٽيون اسانجون
وري به ساڳين ڪلال خانن
خوشيون اسانجون جامن ۾ اوتي
چئون ڀلا ڇا ؟ جهان پيتيون
مٽي ويا روزا اسان نه ڄاتا
نڪو ئي سحريون اسان ڪي ساريون
شوال اُڀري ويو انهن ۾
اسان گهڙيون جي مدهوش گهاريون
اسان ته پوءِ بس اُهو ئي ڄاتو
اسان جي چاهه جو پرين تو روضو
وچينءَ جي ويلي ڀڃي ڇڏيو آ
ڳڀي ڳڀي ۾ ونڊي ويو ڪو
ڇوهه ڪيڏا ڇنڊي ويو ڪو
مگر اسانجي اضعيٰ اڀاڳي
عجيب پو ءِ ڀي نراس ٿي وئي
گلاب جهڙو لهو اسانجو
ڪتن جيان بيهي لٻيو مفادن
اجل جون گهڙيون اسان نه ڄاتيون
مٽي ويون ٿڌڙيون اسان نه ڄاتيون
اسان کي شامل خوشي پنهنجي ۾
نڪو ئي توڀي پرين ڪيو بس
پلي اسان کي پيا رڳو هي
حسرتن جا ڀڳل ڪانوڙا
نه گلاب چهرن ڏنيون واڌايون
نه جواب چهرن قبوليا مرڪي
رڳو ڏيارين آتشين جيان
هينئين تي ٽانڊا هزار ڇيڙيا
زهر ٿي ويون اسان لاءِ ساريون
ڏڻ ڏيهاڙِا بارات راتيون
رنگين هولين اسان تان وهايا
رڳو ئي خنجر رڳو ئي ڪاتيون
نه اسان جي دل جو رام پرتو
نڪي تسلي ٿيون ڪي عيدون
خوشيون سموريون رقيب گذريون
بس قيامتن جي قريب گذريون
♦