ڪيلينڊر تان اکيون صبح شام گذرن
سج ڪيئي ندي جي هنج ۾ ٻڏا
هر شفق کي سنجها بس نهوڙي ويئي
ويندي ويندي جو ٿورو مرڪي کڻي
ادا هُن جي اندر کي اکوڙي وئي
چنڊ راتين جي ٿڌي سوجهري ۾
ڪير آهي جوننڊن مان اُٿاري اويلو
جسم کي ٻکن جي اڻ تڻ پئي کڻي
لڇيو سج اڀاريو اسان هر اڪيلو
ڪيلينڊر تان اکيون صبح شام گذرن
الهي ويو گمانن ۾ آڪٽوبر سمورو
وياسين اڪيلا جو ڏيئو ڪو جلائڻ
عجب ۾ ٻڏي ويو مندر سمورو
نه ڪوئي سنهيو نه ڪوئي پيامبر
الئه ڇو نه هن ڀي سڏيو آ اسانکي
اڪيلائي اندر ۾ ٿي نئون وهم اوتي
چري هن ڀلا ڇو ڀلايو اسانکي
برف جهڙي جهان ۾ کيس ڳولجي ڪٿي
نه اڻ واقف خطن تي پتو ڪو ڇڏيو ٿس
نه ڪٿي هن جي ٽهڪن جي خوشبو ٿي اڏري
الئه ڪٿي وڃي من اڏيو اٿس
ناهي دامن ۾ ڪوئي احساس تازو
کڻي جنهن جي اوٽ ۾ نئون ناتو ڳنڍجي
وٺي ڪنهن کان چپن جا لمحا ڪي اڌارا
ضعيف ٿيل عشق کي نئون جوڀنو ڏجي
♦