اسان جا پيار لاڏلا
ڪيڏي نه هئي انمول زندگي
چاه ڪيڏو اٿاه هيو
ڪير ٿو ٿئي پري
عجيب ڪو ويساهه هيو
غليظ هر پير جو ترو
اڄ راهه جي پٿر جيان
چٿي بدن مٽيو وڃي
لوڪ سارو چٿر جيان
لٿاسين ڪنهن به رهاڻ ۾
بي آبرو پتن جيان
وقت جا هٿ ميرانجهڙا
دام هر کٽي ويا
اسان جنين لئه مئاسين
سي منهن سگهو ئي مٽي ويا
اوندهه ڪنهن اجهاڳ جيان
سدائين رهيون قسمتون
پراڻو ڪو ماڳ ٿيون
هر بار ويچاريون حسرتون
بيدرد عاشقي جو
باب نه کٽو ڪڏهين
جدا ٿي ملڻ سندو
خواب نه کٽو ڪڏهن
ويون جنين جي سوچ ۾
اسان جون چنڊ جوانيون
انهن جي اکين مٿان
نقاب نه لٿا ڪڏهن
لکيون ڏنيون سين زندگيون
مگر انهن جي عشق جا
حساب نه لٿا ڪڏهن
رهيا خيال اوپرا
سدائين هجر جي قيد ۾
اسان جا خواب ڇيڳرا
جليا پٿر جي قيد ۾
قدم قدم تي جن کي
ڏناسين چاهه نوان نوان
غير ٿي سي ڏئي ويا
روز گهاءُ نوان نوان
زهر ٿي سي لهي ويا
بدن جي نس نس ۾
ڪنڊن جيان کپي ويا
اکين جي گس گس ۾
اسان کي گهڙي گهڙي ۾
انهن جي بيرخي سندا
ڏنا ٿي پتا پيچرن
جنين جي من مرضي کي
سمجهو اسان فرض جيان
بهار جهڙا لمحا ڪيئي
اسان جنين کي ادا ڪيا
رهيل ڪنهن قرض جيان
نثار ٿيان جنين مٿان
اسان جا پيار لاڏلا
اسان جنين کي روڪيو
جهان جي تماشن کان
اڄ ذليل وقت قيامتون
تنها ٿي ڪٽيو اسان
اوباش انهن جي سلوڪ ۾
نه جان رهي نه جند رهي
صدين پڄاڻان اسان وٽ
فخر اهو ئي آ بچيو
اداس هن هينئن ۾
اهو ساڳي ديپ رهيو
اهائي ساڳي سنڌ رهي
♦