لوڻ جهڙيون موسمون
جي لوڻ جهڙيون موسمون
هانءُ تنهنجي تي سُرن
۽ فاصلن جا مرثيا
تنهنجي نيڻن ۾ ٻُرن
وڌوائي جي سانجهه تنهنجي
ٻانهن ۾ جي لهي پوي
تنهنجي خوشبو جو ڏيئو
جي چار ٽوٽا ٺهي پوي
هٿ جهلي تو کان سکيءَ
جي ڪنهنجو ئي پُڇي
تنهنجي لفظن ۾ جنهنجو
ها پتو نه ڪوئي هجي
شام جا دلڪش لمحا
هانءُ تي شرارن جيان
۽ ڪنوارپ جي مٿان
جي گذرن ترارن جيان
هر گهٽا گونگي لڳي
جي اڄاتي ٿي مٽي
۽ هٿن تي نانءَ ڪنهنجو
روح تان ڪاتي ٿي مٽي
ياد ڪنهنجي جا ڪنڍل
هانءُ ۾ الجهيا رهن
تنهنجي نيڻن جو تماشو
چنڊ تارا ڏسندا رهن
تنهنجي ادائن تي لٿل
جي نه آڌي ڪا کٽي
تنهنجي ماضي جو سڄو
جي ڀرتيل جوڙو ئي ٽٽي
۽ اويلو درد ڪو
توتي ڪتبو ٺهي پوي
تنهنجي ٽهڪن جو سفر
هڏڪين جي مقتلن ۾
بيوسي جي دانهن ٿي
وقت جا مسيحا سڀئي
لا دوا چئي توکي ڇڏن
تنهنجي بدن جا محاورا
جي نه ڪو سمجهي سگهي
۽ ڇاتين جا ولولا
ها جي سگريون ٿي ٻرن
اهڙن لمحن ۾ ٿي سگهي
نيڻ ٻوٽي تون رُڳو
راهه پئي تڪجان چري
جي ڏني زندگي گهٽي
کڻبا ساهه پيا وري
تنهنجي ٻانهن ۾ اچي
راهه پئي تڪجان چري
♦