شاعري

ڪاڳر تي لٿل خيال

هي ڪتاب ”ڪاڳر تي لٿل خيال“ خوبصورت شاعر رحيم خاصخيلي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. هي ڪتاب سامروٽي پبليڪيشن ٿرپارڪر پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو آهي
Title Cover of book ڪاڳر تي لٿل خيال

دل لڳي مالها نه ٿي

دل لڳي مالها نه ٿي

هيل به خالي ائين رڳو
انتظارين جي باغ ۾
درد جي موسم لٿي
ڪو گل ٿي ٽڙيو ئي ڪٿي
دل لڳي مالها نه ٿي
ڪنهن ڪنواري ساهه جي
آس جا ٻاري ڏيئا
دل هر پاڇي پٺيان
ٻار ٿي لڳندي رهي
خواب ڪئين ڪورا کڻي
عاشقي رلندي رهي
ويلن جا ورندڙ قافلا
اشڪبازي جي سنهين جيان
دل جي آڳر تي لٿا
بادلن ۾ چنڊ جهڙا
خيال ڪاڳر تي لٿا
هر گهڙي آهٽ لڳي
هر هوا آنچل جيان
ها مگر خالي ئي رهيو
روح ڪنهن ساحل جيان
شام جي ڪنهن رٿ تي
ڪنهن مهاديوي جيان
محل ڪنهن جي هنج ۾
سج جيان الهري چري
جاڳ کان ويڇا ڪري
قسم پاسي تي رکي
چنڊ جي اجرڪ وجهي
وار ويڙهي هوءَ سُتي
ڪوته هن جو مُنتظر
ديپ ٿي دکندو رهيو
ڪير هو جنهن سان ڪيل
هر وچن چرچي جيان
هُن ته ٽاري ئي ڇڏيو
ڪير هو جو سحر ٽاڻي
دل شڪن جذبا کڻي
محبوب ڪنهن دهليز تي
ممنوع ٿيل تختين مٿان
درد مان ڏسندو رهيو
دلبري جي ڳوٺ جي
هر گهٽي گونگي لڳي
هر لمحو مقتل ٿيو
زندگي مالها نه ٿئي
پيار ٿي ڪاوا ويو
ڪير هو جو بيدخل
خواب ڪئين رڱيل ڇڏي
شهيد ٿيل محبت مٿان
لڙڪ ٿي ڪرندو رهيو
پن ٿي ڇڻندو رهيو