اسان تو سواءِ
رڳو ياد بانسري جيان ٿي وڄي
رڳو چاهه رقا سا جيان ٿو نچي
هينئون سار ۾ ٿو ڏيئن جيان ٻري
رڳو ساهه پتنگن جيان ٿو پچي
پوءِ ڀلا تو اهو ڪيئن چيو آ
اسان کي اوهان وساري ڇڏيو آ
مگر اسان جي اها ريت ناهي
اسان زندگي ۾ ڪنهن کي چاهيو نه آ
جي ڪنهن کي چاهيو ته وساريو نه آ
۽ اسان تو سواءِ ڪنهن کي چاهيو نه آ
توکي چاهي پوءِ وسارڻ جو سوچيو نه آ
اڃان تنهنجي ساهن جي ڪنوارن ڌنن سان
اڃان ساڳي محبوب رفاقت رهي آ
اڃان پنهنجي رشتن جي محفل ۾ جانم
خدا جو قسم ڪو جمالو نه ٿيو آ
اڃان ساز ساڳي پيا چاهت جا وڄن
اڃان ڪنهن به محبت جو ازالو نه ٿيو آ
جي ٿيو آ ته ڪجهه اهو ئي ٿيو آ
پنهنجي معصوم دلبري جي ٻانهن ۾ پيل
چند ڀاڪرن جا شيشا ئي ٽٽا هن
جدائين جي موسم جو ڪرم آهي ٿورو
فاصلن جا ڪجهه ٿوهر ئي ڦٽا هن
مگر پوءِ ڀي ايترو ناهي ٿيو جو
ايڏي دلگير لهجي سان اداس ٿي چئجي
اسانکي اوهان وساري ڇڏيو آ
الئه ڇو اوهان وساري ڇڏيو آ
کڻي ڪنهن کي وسارجي ته وساري ٿو سگهجي
گهڻو وقت جدا ٿي گذاري ٿو سگهجي
مگر بيوفائي لعنت جيان ٿي لڳي
قيامت کان وڌ قيامت جيان ٿي لڳي
کڻي توکي ناهي جي ساريو پرين
اسان توکي ناهي وساريو پرين
اسان جي سچائي ۾ جي چاهين اگر
ٽانڊن تان ساکون وٺي ڇو کڻي
اکين جو قسم توکي ناهي وساريو
سنڌو جو قسم توکي ناهي وساريو
اسانکي تنهنجي وفا جو قسم
اسان توکي واقعي ئي ناهي وساريو
اڃان جنهن به طلسم کي ڏسون ٿا جتي
اُتي توکي سُڏڪي ۽ ساري ڇڏيون ٿا
هينئون ٽانڊن تي ڄڻ ٻاري ڇڏيون ٿا
وڏو سچ اسان جو اهو ئي ته آ
اسان تو سواءِ ڪنهن کي چاهيو نه آ
توکي وساري به سانئڻ وساريو نه آ
♦