هو جيڪا
ڪنهن محبوب موسم جو احوال ڪونهي
ڪنهن ماتم ۾ وٺجي ويا هن ترانا
ڪنهن دلعزيز هستي جو ناهي سنگم
تنهاين تي جت ڪٿ پيا گهڙجن فسانا
هو عذابن جون پراسرار طزون ڀي اوجهل
هوءَ نقابن جون دلڪش ادائون ڪٿي
هوءَ حويلين جا سايا ويا سونهن کائي
هوءَ آڏيون ۽ ابتيون پڇائون ڪٿي
هوءَ جذبن ۾ ٻهڪيل جسم ڪو اَٻايو
هوءَ فهمن جي محلن کي بندين تالا
هوءَ عدن جي گلشن جي شرير ڪلڙي
هوءَ ڪائنات جي سڀني تشبيهن کان اعليٰ
هوءَ مسيحا جو نئون روپ مونکي لڳي
هوءَ بيجان جسم کي جياري وئي
هوءَ ڪرسمس جي پويتر نيتن سان آئي
هوءَ جذبن جون شمعون اٿاري وئي
هوءَ اگهاڙين وکن سان گهٽي تائين ايندڙ
ڪليسا جي مقدس غاليچن تي ويهي
شفيق هٿن سان دعائن جي گهرندڙ
هوءَ پٿر جا سڀئي خدا جنهن جي ماتحت
هوءَ جنهن جي لفظن جون ڇيرون اڃان ڀي
ڪنهن راحبا جو مقدس بدن ئي هجن شل
هوءَ نظارن ۾ تاثير جنهن جي هجڻ سان
هوءَ راتين جي ننڊن جو ڪومل تصور
هوءَ باکن جي شفاف شبنم جان مرڪي
هوءَ زندگي جي سازن کي ڇيڙي ڇڏيندڙ
ڪنهن اُجري چُني سان ارڏي هوءَ وينگس
ڪنهن سانجهي جي مقتل ۾ ملي هئي جيڪا
ڄڻ خنجر جي الارن کي سامهون ڪو هٿ هئي
ڄڻ مسمار ٿي ويل حياتي تي شفقت
ڪنهن ڪشمڪش جي گهڙي ۾ مرڪن سان ڳهيلي
چنڊ اکرن جا شفا ياب دلاسا هوءَ ڏيئي
ڪنهن ڄاتل سڃاتل دهليز جي پويان
ڪنهن عرصي کان وئي جا وري ڪانه موٽي
هو قاعدن جي غافلن هوءَ پابندين جي منڪر
ڪنهن وحشت جي دڙڪي ۾ رهي ٿي جا هاڻي
ڪنهن بندش جي موسم ڇڏيو هن کي ڇاڻي
♦
(ان وينگس کي ارپنا جنهن زندگي جي ساز کي هڪ دفعو ڇا ڇهيو پوءِ هو آواز صدين جو سُر بڻجي روح ۾ رهي پيو)