او ڇيڳري
او ڇيڳري مس ملي آن کڻي
طويل مدتن جا نه حساب پڇ
پڇين ته چند گهڙين جا تون
اسان کان سوال جواب پُڇ
اسان جو من ٽٽل پنا
ورهين جي ڪا ڪٿا نه ڳول
هينئون به آ هزار زخم
چڱو ته آ زخم نه کول
جذبن تي ڪو ويساهه نه آ
ڪو ڀرم ڀي تون نٿي رکين
اسان جو چاهه صديون هيو
سو شرم به تون نٿي رکين
ڪنهن عتاب مان جي اٿياجي هن
نه روڪ چمين جا قافلا
ڇڏ ته بي حجاب ٿي
زندگي کي آخري چمي ڏيون
ڪنهن شام جي اُماس رات ۾
وڌا جي هن ڪي فاصلا
انهن کي ڪا وٿي ڏيون
گلن جي هيراڪ سينڌ کي
چوين ته تون چئو کڻي
اسان جا شوق بانورا
سبڪدوش ٿيا جي چمن منجهان
ڪنهن ڪٺل مور جي صدا ۾
شامل ٿيندا پيا وڃن
پري اوهان کان رهي
پاگل ٿيندا پيا وڃون
گهڙيون جي چند بچيون به هن
انهن جا چپ ٿا سبيون کڻي
طويل ڪي به وصيتون
اوهان کي نازنين نٿا ڪيون
مگر اسان جي آخري
اٿئو هي ويچاري چاهنا
اسان جو ڪوبه خيال جي
اوهان جو رُخ وڃائي ڏي
پراڻي ڪنهن گلدستي جيان
اوهان جي ذهن جي ميز تي
اسان جي بار ٿي پئون
اسان اوهان جي روح ۾
بنهه جي ٻار ٿي پئون
بس اسان جو نانءُ وٺي
چپن کي مهلتون ڏجو
دعائون بد ڏجو کڻي
اسان لئه سي به عنايتون
اسان لئه سي به محبتون
اسان لئه سي به راحتون
♦