سانجهه جي روهيڙن منجهان
سانجهه جي روهيڙن منجهان
پل سُڪل گلڙن جيان
ڪرندا وڃن ڇڻندا وڃن
هُن چٽيا ميندي جيان
ڪنهن هوا جي هٿ تي
لفظ سي وڻندا وڃن
رات ڪا مقتل جهڙي
دل لڳي جي شهر ۾
وسوسن جوڀوڳ ٿي
آ لٿي هر پهر ۾
آس ڪنهن صحرا ۾
پوپٽن جي رات جهڙو
سوال بڻجي آهي وئي
ها گلابي ڇوڪري ڪا
خيال بڻجي آهي وئي
جنهن جي نيڻن ۾ ٻڏل
ڪو ناخدا موٽيو نه آ
جنهن جي ذلفن ۾ لٿل
منظرن جو پتو نه آ
ڪلهه شام کان جا
روح جو محور بني
خواب جو تعبير ٿي
جاڳ جو تصور بني
پنهنجي مقدس آڱرين سان
ويل جنهن ۾ هُن لکيون
ڪنهن هوا جي ورق تي
پيار جون ڪي آيتون
وقت جا رلندڙ لمحا
اڄ به ساڳي موڙ تي
ڪلهه جيان آهن پُڳا
هر هوا ٿي خالي لڳي
هن جوڪو نياپونه آ
باک پئي لهندي وڃي
چنڊ ٿو تڪڙو لڳي
پيامَ يار جي انتظار ۾
رات پئي رڙهندي وڃي
♦
(موبائل فون تي ايس ايم ايس ڪيل ڪنهن پريتم جي لفظن کي ڏنل اڌوري ڀيٽا)