تون چوين ٿي چري
تون چوين ٿي چري مان اچان ڇو نٿو
تنهنجي مستن ۾ توسان مچان ڇو نٿو
ٻڌو ٿم ته تنهاين تي ڏاڍو ٿي سوچين
رڳو بس ملڻ ۽ کلڻ لاءِ ٿي لوچين
ٻڌو ٿم ته اکڙين ۾ چري تون اڪثر
لڙڪن جا سانوڻ لڪائي رکين ٿي
تنهنجي چپن جي گرم جوشي جو سورج
ٻڌو ٿم ته ڪڏهن کان گرهڻ ٿي چڪو آ
حسرتن جا بتيلا گهڻي ڀاڱي تو وٽ
اويلا ٿي لنگر لئه اڪثر اچن ٿا
ٻڌو ٿم ته تنهنجي ذلفن جا رستا
اسان جي آڱرين سواءِ ڄڻ ويران آهن
ها چري مون ڪنهن کي چندي ٻڌو آ
هو تنهنجي ”شانو“ بس هٿن کي ملندي ئي رهي ٿي
۽ تنهنجي سيني ۾ بيتابي جي موسم
ڪنهن چيو پئي ته ڏاڍي وحشي ٿي لٿي آ
تو ٻانهن جا ڪنگڻ ڀڃي ئي ڇڏيا آهن
نڪي تنهنجي پيرن جي کڄڻ تي هاڻي
پازيب جو جهڻڪو ڪو هوا ۾ گهلي ٿو
نڪي تنهنجي ڇاتي جي گهنڊن کي هاڻي
ڪمهلو پوڄاري هاڻ اچي ڪو ڇهي ٿو
پنهنجي من جي اندر ۾ اڪثر
رڳو هڪ ميرا ٽيل ڏيئو ئي جلي ٿو
ها ٻڌو ٿم ته منهنجي نانءَ تي اڪثر
سڏڪن جا پنڇي اڏري ئي وڃن ٿا
ستارن جا منهن ڀي لاهي ڇڏين ٿي
ها ٻڌو ٿم ته تنهنجي ادائن جي ڪونتل
ڪنارن تي پهچي گم ٿي وئي آ
هوائن تنهنجي ساهن جي خوشبو کي هاڻي
گهٽائن ۾ گهمائڻ ڇڏي ئي ڏنو آ
دل چوي ٿي چوي ٿي ها چوي ٿي گهڻو
مان توڏي اچان مان توسان لُڇان
تنهنجي تباهين جا توکان ڪارڻ پڇان
مگر منهنجي جانان مان توڏي اچان ڪيئن
منهني نيڻن ۾ نئون ڪو سپنو نه آهي
بس آهي چپن تي لوط جو صحرا
چاهت جي چاندني جهيڻي ٿي وئي آ
خوابن جا بادل ڀي اڪامي ويا هن
تنهاين تي ڏاڍو هري مان ويو هان
تنهنجي ڳولا جون ڪونجون برحق هت اچن ٿيون
مگر منهنجي دامن ۾ سنڌو آ ستو پيو
نه آرزو هاڻ ڪا سلامت رهي آ
چري دل تنهنجي چپن کي وساري ڇڏيو آ
ضمير جي بيرحم اناگير حاڪم
اسان جي پيرن ۾ زنجيرون وڌيون هن
جيئن راهن ۾ پيل پٿر اڇلجن ٿا
ڪو وقت هئو اسان کي ڇڏيو هئي اڇلائي
هاڻي اوچتو جي ياد آيا کڻي هونءَ
چڱو آ ته جانم وري ڇڏ ڀلائي
♦
(اڌورن رشتن جو اهو الميو جيڪو عاشقي جي هينئين تي سدائين ڪچي گار ٿي لڳو آهي جيڪو رسمن جي ٻوڪاني ٻڌي دل لڳي جي گهرن ۾ رهزن ٿي رليو آهي ناتن جي ويساهه گهاتي ۾ گهائجي ويل هڪ اهڙي ئي ناتي جي ڪٿا جيڪو وساريندي وسرندي به وسري نٿو سگهي)