شاعري

ڪاڳر تي لٿل خيال

هي ڪتاب ”ڪاڳر تي لٿل خيال“ خوبصورت شاعر رحيم خاصخيلي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. هي ڪتاب سامروٽي پبليڪيشن ٿرپارڪر پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو آهي
Title Cover of book ڪاڳر تي لٿل خيال

پنهنجي طرفان

پنهنجي طرفان

ٿيو ايئن جو

جڏهن جواني جي موسم شروع ٿيندي آهي ته اندر جو نابالغ ٻار پنهنجي مستي ۾ جهومي پوندو آهي ان ڪيفيت جي به هڪ پنهنجي ادا هوندي آهي.
ماڻهو ڪڏهن لغڙن سان گڏ ڏور آڪاش ڏانهن اُڏامڻ جي ڪوششن ۾ محو هوندو آهي ته ڪڏهن وري رينگ ۾ پيل بلورن جيان هڪ ٻئي جي هٿ ۾ هٿ ڏيئي هجوم ٿي وڃڻ جو شوق جاڳندو آهي. اهو تصور شايد گهٽ ذهنن ۾ جڙندو آهي ته ٽاپوءَ رينگ م پيل بلورن کي لڳي جڏهن انهن کي داڻو داڻو ڪري ڇڏيندو آهي تڏهن ٽاپوءَ جي ڪمان بڻيل آڱرين ۾ جهمريون هونديون آهن پر رينگ ۾ پيل بلورن جي دلين ۾ بيروڪ ڌڙڪن هوندي آهي اهڙيون ڌڙڪنون جڏهن روح جي چڪي ۾ پيسجي ذهن جي گندي ۾ ڪرنديون آهن تڏهن شاعري تخليق ٿيندي آهي شاعري ٽڙندڙ جواني ۽ اوباش محبتن جي پريم ارپنا دوران پيدا ٿيل ان حرامي ٻار جو نالو آهي جيڪو پوءِ لاوارث ۽ آوارا بڻجي پنهنجي تقدير پاڻ ٺاهي ٿو پوءِ ڪڏهن ڪڏهن اُها عشق جي محلن ۾ ڏار وجهي ڇڏيندي آهي ته ڪڏهن وري اُها قومن جي بيداري جو رول
ماڊل ROLL MODEL)) بڻجي ويندي آهي
منهنجون هي تخليقون به تصوير آهن انهن حرڪتن جي جيڪي ٻالڪ پڻي ۽ بالغ پڻي جي منهنجي زندگي جي مالڪي تان ٿيل جهيڙي جو نتيجو آهن
تصوير آهن انهن جذبن جي جيڪي فلمي هيروز HEROES) ) يان پاڻ کي ڇڏي ٻين لاءِ پيدا ٿيندا آهن ۽ اڌ حيات ۾ مارجي ويندا آهن.
تصوير آهن انهن جذبن جي جيڪي اڌ رات جو ڪنهن حسينا جي ڀاڪر ۾ پيل خماريل وجود جهڙي ڇرڪجي اوچتو ٽٽل سپنن جي جن چاهيو ته عشق جو مجنون بڻجڻ پئي پر اوچتو جذباتي نوجوان جي انقلابي نعرن جيان حالتن جي گردشن کان زخمي ٿي اڌورا اّ اڌورا رهجي ويا.
تصوير آهن انهي احساسن جي جيڪي موسيقي جي رڌمن تي ميلي ۾ معصوم ٻار جيان وڃائجي ويندا آهن پوءِ مفلسي جي بازار م پوڙهي پيناڪ عورتن جي صدائن سان گڏ واپس موٽندا آهن
تصوير آهن انهن خيالن جي جيڪي سڄي سڄي رات وئيشيا جيئان مست ٿي وقت جي راڪاسن اڳيان به خوشي خوشي ۾ نچندا رهندا آهن ۽ پوءِ وڏي رات وئي زخمي پيرن سان پنهنجي ڪئي ۽ ڪمائي تي پڇتائيندا ۽ پنهنجي لٽجي وڃڻ جو ماتم ڪندا گهر موٽندا آهن
تصوير آهن انهن حسرتن جي جيڪي پوڙهي ماءُ اُهو چئه سنڀاليندي رهندي آهي ته منهنجو پٽ پڙهي پاس ٿئي ته سندس ڪنهن لال ڪنوار سان لانئون لاهيان پر سندس ڳڀرو پٽ موٽنداته آهن پر پڙهي پاس ٿيڻ کان اڳ ۾ پچي راس ٿي منتظر ماءُ جي شفقت ڏي ڊوڙندا ايندا آهن پر انهن جي جوڀن جون بهارون رتوڇاڻ ٿيل هونديون آهن سندس سانتيڪا وجود ڳاڙهي جهنڊي جي سائي ۾ اجرڪ جون ڦليون اوٽ ڪري موٽندا آهن پر لال ڪنوار ماڻڻ جا خواب اُتي ئي ڇڏي هو مجنون متوالا بڻجي آزادي جي لالچ ۾ پنهنجا سِر دان ڪري پوءِ موٽندا آهن انهن کي چهڪندڙ ڄڃ جي بجاءِ ٽهنڪدڙ قافلا گهر تائين پڄائيندا آهن اُنهي پوڙهي ماءُ جي ممتا جڏهن اُگهاڙا پير ڪري جن حسرتن جو وجود مُرڪندي مُرڪندي تاريخ جي سامڙي ۾ لاهيندي آهي منهنجيون تخليقون ڪجهه اهڙن ئي تصورن جي تصوير ٿيڻ جي آس ۾ هڪڙي ڪپڙي ۾ گهران نڪتيون آهن
(سرائي رحيم خاصخيلي ايڊووڪيٽ)
مهراڻ نگر مهپاري ڪنري
2016-6-4