شاعري

ڪاڳر تي لٿل خيال

هي ڪتاب ”ڪاڳر تي لٿل خيال“ خوبصورت شاعر رحيم خاصخيلي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. هي ڪتاب سامروٽي پبليڪيشن ٿرپارڪر پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو آهي
Title Cover of book ڪاڳر تي لٿل خيال

ڪن اهڙن ماڻهن جي

ڪن اهڙن ماڻهن جي

هي جي سادا سُودا ماڻهو
سڀئي ڪارا ڪوجها ماڻهو
ڪنهن وقت تصوير ٿين ٿا
ڪن اهڙن ماڻهن جي
جي پاڻي تي لڪير ٿين ٿا
جي ويساکي ۾ هير ٿين ٿا

جي ماڻهو پنهنجي جيون ۾
هيڻن لاءِ اُتساهه ٿين ٿا
سڀئي مٿي اڻڀا ماڻهو پوءِ
تن جي پويان آهه ٿين ٿا

جي ماڻهو پنهنجي جيون ۾
ٿا نڪرن اوکو دڳ وٺي
۽ پنهنجي پويان وڳ وٺي
ڄڻ واچوڙا ۽ وير ٿين ٿا

جي ماڻهو پنهنجي ماڻهن کي
ٿا سايا بڻجي ڇانو ڏين
ڪم زورن ۽ ڪم ظرفن کي
ٿا ڏاڍائي جا ڏانو ڏين

جي ارڏا بڻجي جيون گهاري
موت مرن ٿا شهيدن وانگي
جي ڏور هجن ته به آٿت جهڙا
ويجهو ويٺي عيدن وانگي

ڪن اهڙن دودن ٻاگهين جي
چئو ڪهڙي ڪهڙي ڳالهه ڪجي
جي قوم جي تقدير ٿين ٿا
سي ماڻهو ئي بشير ٿين ٿا

(ارپنا: (شهيد بشير خان قريشي)