شاعري

ڪاڳر تي لٿل خيال

هي ڪتاب ”ڪاڳر تي لٿل خيال“ خوبصورت شاعر رحيم خاصخيلي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. هي ڪتاب سامروٽي پبليڪيشن ٿرپارڪر پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو آهي
Title Cover of book ڪاڳر تي لٿل خيال

آزاد نظم

آزاد نظم

زندگي جيڪا به تنهنجي آ

پيارا مرتضيٰ
تون ئي ٻُڌاءِ
زندگي تنهنجي منشور ۾
چون ٿا تو اوتي ڇڏي
زندگي جيڪا به آ تنهنجي آ
پاڻ رب کان اڳيان توتي ڇڏي
(سائين جي ايم سيد)
پيارا بشير
زندگي ڏاڍي شرير
روز ڪنهن گام تي
تنهني آمد جيان
جذبات جو درياءُ آهه
زندگي وڏو انياءُ آهه
(محترم بشير خان قريشي)
پيارا مالڪ
زندگي جوڳي
زندگي سالڪ
اچ ته ڪا تپسيا ڪجي
اچ ته توکي خدا ڪجي
پيارا الطاف
زندگي موت جو غلاف
چئو ڀلا پائجي
يا لاهجي
پياا نثار
زندگي درد هزار
ڪيئن گهٽائجي
ڪيئن ڇڏائجي
پيارا علي
زندگي سراب جيئن کوکلي
ڇو پويان ڊوڙجي
۽ پاڻ کي ٻوڙجي
پيارا عمر
زندگي اڪيلو سفر
ڪون ڪو آشيانو آ
هر گهڙي نشانو آ
پيارا رمضان
زندگي بي ايمان
ڪوڙ جي لوڙهه آ
هانءُ جي سوڙهه آ
پيارا معشوق
زندگي واري تي ڦوڪ
اُڏريو وڃي
وکريو وڃي
پيارا مٺن
زندگي ڪٺن
گذري نٿي
نبري نٿي
پيارا امتياز
زندگي بي نياز
اوچتو سنوريو وڃي
اوچيو پڄريو وڃي
پيارا چيتن
زندگي پنهنجو وطن
اچ ته کيس ڇڏائجي
اچ ته کيس ٺاهجي
پيارا حفيظ
زندگي ڏاڍي غليظ
پوءِ به گذارڻي آ
۽ پاڻ کي سنوارڻي آ
پيارا جميل
زندگي ڏاڍي عليل
ڪا گهڙي حيات ۾
ڪا گهڙي ممات ۾
پيارا حبيب
زندگي رقيب
روز ٿي چوچا ڪري
روز ٿي حملا ڪري
پيارا عطا
زندگي بيوفا
اڌ ۾ ڇڏيو وڃي
موت ڏي لڏيو وڃي
پيارا ارشاد
زندگي نقاد
روز ڪا ترديد آ
روز ڪا تنقيد آ
پيارا اشوڪ
زندگي بد ذوق
روز جو انتشار آ
روز نئين ڪا گار آ
پيارا کيراج
زندگي مزاج
روز ٿي بدليو وڃي
روز ٿي بگڙيو وڃي
پيارا حنيف
زندگي ضعيف
سفر ۾ پيل شام جهڙي
جهور پوڙهي لام جهڙي
پيارا خادم
زندگي ظالم
ڪا پناهه کوٽجي
يا جنگ جوٽجي
پيارا نند
زندگي سُڳنڌ
هوائون ٿي مڇرائجي
پوءِ لاهجي يا پائجي
پيارا مهتاب
زندگي آفتاب
اُڀري به وئي
گُذري به وئي
پيارا مجيد
زندگي عيد
آئي ته دير سان
گُذري سوير سان
پيارا مشتاق
زندگي درد و فراق
روز نئين انداز ۾
روز نئين رفتار سان
پيارا ويرم
زندگي تنهنجي نالي جيان
ترس ۾ گذريو وڃي
نبريو وڃي
پيارا يونس
زندگي ڄڻ سومَ رس
پاڻ پي ڪجهه ڏوڪ تون
مونکي به ڏي ڪجهه اوت تون