تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سياست جو صحرا

ڪتاب ”سياست جو صحرا“ جو ليکڪ محترم لطيف جمال آهي. اعجاز منگي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
مان سوچي رهيو آهيان ته:
”ڇا لطيف جمال پين کي پستول وانگر استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟“
هن ڪتاب ۾ ڪجهه ڪالم انهن اداس فائرن جهڙا آهن، جيڪي اونداهي رات جي آسمان جي ڇاتي ڇاڻيندا رهندا آهن!
۽ ڪجهه ڪالم انهن نه هلي سگهيل گولين جهڙا آهن، جن کي مايوس باغي، لاڪيٽ بڻائي ان ڳچيءَ ۾پائيندا آهن، جيڪا سڄي زندگي ڪنهن احساسِ جُرم جي بار سبب جُهڪيل رهندي آهي!
  • 4.5/5.0
  • 3500
  • 923
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • لطيف جمال
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سياست جو صحرا

مهاڳ : هي واريءَ پنڌ نه کُٽڻو آ....!

ڄامشوري جو اوپن ايئر مئڪدو
نيري نڀ تي کِڙيل پورو چنڊ
شيخ اياز جي نظم جهڙي تيز هوا
۽ پيار جي ڪوڙن قسمن واري
قاضيءَ جي مزار!
جنت ۽ جهنم جي وچ تي وڇايل ڏاڪڻ تي ويهي
مون هڪ نوجوان جي هٿن مان پستول ورتو هو!
پوءِ هن قلم ڪيئن کنيو؟
مون کي معلوم ناهي!
پر منهنجي اڳيان ان قلم سان لکيل ڪتاب موجود آهي!
۽ مان سوچي رهيو آهيان ته:
“ڇا لطيف جمال پين کي پستول وانگر استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟”
هن ڪتاب ۾ ڪجهه ڪالم انهن اداس فائرن جهڙا آهن، جيڪي اونداهي رات جي آسمان جي ڇاتي ڇاڻيندا رهندا آهن!
۽ ڪجهه ڪالم انهن نه هلي سگهيل گولين جهڙا آهن، جن کي مايوس باغي، لاڪيٽ بڻائي ان ڳچيءَ ۾پائيندا آهن، جيڪا سڄي زندگي ڪنهن احساسِ جُرم جي بار سبب جُهڪيل رهندي آهي!
اوشو چيو هو ته: “عظيم گرو نه پر چيلو ٿيندو آهي.”
ساڳي طرح سان عظيم رائٽر نه پر اهو ريڊر هوندو آهي، جيڪو اهو ڪجهه پڙهي سگهي، جيڪو رائٽر نه لکيو!
يا هن کي لکڻ نه ڏنو ويو!!
اهو پتو صرف هڪ ليکڪ کي ئي هوندو آهي ته هن ڇا لکڻ چاهيو ۽ هن ڇا لکيو؟
۽ صرف ڪي ڪي پڙهندڙ اهڙا هوندا آهن، جيڪي بند چپن سان چيل ڳالهه ٻڌي وٺندا آهن ۽ بند چپن سان داد به ڏيندا آهن ۽ انهن جو خاموش داد، خاموشيءَ سان دل ۾ پيهي به ويندو آهي ۽ وري ڪنهن اڻ ڪيل اقرار لکڻ تي اتساهيندو آهي!
۽ وري هڪ رائٽر قلم جي روات سان پنهنجي روح مٿان چڙهي ويل زنگ لاهيندو آهي!
۽ وري لکڻ چاهيندو آهي!
هڪ ڪوڙي ڪهاڻي!
هڪ سچو ڪالم!
جنهن کي اخبار جي زينت بڻجڻ لاءِ سچل جي انهن سٽن مان گذرڻو پوندو آهي ته:
“مل معشوقاں مصلحت کیتی
عاشق قتل کریسوں!”
اخبارن جا مالڪ ۽ انهن جا ملازم اهڙا معشوق آهن، جيڪي ڪالم جي وجود کي ڪٽي ڪباب بڻائيندا آهن!
سو! منهنجي پڙهندڙن کي صرف اها گذارش آهي ته هو انهن ڪالمن کي ائين پڙهن جيئن اصل ۾ هو لکيا ويا!!
فيض ڍاڪا کان واپس ورندي لکيو هو:
“ہم کہ ٹھرے اجنبی اتنی مدارتوں کے بعد،
کب بنیں گے آشنا کتنی مدارتوں کے بعد.. !”
آشنائن ۾ اجنبي!
اهو ڇوڪرو جيڪو هاڻي هڪ شخص بڻجي ويو آهي. جيڪو هاڻي ديوانن وانگر ميڊيا جي ديوارن تي لاطيني آمريڪا جو اهو مشهور قول لکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته: “جنهن عشق ۾ ديوانگي ناهي، اهو عشق ئي ناهي.”
پران عشق جي ڪاريهر جي ڪکيل نوجوانن جون تصويرون جڏهن سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ٿين ٿيون، تڏهن هن کي ڏسندي اهو پُڇندي محسوس ٿين ٿيون ته: “اسان جنهن خواب خاطر خون ٿياسين! ان جو ڇا ٿيو؟”
تڏهن هن قلمڪار کي پنهنجي ديس جي سياست ان صحرا وانگر نظر اچي ٿي، جيڪا منڍ کان وٺي مورن جو مقتل رهي آهي!
مون کي ذاتي طور معلوم آهي ته سنڌ جي قومپرست سياست جا اڪثر اڳواڻ لطيف جمال جا ذاتي دوست آهن. پر پوءِ به هن جي قلم ڪنهن ليڊر جي قد وڌائڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. هو سدائين اڻ ڏٺل ۽ اڻ مليل ڪارڪنن جي پاسي رهيو آهي. هو جيڪو قومي سياست جي نالي ۾ اُڻيل ڄار جي حقيقت ڄامشوري ۾ رهندي، سمجهي چڪو هو ۽ پوءِ هن سياست ائين ڇڏي، جيئن حشو ڪيولراماڻيءَ سنڌ ڇڏي هئي!
هن جو اصل وطن قومي سياست هئي ۽ هو سالن تائين جلاوطن رهيو آهي. مون کي حيرت آهي ته برازيل جي باغي استاد پائلو فراريءَ کان اهي لفظ لکڻ ڇو وسري ويا هئا ته “وطن جو نقشو هڪ جلاوطن شخص جي روح جو ڪڏهن نه ڀرجندڙ زخم هوندو آهي.” هن کي اهو لکڻ کپندو هو ۽ هن کي اهو به لکڻ کپندو هو ته: “جلا وطن شخص صرف اهو ناهي، جيڪو وطن ۾ نه رهي، پر حقيقي جلاوطن اهو هوندو آهي، جنهن ۾ وطن جو واسو هوندو آهي.”
لطيف جمال اهو سياسي جلاوطن آهي، جنهن جي روح ۾ سياست ڪنهن زخم وانگر ترسي پئي آهي. اهو زخم هڪ آئينو آهي ۽ ان آئيني ۾ هن سدائين سنڌ جي صورت کي پسيو آهي. اڪثر روئيندڙ ۽ ڪڏهن ڪڏهن کلندڙ سنڌ!
هي ڪالم ان آئيني جون ڪرچيون آهن!
اهو آئينو جنهن لاءِ اياز لکيو هو ته:
“مان ٻار ته ناهيان او جيجل!
جو چنڊ ڏسان آئيني ۾..!”
آدرشن جي ٽٽل آرسيءَ ۾ سنڌ جو روپ سروپ سجائي ان کي چاهيندڙ هڪ قلمڪار! پنهنجي پين کي ڪوشش جي باوجود به نشتر بڻائي نه سگهيو آهي. هن جو قلم اڄ به هڪ ڦڻي آهي، جنهن سان هو سنڌ جي چڳن جو چيڙهه ڪڍندو رهي ٿو ۽ ڪڏهن هو پنهنجي ان قلم کي لپ اسٽڪ بڻائي پنهنجي ڌرتيءَ جي زخمي چپن کي چٽائي ٿو ۽ ڪڏهن ڪاغذ کي ٽشو بڻائي ڌرتيءَ جا آلا ڇپر اگهي، ان جي گهايل نيڻن ۾ ڪجل ڀري ٿو!
۽ پوءِ انهن سٽن سمان انتظار ڪري ٿو ته:
“ڪو ساحل ساحل سپنو هان
مان ساري رات سفيني ۾!”
هو بنيادي طور تي سياسي ماڻهو آهي. پر هن ڌرتيءَ کي ڌنڌو بڻائڻ کان انڪار ڪيو.
هو بنيادي طور تي سياسي ڪارڪن آهي پر هو اها سڪل ڪاٺي نه بڻيو، جنهن کي جلائي چالاڪ ليڊر سياست جي سرد رات ۾ هٿ سيڪيندا آهن.
هو بنيادي طور تي هوشيار ماڻهو آهي پر سنڌ سان هن جو پيار ڪنهن سياڻپ جي سرحدن ۾ سمائجي نه سگهيو آهي.
هو سياست جو سگهڙ ليکڪ آهي. هن کي معلوم آهي ته لفظ لڄارا هوندا آهن ۽ هو انهن کي چاهه جي چنريءَ ۾ سينگاري جڏهن خودڪلاميءَ جهڙي ڪيفيت ۾ اچي ويندو آهي، تڏهن هڪ ڪالم تيار ٿي ويندو آهي. هڪ اهڙو ڪالم جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ هن جي موبائل ان باڪس ۾ “واهه واهه” جهڙا لفظ جُهڙڦُڙ جهور جهڪور وانگر وسندا آهن. پر هن کي سدائين اهو افسوس رهيو آهي ته هو اهو ڪجهه ڇو نه لکي سگهيو، جيڪو ڪجهه لکڻ جي لاءِ هن قلم کنيو هو!
اها ڪيفيت آفاقي آهي. ٽئگور پنهنجي هڪ نظم ۾ ان جو اداس اظهار ڪيو آهي. هن لکيو آهي ته:
“اي ڌڻي مان پنهنجي ساز کي سيني سان لڳائي
هاڻي تو طرف اچڻ جو منتظر آهيان
۽ مان اعتراف ڪرڻ ٿو چاهيان ته
جيڪو گيت مان ڳائڻ لاءِ ڌرتيءَ تي آيو هوس
اهو اڻ ڳاتو رهجي ويو!
مون سڄو وقت صرف ساز جي تارن کي
ڇڪڻ ۽ ڍرو ڪرڻ ۾گذاري ڇڏيو!”
اها ڪيفيت هر شاعر محسوس ڪندو آهي. ان ڪري هو هر شعر کان پوءِ ٻيو شعر لکندو آهي. اهو احساس هر اديب ۾ هوندو آهي، جيڪو هڪ افساني ۽ ناول کان پوءِ هڪ ٻيو افسانو ۽ ناول لکندو آهي. ان ساڳي ڪيفيت لطيف جمال کان ڪيئي ڪالم لکرايا پر هو اڃان تائين اهو ڪالم نه لکي سگهيو آهي، جيڪو ڪالم لکڻ جي لاءِ هو ميڊيا جي درياهه ڪناري قلم کي ڪنڍي بڻائي ويٺو ۽ هن کي پڪ هئي ته اها مڇي ضرور ڪنڍيءَ ۾ ڦاسندي، جنهن لاءِ هو ميڊيا جو مهاڻو بڻيو. پر اڃان تائين اها مڇي شڪار ٿيڻ کان بچندي رهي آهي ۽ خيالن جي لهرن ۾ رقص ڪندي قلم جي ڪنڍيءَ سان مستيون ڪندي رهي آهي. اها من موهن مڇي هن کان اڃان ڪيترو انتظار ڪرائيندي؟ هو نه ٿو ڄاڻي! پر هن جو حوصلو هيمنگوي جي اڏول ڪردار “سانتياگو” جهڙو آهي. جنهن مڇيءَ کي مخاطب ٿي چيو هو ته “اي مڇي! مان تنهنجو احترام به ڪريان ٿو ۽ تون مون کي پياري به آهين پر هن ڏينهن پوري ٿيڻ کان اڳ مان توکي ڦاسائي رهندس.” اهو ارادو ليکڪ کان سدائين لکائيندو رهي ٿو ۽ لطيف جمال پنهنجي ڪالمن جو هي ڪتاب نه چاهيندي به ان ڪري ڇپرايو آهي ته جئين ڪوشش جو هڪ باب پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچي!
دراصل هن جي دل ۾ هڪ سچ آهي. اهو سچ جيڪو هن ڪجهه چيو آهي ۽ هن کي اهو سچ مڪمل ڪرڻو آهي.
هن جو حقيقي پڙهندڙ ان حقيقت کان آگاهه هوندو ته هن اڃان نه سنڌ جي باري ۾ پورو سچ بيان ڪيو آهي ۽ نه ان سياست جي باري ۾! جنهن جي وچ ۾ رِشتو هاڻي بازار ۾ وڪامندڙ وينگس ۽ انساني اسمگلر جهڙو آهي!
سنڌ ۽ سياست جي حوالي سان هڪ هڪ المياتي ڪهاڻي بيان ڪرڻ آيو هو ۽ پوري ديس کي ٻڌائڻ آيو هو ته:
“بدصورت غلاميءَ ۾
اهو خوبصورت لمحو هو!
جڏهن سنڌ ۽ سياست جي رومانوي ڪهاڻي شروع ٿي هئي.”
اڄ اها ڪهاڻي پنهنجي المناڪ انجام سبب انهن سرائڪي سٽن ۾ سڙي رهي آهي ته:
“ساڈی لگدی کسی نا ویکھی
تے ٹٹدی نوں جگ جانندا ...!”
پر اها ڪٿا “سنڊريلا” جي اسٽوريءَ کان وڌيڪ موهيندڙ هئي.
ان وقت سنڌ جي سياست جو تصور قرت العين حيدر جي ناول “آگ ڪا دريا” جي ان چمپا کان وڌيڪ سهڻو هو، جنهن اوڌ جي اداس رات ۾ گوتم نيلمبر کي چيو هو ته: “شال خدا توکي حسين جي غم کان سواءِ ڪوئي غم نه ڏئي!! پر توکي ڇا معلوم ته حسين جو غم ڇاهي؟ تون ته اهو به نه ٿو ڄاڻين ته غم ڇاهي!!”
پوءِ اها پاڪيزه محبت ڪرمنل سياست جي ڪوٺي جي وئشيا ڪيئن بڻي؟!
اهو درد جو طويل داستان آهي ۽ لطيف جمال ان کي ڪالمن جي ٽڪرن ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي!
هن ٻڌائڻ چاهيو آهي، اهي هاسٽل جون راتيون، جڏهن قومي ڪارڪن ڇاپن جي امڪان سبب پهاڙن پاسي ڇُپي ويندا هئا ۽ يونيورسٽي “اڻ اعلانيل مدي” تائين بند ڪئي ويندي هئي ۽ جڏهن وري بسون هلنديون هيون ۽ ڇوڪرا واپس موٽندا هئا، تڏهن ڪوئي نوجوان پينسل سان پنهنجي ڪمري جي ديوار تي امرجليل جا اهي لفظ لکندو هو ته: “اسان برف جا تاج محل تعمير ڪندا آهيون. اسان ڪاغذي گل جهول ۾ رکي بهارن جو انتظار ڪندا آهيون. اسان عاشق ناهيون. اسان سڌڙيا آهيون.”
ڇا امرجليل جي افسانن ۽ اياز جي نظمن وارا ورق ڪاغذن جا گل هئا؟
ڇا آزاديءَ جو تصور برف جو تاج محل هو؟
لطيف جمال جي سٽن ۾ اهي سوال سڏڪا ڀرڻ ٿا چاهن پر پوءِ به هن جا لفظ لڙڪ لڪائن ٿا ۽ اهي اداس لهجي ۾ ٻڌائن ٿا، ان دور جي ڪٿا، جڏهن سياست ۾ سرمستي ۽ سرڪشي هئي.
هي اهو دور هو، جڏهن قومي سياست ڪندڙ حساس نوجوانن جون اکيون ڀريل ۽ کيسا خالي هوندا هئا.
اڄ جڏهن ٽڪي جو عقل محبت جي ديوانگيءَ تي چٿر ٿو ڪري، تڏهن ڌرتيءَ جي عشق کي ڪائنات جي سڀ کان وڏي دين سمجهندڙ ماڻهو ڪڏهن چڙي ٿا پون ۽ ڪڏهن پنهنجي منهن ڀڻڪي ٿا چون:
“هي سڀ سپنو هو
ها پر سپنو سانوري
ڪيڏو پيارو هو...!”
انسان صرف سود ۽ زيان جو حساب ڪتاب ته ڪونهي. هو هڪ اهڙي ڊائري به آهي، جنهن ۾ سهڻين ڇوڪرين جا نالا لکيل هوندا آهن. جنهن ۾ دل موهي وٺندڙ حوالا محفوظ ڪيا ويندا آهن. جنهن ۾ پنهنجي پهرين پيار جو سربستو احوال تحرير ٿيل هوندو آهي.
لطيف جمال جي انهن ڪالمن ۾ ان دور جي ڪيفيت سمايل آهي، جيڪا ڄامشوري جي سرد راتين کي سنهڙي سويٽر سان مات ڏئي سگهندي هئي. انهن ڪالمن ۾ ان دور جو پورو تفصيل موجود آهي، جڏهن جيجي زرينا بلوچ جي گيتن تي ڪلاشنڪوف جا برسٽ هلندا هئا ۽ ان غيرسنجيده داد ۾ به ترنم هوندو هو.
هي ڪالم امانت آهن، ان وقت جي سار جي، جيڪو المنظر وٽ الوداعي ملاقات مهل سنڌو جي خاموش ويرن ۾ وهندو ويندو ۽ چوندو ويندو هو ته:
“محبت جي ميهارن جو
ڪٿي ڪتبو لڳو آهي؟”
لطيف جمال جي انهن سٽن ۾ ان دور جي سار آهي، جنهن ۾ عبدالواحد آريسر جي تقرير اهڙي ڪيفيت پيدا ڪندي هئي، جهڙي ڪيفيت ڪينجهر جي ڪناري تي نورا پائي نچندڙ نوريءَ جي نهار پيدا ڪري سگهي ٿي!
ان حوالي سان اهو پيار جو عظيم دور هو!
پوءِ اهو پيار بازار جو وکر ڪيئن بڻيو؟
سياست سوديبازيءَ ۾ تبديل ڪئين ٿي وئي؟
واعدا ڪوڙن نعرن جو روپ ڌاري گهٽ اگهه تي ڪئين وڪاميا؟
ان سموري تماشي کي جيڪي حساس انسان خاموش اکين سان تڪيندا رهيا، انهن ۾ ٻه اکيون لطيف جمال جون به هيون.
اهو لطيف جمال جيڪو سمجهي ٿي سگهيو ته جڏهن منافقت اٿاهه مايوسي پيدا ڪندي آهي، تڏهن نهرو ديوداس بڻجي ويندا آهن!
حقيقت تمام گهڻي تلخ آهي. جهڙي ريت ٻين مهاڀاري جنگ جي انت وارو منظر پيش ڪندي هڪ مغربي ناول نگار لکيو هو ته: “اسان کي ايتري وڏي قربانيءَ کان اها جمهوريت حاصل ٿي! اها جمهوريت جيڪا ڪنهن وئشيا وانگر محاذ تان ڀڳل فوجيءَ جي سيني تي ستل آهي.” ساڳي ريت ايتريون گهڻيون قربانيون ڏيڻ جي باوجود سنڌ جي سياست جو حشر به ان نماڻيءَ نار جهڙو ٿيو آهي، جنهن لاءِ اياز لکيو هو ته:
“هاءِ نماڻي روز وڪاڻي وينگس وچ بازار
منهن منهن مومل جي ماڙي آ
ارهه ارهه اسرار!!”
سنڌ ۾ سياست جي اهو زوال صرف قومي سياست جي حصي ۾ نه آيو پر انقلاب جا سرخ سپنا سوچيندڙ ٽول ٽيڪس جي ٺيڪن تي وڪامي ويا ۽ ڪابل جي ڪارين راتين ۾ عوامي صبح جا خواب ڏسندڙ گوريلن جي قبرن جا ڪتبا گم ٿي ويا ۽ هاڻي پيپلز پارٽيءَ جي جلسن ۾ اهي نعرا لڳي رهيا آهن ته:”سب په ڀاري زرداري” جڏهن ته ڦاسيءَ جي جهولي ۾ ننڊ ڪندڙ ايشيا جو عظيم عوامي ليڊر پنهنجن ٽن شهيد ٻارن کي جهوليءَ ۾ سمائي هميشه لاءِ ستو پيو آهي.
سياسي ۽ نظرياتي اختلاف پنهنجي جاءِ تي! پر سياست جو گهڻ طرفو زوال ته اسان جو اجتماعي الميو آهي!
هي ڪالم ان ديس جي ڪويل جي ڪوڪ آهن، جنهن ۾ شايد هاڻي دل به نه رهي آهي.
هي ڪتاب سياسي صحرا جي اداس ڪارونجهر عبدالواحد آريسر جي نالي ٿيل آهي. هن ڪتاب جو انتساب ئي ان سوال جو جواب آهي ته سنڌ جي آزاديءَ واري سياست ان صحرا ۾ تبديل ڪئين ٿي، جنهن ۾ هاڻي به نوجوان ڇوڪرا هٺيلن هرڻن وانگر اڳتي وڌن ٿا.
قرت العين حيدر انقلابي سياست جي زوال تي پنهنجي املهه ناول جي پڄاڻي انهن نوجوانن تي ڪئي هئي، جيڪي پنهنجي پوئين پيڙهيءَ تي مايوسيءَ جي تهمت مڙهي، وري وقت جي وارياسي رڻ پٽ ۾ اڳتي وڌڻ جا سانباها ڪري رهيا هئا.
وقت جو سلسلو ڪڏهن به رڪڻو ناهي.
قتل گاهن مان نوان عاشق پراڻا پرچم کڻي اوس نڪرن ٿا.
انهن ڪالمن ۾ پنهنجي پراڻي درد سان گڏ انهن نوجوانن جي لاءِ دعا به آهي، جيڪي اياز جي انهن ٻولن مان ٻهه ٻهه ڪري نڪري رهيا آهن ته:
“اوندهه اجاربي نه اڳوڻي چراغ سان
نيزي مٿان اڀار نئون سج نوڪ ۾
وهه کان ڪڙي پيار اسان کي اڙي ڪلال
ها اوت اوت اوت اڃان اوت اوڪ ۾
ڪرهو ڪڏاءِ ڪاڪ پري ناهه مينڌار
ڇا جي ڇڏئيه ٻه چار جڏا جيءَ جهوڪ ۾!”

اعجاز منگي
ڪراچي