سک رمز وجود وڃانوڻ دي.....!!!
محبت ڇا آهي؟ جيڪڏهن ان جو جواب ڪنهن عاشق جي اندر کان پُڇجي ته هُو بي خوديءَ جي جهان مان به اهو آواز ڏيندو ته:“جتي“مان” ختم ٿي وڃي اتان مُحبت جي ابتدا ٿئي ٿي. “مان”... “مان”... نه...، فقط “تون”...!”جتي پنهنجي ذات جون حدون ختم ٿين ٿيون، اُتان عشق جي ابتدا ٿئي ٿي. پر حاصل جي تمنا ۾ تڙپندڙ ڪنهن اِيڊيٽ عاشق کان پڇجي ته هو دل ۾ سرءُ جي سُتل موسم کڻي اوجاڳيل اکين سان اهو جواب ڏيندو ته: “رُڳو هڪ فريب...! هڪ ڌوڪو......!” محبت ڪو واپار ناهي جيڪو ڪنهن وکر وانگر وڪامجندو هُجي. محبت ته فقط ڏيڻ جو نالو آهي، جتي حاصل جي تمنا هوندي، اُتي محبت جي معنى ختم ٿي وڃي ٿي. محبت ته ڪاميو جي اُن ڪردار وانگر آهي جيڪو ميري سان ملندي کيس ائين چوندو آهي ته:”تنهنجي ياد جي سهاري مان ساري زندگي سلاخن پويان گُذاري سگهان ٿو.“ يا عيني جي ناول ”آگ کا دريا“ جي گوتم ۽ چمپا وانگر جيڪي مختلف جنمن ۾ به ملي ناهن سگهندا. ڇا محبت رُڳو ميلاپ جو نالو آهي؟
جي ائين هُجي ها ته دنيا مان مُحبت ناياب نسل وانگر اڻلڀ ٿي وڃي ها. سُر ۽ سنگيت جو موت ٿي وڃي ها. صحرا جي حُسن، پهاڙي چشمن جا ٽهڪ ۽ اڪيلين ندين جون سمنڊ ڏانهن ڊوڙون پائڻ ۽ ان ۾ سمائجي وڃڻ واري فطري لقاءَ جو به موت ٿي وڃي ها. هر عاشق جي حصي ۾ فراق جا زخم ئي ته ايندا آهن. جيڪي عاشق، فراق کي به محبوب سان وصال جو رستو سمجهي جيئندا آهن ۽ وڇوڙي جي واٽن تي ويٺل واسينگن کي لتاڙي جيئندا آهن، سي ڪڏهن به پنهنجي محبوب مٿان بي وفائين جي تُهمتن جا طعنا ناهن مڙهيندا. اُهي پنهنجي دل جي اڪيلي اڱڻ تي پن پن ٿي ڇڻندا آهن ۽ اکين ۾ ڏکن جا پاڇا کڻي، ڪُٺل پکين وانگر تڙپندي نظر ايندا آهن. پر پنهنجي محبوب جي نظمن جهڙن نيڻن کي ميارن سان ميرو ناهن ڪندا نه ئي اُن جي حصي ۾ ڏوراپن جهڙا ڏونگر ڇڏيندا آهن. پر هن سماج جي تلخ حقيقتن کي سمجهڻ بجاءِ، مُحبت ۾ ناڪاميءَ سبب عاشق پنهنجي محبوبه مٿان تيزاب هاري ڇڏڻ. محبت ۾ ناڪاميءَ سبب ڇوڪريءَ زهر پي انت آڻي ڇڏيو.. وغيرهه وغيرهه جهڙيون خبرون روزانو اخبارن جي زينت بڻجن ٿيون.
محبت ۾ ناڪاميءَ جو ڇا مطلب؟؟ مُحبت ۾ ناڪاميءَ جو مطلب جيڪڏهن اهو وٺجي ته محبوب کيجسماني ۽ سماجي حوالي سان حاصل نه ڪري سگهڻ، اها ناڪامي آهي. محبوب جي ملي وڃڻ کي ڪاميابي قرار ڏجي؟ مُحبت جي اهڙي تصور کي ڪو ناٽڪ ته سڏي سگهجي ٿو پر اها محبت ناهي. محبت ته ذرو ذرو ٿي جيئڻ جو نالو آهي، قسطون قسطون ٿي مرڻ جو نالو آهي.
گَهڙو ڀَڳَو مُند مُئي، وسِيلا وِيا،
تِنهان پوءِ سُئا، سُهڻيءَ سَڏ ميهار جا.
(شاهه سائين)
پنهنجو وجود وڃائڻ سان ئي ته محبت جو معراج ماڻبو آهي. تڏهن ته محبوب جا سڏ سُڻبا آهن. جيڪي محبت جي رمزن کي سمجهن ٿا تن کي ڪُنن جا ڪڙڪا به فريب لڳندا آهن، اکين جو سراب لڳندا آهن. نظر جو ڌوڪو لڳندا آهن. سي ڪڏهن به محبت کي مصيبت ناهن سمجهندا. اُهي ته محبوب جي فراق ۾ صنوبر جو ٻيلو بڻجي پوندا آهن يا سونفن جي اُن فصل وانگر جيڪو هوائن ۾ هُڳاءُ ڦهلائي ڇڏيندو آهي. اُهي ته هر جلوي ۾ پرينءَ کي پَسندا آهن ۽ پنهنجي ساهه ۽ سرير ۾ هر وقت محبوب جي ياد جا سارنگ ڇِڙندي محسوس ڪندا آهن.
مونکان اُها مائي نٿي وسري جيڪا هن وقت ڪراچيءَ جي هاسپيٽل ۾ انتهائي نگهداشت واري شعبي ۾ شفٽ ڪئي وئي آهي، جيڪا ڀٽائيءَ تي ائين ڳالهائيندي رهي آهي ڄڻ سمورو علم اُن جي اندر مان اُٿلون کائي ٻاهر نڪرندو هُجي. هُن آخري ڀيرو، پنهنجي ڊاڪٽر دوست کي ٽورنٽو (ڪئناڊا) وڃڻ لاءِ ڪراچي ايئرپورٽ تي الوداع چوندي شاهه سائين جو اهو بيت اُردو ترجمي ۾ ٻڌايو هو.
لاهِيان جي نه چِتان، اَلا! اُنِ مَ وِسران،
مَڙِهيو مَنجهاران، جيءُ مُنهنجو جِن سِين.
جنهن تي ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جي سندس شاگرد دوست ڀٽائيءَ جي ان سٽ مان سمجهي ورتو هو ته هوءَ ساڻس ڪيڏو پيار ڪري ٿي.!! اُها جنوري 1992ع جي اُداس شام هُئي، ڪراچي جُهڙ جي جهالر سان ڍڪيل هو. پر بارش جي بوندن جا ڪي به امڪان نه هُئا. اُن ڏينهن واپسيءَ وقت ان ڇوڪريءَ جي اکين مان بارش اُٿلي پئي هُئي. هُن ڊفينس ۾ پنهنجي گهر جي روم ۾ بند ٿي مسلسل روئيندي رات گُذاري هُئي. هُن جي بستر جا ويهاڻا به آلا ٿي ويا هُئا. الائي ڇو هُن کي هڪ اُميد هُئي ته هُن جو وڻجارو ورندو. ڪئناڊا کان ڪال جو هُن کي ائين انتظار هوندو هو جيئن ٿر جي ڌرتيءَ کي بارش جو. اهو سلسلو هلندو رهيو. گهر ۾ ايندڙ هر رشتي کي ٺُڪرائيندي رهي. هُن جي جوڀن جا ڏينهن آهستي آهستي سڙڻ لڳا. هوءَ پنهنجي اُن پيار جو انتظار ڪرڻ لڳي، هُن کي پَڪ هُئي ته سندس پيار هڪ ڏينهن کيس موٽي ملندو. آسائتين اکين سان هُن جو انتظار ڪرڻ لڳي. پنج سالن کان پوءِ هُن جو دوست هڪ مهيني جي موڪل تي آيو. هو ڇا آيو؟ ڄڻ هن جي دل جي ٻيڙيءَ جا سِڙهه ئي ٽُٽي پيا. هُن کي اها خبر ئي نه هُئي ته سندس محبت ڪنهن گوريءَ جي گوندر ۾ ڦاسي پوندي!! کيس پتو ئي نه هو ته ٽورنٽو ۾ هُن جي ڳچيءَ جو هار ايلزبيٿ اسٽريٽ تي قائم جنرل هاسپيٽل جي انگريزياڻي نرس اڳيان ٽُٽي وکري ويندو. جنهن کي سهيڙڻ هُن جي وس جي ڳالهه نه هوندي.
ڪئناڊا کان واپسيءَ تي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هو سِي وِيو تي شام جو ڪيترائي ڪلاڪ ويٺا رهيا. جڏهن سندس دوست کيس پنهنجي ڪهاڻيءَ جي اصل حقيقت ٻڌائي ته هُن ڪو به ردِعمل نه ڏيکاريو. بس مسلسل سمنڊ جي بي چين لهرن کي تڪيندي رهي ۽ جڏهن مُڙي هُن ڏانهن منهن ڪيائين ته سمورو سمنڊ سندس اکين مان اوتجي آيو هو. جڏهن ڪلفٽن جا بلب سڄي ڏينهن جي ننڊ مان اکيون پٽي اُٿي پيا هُئا. تڏهن هُن کيس ڪٿي ڊنر ڪرڻ جي آفر ڏني هُئي. پر محبت جي گهٽين ۾ وڃايل عاشق فقط ڪنڌ سان انڪار ڪندي کيس گهر ڊراپ ڪرڻ جو چيو هو. اُها سندن آخري مُلاقات هُئي. وري سندن ڪو به رابطو نه رهيو. 21 سالن تائين هوءَ جيئندي رهي آهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته هوءَ لائمفوميا (بلڊ ڪينسر جو قِسم) جي مريض آهي. هوءَ بچي نه سگهندي هُن جي ساهه جي تند ڪيڏي محل به ٽُٽي سگهي ٿي.
هوءَ مونسان ٻه سال پهرين تڏهن مِلي هُئي جڏهن مان ڪنهن آفيشل وزٽ تي انهن جي آفيس ويو هوس. تڏهن تعارف کان پوءِ هُن منهنجي ۽ پنهنجي دوستن جي ساڳئي هلڪي هُجڻ سبب ڪراچي جيمخانه ۾ لنچ جي دعوت ڏني هُئي. اُن دعوت کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ آفيس جي ڪمن سبب مُلاقات ٿيندي رهندي هُئي. هوءَ ڪيترائي ڀيرا دوستن جي حلقي ۾ ائين چوندي هُئي ته “مردن کي پيار ڪرڻ ناهي ايندو اُهي پيار جو رُڳو ناٽڪ ڪندا آهن. نينهن جو نيئر ڪيئن ننڊون ڦٽائيندو آهي؟ سا فقط اُنهن عاشقن کي خبر هوندي، جيڪي وڇوڙي جي واسينگن هٿان ڏنگيل هوندا.” الائي ڇو بيماريءَ کان اڳ تائين مونکي هُن جون ڳالهيون ائين لڳنديون هُيون ڄڻ هوءَ نه ڳالهائيندي هُجي. هُن جي جسم ۾ ويٺل ڪا اجنبي قوت ڳالهائيندي هُجي. جيڪا چوندي هُئي ته: ”محبت ۾ هڪ ۽ هڪ ٻه ناهن ٿيندا پر هڪ ئي هوندو آهي. جڏهن هڪ ڪڍي ڇڏبو آهي ته زيرو بچندو آهي.“ هوءَ محبت جي ماريل اهڙي فنا ٿيل فقير لڳندي هُئي، جو محسوس ٿيندو هو ڄڻ هوءَ هن دنيا ۾ ناهي. ڄڻ هُن جو جسم آهي جيڪو مُتحرڪ آهي. هلي گُهمي ٿو، ساهه کڻي ٿو، جيئي ٿو. پر هوءَ ڪنهن ميڻ بتيءَ وانگر آهستي آهستي ختم ٿي رهي هُئي. جيتوڻيڪ هاڻ هوءَ انتهائي نگهداشت واري شعبي ۾ شفٽ ڪئي وئي آهي. پر گوندر جي غم جي بيماري، هُن جي حياتيءَ کي ڦڙو ڦڙو ٿي ڳاريندي رهندي.
اُها جنهن محبت کي مشروط نه بڻايو. هن ڪڏهن به ٽورنٽو ۾ وڃائجي ويل محبت جي شڪايت نه ڪئي. هُن ڪڏهن به ائين نه سوچيو ته محبت ڪو ئي واپار آهي. هُن هميشه ائين ئي سمجهيو ته محبت شعور ۾ واڌ جو سبب بڻبي آهي. محبت جو هڪ لمحو به پُوري حياتيءَ تي محيط هوندو آهي. اُن ۾ حاصل ۽ لاحاصل جو حساب ناهي رکيو ويندو. محبت ئي قلب مان ڪُپت جي ڪَٽ لاهي اندر جي اک کوليندي آهي. تڏهن ئي محبت جو معراج حاصل ٿيندو آهي. اها جيڪا هن وقت بلڊ ڪينسر جي مريض آهي ۽ ڪُوما جي حالت ۾ ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ داخل آهي. مان جڏهن ڪجهه ڏينهن پهرين هُن سان ملڻ لاءِ، سندس آفيس ويس ته هُن جي آفيس خالي هُئي. خبر پئي ته هوءَ بيمار آهي. مان اسپتال جي ڪمري ۾ بستري تي پيل اُن فنا ٿي ويل فقيرياڻيءَ کي فقط شيشي مان ڏٺو، ته الائي ڇوسنڌ جون اهي صوفي سِٽون ياد اچڻ لڳيون ته:
محبت وڌي آ مامري،
نه ته ڪير ڪشالا ڪڍي
جنهن ڪڏهن به ڪئناڊا، پنهنجي هوت لاءِ ڏُکن جي ڏوراپن جهڙيون اي ميلز نه ڪيون نه ئي ڪڏهن اِها شڪايت ڪئي ته هُن ساڻس ڪا بي وفائي ڪئي آهي. بس هوءَ ته پنهنجي زندگيءَ جي ٻُڏل ٻيڙيءَ جا سِڙهه سنوان ڪرڻ لاءِ، پرائيويٽ ادارن ۾ نوڪريون ڪري مصروف وقت گُذاريندي رهي. پر ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته محبت جي درياهه ۾ گهڙا هميشه ساٿ ڇڏي ڏيندا آهن. پر عاشق سِيرن ۾گَهڙن جي سهاري ناهن گِهڙندا. اُهي ته مُحبت جي معاملن ۾ ڪشالا ڪاٽيندا آهن.
لطيف سائين تي تحقيق ڪندڙ ماهرن جو موقف آهي ته لطيف پنهنجي جيون جي آخري ڏينهن ۾ پنهنجي اها وائي جهونگاريندو رهندو هو ته:
ڪهڙي منجهه حساب،
هُئڻ منهنجو هوت ريءَ؟
اياز پنهنجي هڪ يادگار انٽريو ۾ چيو هو ته: ”سائنس تمام گهڻي ترقي ڪرڻ جي باوجود اڃان تائين ان سوال جو جواب نه ڏئي سگهي آهي ته:
ڪهڙي منجهه حساب،
هُئڻ منهنجو هوت ريءَ؟“
محبت جي معاملي ۾ موت ته سستو سودو آهي، موت ته گهڻين اذيتن کان بچائي وٺي ٿو. پر ڪنهن عاشق جو فراق ۾ ڦڙو ڦُڙو ٿي جيئڻ اُن موت کان به وڏي اذيت آهي جيڪو موت جهٽڪي سان اچي اُن کي سمورين اذيتن کان ڇوٽڪارو ڏياري ڇڏي ٿو. پر ان اذيت ۾ جيڪو مزو آهي اُهو مزو فقط نصيب وارن کي ئي ملي ٿو. اُن مزي جي حاصلات خوشقسمتن جي حصي ۾ اچي ٿي. هوءَ به انهن خوشنصيب عاشقن وانگر محبت جي مزي کي ماڻي رهي آهي. اهڙو مزو جنهن لاءِ پونا جي پوڙهي اوشو چيو هو ته: “محبت جي زندگيءَ ۾ ذرو ذرو ٿي مرڻ وارن لاءِ موت بي معنى بڻجي پوندو آهي. انهن جو موت به زندگيءَ جي حُسن سان ڀريل هوندو آهي.” خبر ناهي ڪنهن وقت هوءَ ستارن جي وُسعتن ۾ گُم ٿي وڃي پر هُن جي حصي ۾ به اهڙي زندگي آئي جيڪا هُن پُختي پيار وانگر ڪاٽي.اهڙي زندگيءَ جي امتحان ۾ هوءَ ڏونگرن کان به ڏاڍي بڻجي وئي.
هُن جي ساهه جي تند ٽُٽي پئي،ڊاڪٽرن ھُن جي منهن تان آڪسيجن ماسڪ هٽائي ڇڏيو. هوءَ ڦڙو ڦڙو ٿي آسمان جي وُسعتن ۾ گُم ٿي وئي. لائمفوميا جي مرض آخرڪار کيس سندس ميهار سان ملائي ڇڏيو....!! منهنجي موبائيل تي ڪال اچي ٿي، “ماريه مري وئي......!!!” نڙيءَ ۾ ڦاٿل سُڏڪا روڪي چوان ٿو..... “هوءَ امر ٿي وئي...!!!” مرندا ته اُهي آهن جيڪي جيئڻ چاهيندا آهن.... هوءَ ته گهڻو اڳ تڏهن مري چُڪي هُئي جڏهن مُدثر جي دل جي ڪُنڍي ٽورنٽو ۾ ٽِڪي پئي هُئي. محبت جي موت ۾ ڦڙوڦڙو ٿي جيئڻ وارن اڳيان موت بي معنى بڻجي پوندو آهي. هن ڪيترائي ڀيرا پنهنجي دوستن کي چيو هو، عاشقن لاءِ هر گهڙي مزي جي گهڙي هوندي آهي. لاحاصل عشق جي “اذيت” ناهي ٿيندي، پر اُهو اهڙو دلڪش نشو آهي، جيڪو محسوس ڪري سگهجي ٿو، جيڪو سڄي زندگي لهي ئي نٿو سگهي. مان تصور جي اکين سان ”ماريه“ کي محسوس ڪريان ٿو، جنهن جي وڇوڙي جي خبر ڪنهن اخبار ۾ سنگل ڪالم ۾ به شايع نه ٿي. جنهن جي وڇوڙي کي ڪنهن چينل جي ڪئميرا پنهنجي اک ۾ محفوظ نه ڪيو. ڇاڪاڻ ته هوءَ سياسي پارٽيءَ سان وابسته ورڪر نه هُئي. هوءَ ته سياست کي ”ليگل مافيا“ سمجهندي هُئي. اهڙي مافيا جيڪا امن ۽ محبت جي واٽ وساري تشدد جي طريقن ۾ ويساهه رکندي هُجي. جيڪا سازشن سان امن جي صاف سٿري ماحول کي ساڙي رک ڪري ڇڏي. هُوءَ ته پنهنجي رمز ۾ رُڌل اهڙي فقير هُئي... جنهن وٽ هر وقت پاپ ميوزڪ ۽ لوڪ موسيقي جي رش هُئي. نوڪري ڪرڻ ۽ دوستن سان ڪچهريون ته بس، زندگي گُذارڻ جو بهانو هو. نته جيڪا ڇوڪري ايليٽ ڪلاس جي گود ۾ پلجي وڏي ٿي هُجي، سا آفيس کان گهر وڃڻ لاءِ به رڪشا جو انتظار ڪري؟! جنهن جي گهر جي درن تي گاڏيون رولو ڪُتن وانگر بيٺل هُجن، سا پنهنجي زندگي سادگيءَ سان گُذاريندي هُجي. جيڪا هر مهيني بيوٽي پارلرن تي خرچ ڪرڻ بجاءِ سمورا پئسا ڪتابن تي خرچ ڪري ڇڏي سا اُن ساهڙ جي سڪ ۾ ”جنهن دم غافل، تنهن دم ڪافر“ واري انداز سان رهي.
تمام عمر اس کے خیال میں گذری فراز
میرا خیال جسے عمر بھر نہیں آیا
محبت جي ديوي ماريه! جيڪا ڪراچيءَ جي غِذري قبرستان ۾ دفن ٿيل آهي، اُتي ڪيتريون ئي ماريائون مدفون هونديون. ڪيتريون ئي ماريائون پنهنجي دوستن، مٽن ۽ مائٽن کي پياريون هونديون. پر محبت جي “ديوي” ماريه جي قبر فقط هڪ آهي. جنهن جي مهڪندڙ مِٽي اهو سُندر سنيهو ڏئي رهي آهي ته محبت رُڳو حاصلاتن جي حوس ۾ گُم ٿيندڙ سوڙهي ندي ناهي. پر اُها لاحاصل حقيقتن ۾ لڪيل اهڙو راز آهي جنهن جو سينو سمنڊ جيڏو وسيع ۽ آسمانن جيڏو ڪُشادو آهي.
ماريه جي پيار ڪهاڻي به اهڙي ديوانگيءَ جي درن ۾ ڦاٿل هُئي جنهن جو ذڪر بانو قُدسيه جي ناول ”راجه گدهه“ ۾ ملي ٿو. پر بانو قُدسيه جو ناول ته ديوانگيءَ جي سببن جي تاڪين جا تهه، سائنسي بحث سان کوليندو رهي ٿو. پر جتي سائنسي سببن جي انتها ٿئي ٿي اُتان ماريه جي محبت جي ابتدا ٿي هُئي. اهڙي محبت جيڪا لاحاصل حقيقتن جا ڳجهه ڳولڻ ۾ گُذري.
حد حد چليا هرڪوءِ،
بيحد چليا نه ڪوءِ
هُن لاحاصل پيار جي لامحدود سچاين کي ڄاڻڻ لاءِ، زندگيءَ جو سفر اذيت سمجهي نه ڪاٽيو. ڇو ته هوءَ محبت ۾ رُڳو پسڻ واري پاسي جي حامي نه هُئي. هُوءَ شاهه سائينءَ جي مريدياڻي هُئي. جيڪا ”ڳوليان ڳوليان مَ لهان، شال مَ ملان هوت...!“ واري فلسفي جي ڦرهيءَ تي زندگيءَ جا 21 سال گوندر جي غم ۾ ڳاريندي رهي. هُن حاصلات جي خواهشن جا ڪڏهن به سنج نه سنواريا، هُن سمجهيو پئي ته طلب جي خواهش هميشه تابع بڻائيندي آهي. عشق جي رمزن کي سمجهڻ لاءِ طلب جي تنوار ڪم نه ايندي. هُن عاشقيءَ جو مڪمل مزو ماڻڻ پئي چاهيو... زندگيءَ سان هلندي زندگيءَ جي نفي...! اهڙي زندگي جيڪا ڪنهن عاشق جي تن ۾ پرينءَ جي تئونس کي هميشه برقرار رکي. هُن جو محبت جي باري ۾ خيال صوفياڻو خيال هو. جيڪو حاصلاتن جي حسرتن ۾ سڙڻ بجاءِ، گوندر جي غم ۾ هن ڪائنات جي لڪيل رازن ۽ ڳجهن کي ڳولڻ هو. دوزخ جهڙي دنيا ۾ هُن محبت جي جنت جا خواب فقط حاصلاتن جي هنجهه ۾ ڳولڻ نه پئي چاهيا. پر هُن جي اندر جي عشق پنهنجي ذات جي فنا ۾ ئي محبوب سان ميلاپ جو راز پروڙيو هو. اهڙو راز جيڪو هر عاشق جي حصي ۾ ايندو آهي.
ماريه جو ساجن اهو مدثر هو جيڪو محبت جي معراج وارن مزن ماڻڻ کان محروم رهيو. مادي دنيا جي مزن ۾ وڃائجي ويل مدثر کي ڪهڙي خبر ته 21 سال اڳ جنهن ڇوڪريءَ، ڪراچي ايئرپورٽ تي کيس ڪئناڊا وڃڻ وقت الوداع! شاهه سائينءَ جي ٻوليءَ ۾ ڪئي هُئي. جنهن جو اردو ترجمو کيس ٻڌايو هُئائين. سا هاڻ هن دنيا ۾ ناهي رهي. مدثر کي اها خبر هُئي ته ماريه کيس دل جي پُورين سچاين سان چاهي ٿي. پر روايتي نوجوانن وانگر گورين جي ٻانهن ۾ وڃائجي ويل مدثر کي ڪهڙي خبر ته اُها ماريه 21 سال انتظار کان پوءِ هاڻ خوشبو بڻجي هوائن جي هندورن ۾ گُم ٿي وئي آهي. اُها سمنڊ جي لهرن وانگر بيچين زندگي گُذاريندي رهي، سا پنهنجي زندگيءَ جا سِڙه سنوان ڪري نه سگهي ۽ هُن جي زندگيءَ جي ٻيڙي ٻارڙن جي هٿ ۾ آيل رانديڪي وانگر ٽُٽِي پئي. پر جڏهن به سمنڊ جا سُر ۽ سانوڻيءَ جي بارشن جا نغما ڇڙندا، جڏهن به هوائن جي هندورن ۾ وڻن جا پن “بيلي رقص” ۾ محو ٿي ويندا ۽ ڪراچيءَ جي اُداسين ۾ لهندڙ سج کان پوءِ ڪلفٽن جا بلب پنهنجون اکيون مهٽي اٿندا ۽ چنڊ آسمان جي وُسعتن ۾ ترڻ لڳندو ۽ اُن جو عڪس سمنڊ ۾ وکريل سفيد موتين وانگر لڳندو. تڏهن اسان سڀني کي اُها ماريه گهڻو ياد ايندي. جيڪا ائين چوندي هُئي ته “محبت ۾ هڪ ۽ هڪ ٻه ناهن ٿيندا پر هڪ ئي هوندو آهي. جڏهن هڪ ڪڍي ڇڏبو آهي ته زيرو بچندو آهي.” وجود وڃائي محبوب کي ماڻڻ ۾ زيرو ئي ته ٿيڻو پوندو آهي. ماريه به محبت ۾ زيرو ئي ته هُئي.
سِک رمز وجود وڃانوڻ دي،
نهين حاجت پڙهڻ پڙهانوڻان دي.
(سچل سائين رح)