نئين سال جي نيڻن ۾ پراڻي سال جا ڳوڙها
پر زخمي پيرن سان ڪيئن هلبو آهي؟ پرواز لاءِ، ڀڳل پرڙن سان پنڌ ڪيئن ڪبا آهن؟ عوام جي وڃايل اعتبار کي واپس ڪيئن موٽائبو آهي؟ رت ۽ بارود جي درياءَ مان حوصلن جا ڪمزور ٻيڙا پار ڪيئن ڪرائبا آهن؟ اُن جي سمجهه اُنهن سياسي دماغن وٽ ناهي، جيڪي سياست ۾ چور دروازن جي ذريعي داخل ٿيندا آهن ۽ عوام جي حقن جي ترجماني ڪندڙ پارليامينٽ تائين پُهچي ويندا آهن. تن کي اِها قطعي به خبر ناهي هوندي ته عوام تي مڙهيل مصيبتن وارين حالتن ۾ کين همت ڏيارڻ جا رستا ڪهڙا هوندا آهن؟ انقلابي واٽ سان اونداهن رستن تي فڪر جون ڏياٽيون ڪيئن ٻاربيون آهن؟ ڪيئن عوام جي ڪمزور دلين کي طاقت ۾ تبديل ڪري آسمانن جي اُوچاين تائين وٺي وڃبو آهي؟! هارايل جنگين جي حالت ۾ به سپاهين کي اِهو سبق ناهي سيکاربو ته اُهي پوئين پير پهاڙي پيچرا ۽ نديون پار ڪري ڀڄي وڃن. پر کين اُتساهڻ لاءِ اهڙا جُملا آڇيا ويندا آهن جو اُهي پنهنجي سِرن جون قيمتون خسيس سمجهي وڙهندا آهن. کين پولينڊ جي “ولاديسلا اينڊرس” جا جُملا وڻندا آهن. جيڪو کين چوندو آهي ته، “توهان پُٺيون ڏيکارڻ وارا نه، پرمُنهن ڏيکارڻ وارا محبوب آهيو. بدلي جي باهه ۾ سڙڻ بجاءِٰ سِرن جا سودا ڪرڻ سِکو.” جڏهن جوان سپاهين جي ڪنن تائين ڪمانڊرن جون اُتساهيندڙ هدايتون پُهچنديون آهن. تڏهن اُهي سپاهي پنهنجي جسمن جا گهرا گهاوَ وساري وڙهندا آهن ۽ هارايل جنگيون به کٽي وٺندا آهن. هن مُلڪ جا سياستدان دهشتگرديءَ خلاف ويڙهه ۾ مُتحد ته آهن. ليڪن اُنهن جي سيني ۾ ڪمزور دليون ڌڙڪي رهيون آهن. اُهي هلندڙ جنگ ۾ عوام کي امن ڏيارڻ خاطر پنهنجي سِرن جا سودا ڪرڻ جهڙا ڳرا وچن ڪرڻ کان ڪيٻائي رهيا آهن. اُنهن وٽ ته اُهي لفظ به ناهن جيڪي رت جي درياءَ ۾ ٻُڏي ويل انسانن جي خاندانن کي صدمي ۾ سهارو ڏئي سگهن. جيڪي نئين سال ۾ اُنهن انسانن کي اُتساهه ڏئي اُٿاري سگهن. جيڪي انسان لاش کڻي ٿڪجي پيا آهن.اُهي اِهو سمجهن ٿا ته ماضيءَ جي گُناهن جو ئي نتيجو آهي جو اڄ کين پنهنجي رستن تان رت جا داغ ڌوئڻا پئجي رهيا آهن. قاضي قاضن جي انهن سِٽن وانگر ته : “اکر اڳيان اُڀري، واڳون ٿي وريام.” وانگر هاڻ اُهي سمورا پاپ هن مُلڪ جي سياست لاءِ سوڙهه جو سبب بڻجي رهيا آهن. ڪنهن کي اِهو اندازو ئي نه هو ته اُهي جهادي جيڪي ڪالهه ڪابل جي چوواٽن تي ڊاڪٽر نجيب کي ڦاسي ڏئي رهيا هُئا. سي هِن مُلڪ لاءِ به سيڪيورٽي رِسڪ بڻجي ويندا. جيڪي هِن مُلڪ جي عوام کان خوشيون کسي وٺندا ۽ هر سال جي نغمن کي نوحن ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا. اهڙي دهشت جو راڄ قائم ڪندا، جو هر ماءُ پنهنجي ٻار کي اسڪول موڪلڻ وقت وهمن ۽ وسوسن ۾ وڪوڙجي ويندي. پر ڇا هر سزا جهڙي سال جي موڪلاڻي ايندڙ سال جي اذيت بڻجي ايندي؟ اُن جو جواب هِن مُلڪ جا حُڪمران ئي ڏئي سگهن ٿا. جيڪي عوام جي سخت غصي ۽ ڪاوڙ کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ اُنهن دهشتگردن کي ڦاسين جي جُهولن ۾ سُمهاري ته رهيا آهن. ليڪن سوال آهي ته ڦاسين جون سزائون مُلڪ مان مذهبي انتهاپسندي ۽ فرقيواراڻي نفرت جي باهه کي وسائي سگهڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهنديون؟ ڇا فقط ڦاسين سان عُروج تي پُهتل انتهاپسنديءَ جو خاتمو اچي سگهي ٿو؟ ڇاڪاڻ ته اُها ذهنيت جيڪا پنهنجي جسمن کي بمن سان اُڏائي سگهڻ جي صلاحيت رکي ٿي. اهڙي ذهنيت کي ڦاسين جون ڪمزور رسيون ختم ڪري نٿيون سگهن. جيڪڏهن مُلڪ جون عسڪري طاقتون هن سال جي شروعات سان مذهبي تنظيمن جي عسڪري ونگز جي خاتمي لاءِ سنجيدگيءَ جو مُظاهرو ڪن ٿيون ۽ جيڪو کين ڪرڻو پوندو۽ جنهن جي ابتدا ٿي به چُڪي آهي. ان لاءِ سياسي پارٽيون به اهڙي عمل جي ڀرپور تائيد ڪرڻ جهڙي طاقت جو مُظاهرو ڪن ته شايد گُذريل سزائن جهڙي سال وانگر هن سال جو پهريون سج امن جو پيغام کڻي اچي. جيئن ڪنهن به سال ۾تشدد جا پاڇا انسانن جو پيڇو ڪري نه سگهن. اُن لاءِ ڪنهن وڏي ٿيوريءَ يا ڪنهن منطق جي ضرورت ناهي. رُڳو سنجيدگيءَ سان سمجهڻ جي آهي. ڇاڪاڻ ته انتهاپسند قُوتون، هن مُلڪ جي سمورن حصن تي قابض ٿيڻ جي نيت رکن ٿيون. جيڪي چاهين ٿيون ته مُلڪ جي لبرل خيالن جي نڙين کي گُهٽي سگهن. جيڪي مُحبت ۽ موسيقي، آرٽ ۽ ادب کي پنهنجي خيالن سان ختم ڪرڻ چاهين ٿيون. جيڪي ٻارڙن جي ٽهڪن کي تڙپائيندڙ ۽ هيانو ۾ چڪ وجهندڙ چِيخ ۾ تبديل ڪرڻ چاهين ٿيون. جيڪي مُلڪ جي موجودهه قانون کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. اهڙي ذهنيت جي خاتمي لاءِ اُن جي بُنيادن کي ڪمزور ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن بُنيادن کي اُکيڙڻ بجاءِ، دهشتگرديءَ جي وڌي ويل وڻن کي ڪاٽيو ويو ته اُن جا نتيجا ڪي بهتر مِلي نه سگهندا ڇاڪاڻ ته وڻن جو ڪِريل ٻج وري ڦُٽي پوندو آهي. جيڪڏهن هن سال کي به مُلڪ جا حُڪمران عوام جي خوشحال مُستقبل خاطر دهشتگرديءَ ۽ انتها پسنديءَ کي جَڙ کان اُکيڙڻ لاءِ سنجيدهه نوٽيس وٺي نه سگهيا ۽ مُلڪ جي وڏن شهرن ۾ ڦهلجي ويل دهشتگرديءَ کي فقط آپريشن جي ذريعي ڪُچلڻ جو سوچيو ويو ته شايد اُن جا نتيجا بهتر اچي نه سگهن. ڇاڪاڻ ته دهشتگرد تنظيمون مُختلف طريقن سان پنهنجي تربيتن جي وسيلي دهشتگرديءَ کي مُنظم طريقي سان تربيتون ڏئي ۽ دُڪا کارائي پالي وڏو ڪنديون رهيون آهن. جيڪڏهن اُنهن جي اهڙين تربيتن ۽ جهادي ذهنيت مٿان ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته هي نئون سال عوام لاءِ ڪا بهار جي موسم کڻي نه ايندو پر پُٽن جا لاشا هن ديس جي تقدير بڻيل رهندا. گُذريل سڄو سال هن ديس مٿان اذيت جي گهڙين وانگر گذري ويو. سنڌ کي مِلندڙ لاشن جي لمبي قطار، هوائي اڏن تي حملا، ڪوئٽا جي هزاره برادريءَ جي وهايل رت گُلن جهڙين مصوم ٻارڙين سان زيادتيون ۽ پشاور ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو، جنهن سڄي دُنيا کي سال جي پڄاڻيءَ سان سڪتي ۾ وجهي ڇڏيو. ڇا اِهي سڀ حادثا ۽ واقعا دُنيا ۾ هن مُلڪ جي ڪمزور ساک لاءِ سُٺو سئنوڻ ثابت ٿي سگهن ٿا؟ اسان کي هر سال جي ابتدا سان ايندڙ وقت جو اونو ڪرڻ گُهربو هو. سنڌ جڏهن افغان آباديءَ خلاف احتجاج ڪندي رهي، تڏهن هِن مُلڪ جا حُڪمران، افغانين سان همدرديءَ ۾ سنڌ جي احتجاج کي ڪنهن ليکي ۾ نه آڻي رهيا هُئا. هاڻ جڏهن افغان آبادين وارا علائقا، سنڌ جي وڏن شهرن ۾ “نو گو ايرياز” بڻيل آهن. تڏهن اُنهن خلاف آپريشن ڪيترا نتيجا ڏئي سگهندو؟ اُهو وقت ئي ٻُڌائيندو. ليڪن سنڌ ۾ داخل ٿيندڙ سموري ڌاري آبادڪاريءَ جي حوالي سان سنڌ حُڪومت وٽ ڪو مضبوط اسٽريٽجڪ پلان به موجود ناهي نه ئي اُن جي ڪنهن سنجيدهه ايجنڊا جو حصو آهي. جيڪڏهن سنڌ حُڪومت ضربِ عضب آپريشن جي شروع ٿيڻ وقت ئي سنڌ ۾ داخل ٿيندڙ آءِ ڊي پيز واري معاملي تي وفاق سان سخت موقف رکي ها ۽ سنڌ جي رستن جي ڪڙي نِگراني ڪري ها ته آءِ ڊي پيز جي آڙ ۾ اُتر وزيرستان جي حجمن هٿان ڪلين شيو بڻجي دهشتگرد ڪراچيءَ سميت سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ داخل ٿي نه سگهن ها. ليڪن اُهي سمورا آءِ ڊي پيز جن کي اُردو به ڳالهائڻ نٿي اچي، سي سنڌ جي شهرن ۾ اڳواٽ ترسيل رشتيدارن معرفت ۽ نادرا جي مهربانين سان سُڃاڻپ ڪارڊن سان گڏ هاڻ ته ڊوميسائيل به ٺهرائي چُڪا آهن. جن کي سنڌ مان نيڪالي ڏيڻ خود سنڌ حُڪومت جي وس جي به ڳالهه ناهي رهي. جيڪي نئين سال ۾ ڪهڙيون قيامتون برپا ڪندا؟! اُن جو اندازو ته جلد ئي ٿي ويندو. ليڪن سنڌ جي سنجيدهه حلقن جي راءِ ۽ احتجاج تي سنجيدگيءَ سان سوچيو وڃي ها ته، دهشتگرد قُوتن کي ائين ڦهلجي وڃڻ جو شايد موقعو ميسر ٿي نه سگهي ها.
هي نئون سال، رُڳو گهڙيالن جي ڪانٽن ۾ اٽڪجي سوچڻ جو ناهي. پر هن وقت اُن “وائيلڊ وار” (جهنگلي جنگ) تي سوچڻ جو آهي. جيڪا جنگ اسان جي سمورن سالن جون خوشيون خاڪ ۾ تبديل ڪندي رهي ٿي. اُها جنگ جنهن جي پُڄاڻيءَ جي ڪا تاريخ مُقرر ناهي ٿي. ليڪن افسوس جو هن مُلڪ جو عوام ويسر جي مُوذي مرض ۾ مُبتلا آهي. جيڪو اذيت ڏيندڙ حادثن کي ڪجهه ڏينهن ۾ ئي پنهنجي ياد جي پٽيءَ تان ميساري ڇڏي ٿو. نئين سال جي آجيان لاءِ رات کان محفلن جا اهتمام ٿين ٿا. جيڪي سج اُڀرڻ تائين هلندا رهن ٿا ۽ اکين ۾ ڪيترا ئي کيپ چاڙهي سڄو ڏينهن سُمهي آرام ڪرڻ جهڙي عياشي ٿئي ٿي. پر ڪجهه گهڙيون پُراڻي سال ۾ ڪُجهه ڪري نه سگهڻ جهڙي پڇتاءَ تي سوچڻ جيترو وقت ڪنهن وٽ به ناهي. ڇا اسان پُراڻي سال تي پشيمان ناهيون؟!! جنهن سال ۾ دهشتگرديءَ جو ديو پَريُن جهڙي ديس کي لتاڙيندو ۽ ساڙيندو رهيو. جنهن سال ۾ سنڌ بدامنيءَ جي باهه ۾ بي رحميءَ سان سڙندي رهي. سنڌ حُڪومت جا سمورا کاتا عوامي بجيٽ مٿان سرڪاري عياشيون ڪندا رهيا. ٿر جا ٻار ٽڙڻ کان اڳ ئي مُرجهائجي موڪلائيندا رهيا. سنڌ جا سمورا شهر ۽ رستا گٽرن جي پاڻيءَ هيٺ ٻُڏل رهيا ۽ ڪيترائي ٻارڙا گٽرن جي وات جو لُقمو بڻجي ويا. تعليمي نظام جي بهتريءَ لاءِ سرڪاري ڪوششون ناڪام نظر آيون. پيئڻ جو صاف پاڻي سنڌ جي شهرن توڙي ٻهراڙين جو وڏو مسئلو بڻيل رهيو. مهانگائي مٿان پيٽرول جون ڪِريل قيمتون به ڪنٽرول ڪري نه سگهيون. پوليس ۽ پاپ جو پُراڻو رِشتو هميشه برقرار رهيو. اغوائن جي صنعت پنهنجي عُروج تي پُهتل رهي. قبضا مافيا جو ڪاروبار سرڪاري سرپرستيءَ هيٺ هلندو رهيو. پر ويسر جي مُوذي مرض ۾ مُبتلا ماڻهو پنهنجي معمول واري زندگي گُذارڻ لاءِ ڪنهن سبب جي تلاش کان سواءِ ئي معمول تي موٽي اچن ٿا. جيڪا فطري ڳالهه آهي. پر جڏهن هر سزا جهڙي سال کي گُذارڻ کان پوءِ، نغمن جهڙي نئين سال جي تمنا ڪجي ٿي ته نفرتن جي خاتمي لاءِ سوچڻو پوندو. اُنهن انسانن لاءِ سوچڻو پوندو جيڪي سياسي سوداگرن جي نظرانداز بڻيل مخلوق آهن. اُن ڳوٺاڻي عوام تي سوچڻو پوندو، جيڪي اڄ به پٿر جهڙي دور ۾ جِي رهيا آهن ۽ 21 هين صديءَ جا غلام بڻيل آهن. اُنهن اسپتالن ۽ اسڪولن جي عمارتن تي سوچڻو پوندو. جيڪي پري کان پاراتا ڏئي رهيون آهن. اُنهن کنڊر بڻجي ويل شهرن تي سوچڻو پوندو، جيڪي هن سياسي نظام جي هلڪي جهلڪ پيش ڪري رهيا آهن. اُنهن سرد بڻجي ويل جسمن تي سوچڻو پوندو، جيڪي ناڪردهه گُناهن جي سزائن سبب راتين جي رڻ ۾ رستن تي اُڇلايا وڃن ٿا. نئون سال، هن ديس جي ماڻهن جي سُک ۽ سلامتيءَ خاطر چونڊيل نُمائندن جي غير ذميواراڻه روش جي خاتمي جو سال هُجڻ گُهرجي. جڏهن سياستدانن جي احتساب لاءِ جوڙيل ادارا ڪمزور ڪردار ادا ڪندا آهن. تڏهن عوامي احتساب جون اکيون کُلنديون آهن ۽ عوام پُڇاڻو ڪرڻ شُروع ڪندو آهي. هن وقت عوامي احتساب جي اک ڳاڙهي نظر اچي رهي آهي. تنهن ڪري سماج جي تمام گهڻين ڪمزورين جي باوجود به اِها اُميد رکي سگهجي ٿي ته عوامي اُٿل هاڻ پلٽو کائي پُڇاڻي پاسي، وکون وڌائڻ لڳي آهي. ڇاڪاڻ ته ضروري ناهي ته ذهين ذهن ۽ اعلى دماغ هن سماج کي بدلائي سگهن، پر ورهين جون ذلتون، بُک، مجبوريون ۽ ڪاوڙ ڪمزور ذهنن ۾ به تبديليءَ جي چڻنگ ٻاري اهڙو شعلو ڀڙڪائي وٺنديون آهن، جيڪو مچ بڻجي ويندو آهي ۽ پوءِ جڏهن مچ مٿان مُنتشر ماڻهن جا ميڙ ٿيندا آهن، تڏهن اُنهن کي قيادتون به مِلي وينديون آهن. سڄي سياسي تاريخ ۾ ته ائين ئي ٿيندو رهيو آهي.