سياست جون سنگينيون ۽ سيد جو فِڪر....!!!
اڄ جڏهن سن جي صحن ۾ ڪتاب جهڙي قبر مٿان گُل نڇاور ٿيندا ۽ سنڌ جي جواني اُن پوڙهي عاشق جي پيرانديءَ کان بيهي، هُن جي ڳالهين کي ڪتابي ورقن مان ياد ڪرڻ لڳندي ته کين محسوس ٿيندو ته سن جي مِٽيءَ ۾ سُتل سنڌ جو سياستدان نه پر هڪ اهڙو عاشق آهي، جنهن پنهنجي آخري فرض ۾ محبت کي بچائي رکيو. اُهو سيد جنهن برِصغير جي وڏن مُفڪرن “سوامي وويڪانند”، “ڄيٺمل پرسرام” ۽ “ڪرشنا مورتي” سان ملاقاتون ڪيون ۽ اُنهن جي ڳالهين جي ڳنڍين کي “ديارِ دل ۽ داستانِ محبت” ۾ سفيد تاڪين وانگر کوليندو ويو. هن جو خيال هو ته “جتي عقل جي انتها ٿئي ٿي، اُتان عشق جي ابتدا ٿئي ٿئي. عقل سان زندگيءَ جا معاملا مُنجهندا رهن ٿا. عشق مُنجهيل معاملن کي سُلجهائي سڌو ڪري ٿو.” هُو جيڪو برِصغير جي سياست جو اکين ڏٺو شاهد هو. تنهن پنهنجي مُشاهدن ۽ تجربن جي آڌار تي مُسلم ليگ جي سياست کي مسلمانن جي دماغن جو خلل سمجهي، سنڌ سان بي وفاين کي برداشت نه ڪري الوداع چيو هو. جنهن ٻه قومي نظريي کي غلط قرار ڏيڻ جي ڏوهه ۾ قيد ڪاٽيا. عجيب اتفاق آهي ته سيد جنهن موقف جي بُنياد تي قيد ڪاٽيا اڄ پاڪستاني ميڊيا تي اينڪرز به ٻه قومي نظريي کي غلط قرار ڏئي رهيا آهن. پر اُنهن خلاف هن مُلڪ ۾ تنبيهي ليٽر به جاري نٿو ڪيو وڃي. اُهو سچ جيڪو سيد صعوبتن جي صورت ۾ سهي اڇڙن ڪڪرن جا رستا پار ڪري هليو ويو. اڄ سرِعام ورجائجي رهيو آهي. اِها سيد جي عشق جي فتح آهي.
بدر يا غلط با موجش در آويز،
حيات جاودان اندر ستيزاست،
(معنى: سمنڊ ۾ ٽپو ڏئي لهرن سان مُقابلي ۾ اچ، دائمي زندگي جدوجهد ۾ ئي لڪيل آهي.)
اهو سيد جنهن سياست جي سمنڊ ۾ پنهنجي دل کي درويش رکيو. لالچون کيس لوڙهي نه سگهيون. نه ئي دڙڪا سندس دل کي ڪمزور ڪري سگهيا. جنهن تڪليفن جي طوفانن ۾ پنهنجي دل جي ٻيڙيءَ کي ڪمزور نه ڪيو ۽ لڳاتار پنهنجي ارادي تي اٽل رهيو. اهڙو عمل عاشق ئي ڪري سگهن ٿا. سياستدانن جون دليون ته سوڙهيون ٿينديون آهن.سيد ته سنڌ جو عاشق هو. عاشق ته فقط ڏيڻ جي ڳالهه ڪندا آهن جن کي وٺڻ جي تمنا ناهي هوندي. جن وٽ حساب رکڻ واري حُجت گناهه جي برابر هوندي آهي. ڪنهن سيد کان پُڇيو ته: “توهان پنهنجي ذات سان محبت نه ڪندا آهيو؟ اها ته انساني فطرت آهي؟” سيد چيو: “فطرت هوندي....... پر مان سنڌ سان محبت ڪندو آهيان.” غير مشروط محبت جنهن ۾ شَرط، شِرڪ برابر هُجن. اهڙي محبت جو جام رُڳو سائين جي ايم سيد جي حصي ۾ آيو.
اڄ جڏهن سڄي دُنيا ۾ مُلائيت، بُنياد پرستي ۽ فرقيواريت جهڙا سوال وڏو چئلينج بڻيل آهن. ۽ سڄي دُنيا دهشتگرديءَ جي بارود تي ويٺل آهي. سنڌ ڳيري جي آکيري وانگر پنهنجي اُداس دل سان رُڳو اِها دعا گُهري رهي آهي ته هُن جي امن جو آکيرو نفرت جي باهه کان بچي سگهي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ به اهڙا واقعا ۽ لقاءَ ڪرائڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن. پر اهڙين سازشن اڳيان جيڪا مزاحمت جي ديوار نظر اچي رهي آهي اُن ۾ وڏو ڪردار سائين جي ايم سيد جو آهي. جنهن اڄ کان ڪيترائي ورهيه پهرين جڏهن سرد جنگ جون صورتون تبديل نه ٿيون هُيون. تڏهن “جيئن ڏٺو آهه مون...” لکي اهڙي انڪار جي جُرئت ڪئي هُئي. جنهن جو مثال سنڌ جي تاريخ ۾ نٿو مِلي. جنهن جي نتيجي ۾ سيد خلاف نه رُڳو فتوائون جاري ڪيون ويون هُيون پر سيد مٿان مُلحد ۽ ڪافر هُجڻ جا ليبل به لڳايا ويا هُئا. پر هُو،
“اوهندي او جاڻي، سانکون اپڻي ريت نڀانوڻ ڏي”
وارين صوفياڻين سِٽن وانگر پنهنجي موقف تي سِيهي جي ديوار وانگر اٽل رهيو. سيد سنڌ اندر مذهبي ڪٽرپڻي خلاف نه رُڳو پنهنجو موقف سڌو رکيو پر ائين به چوندو رهيو ته: “اڄ جيڪي مسلمان قوم واري تصور هيٺ اسلامي نظام رائج ڪرڻ جا حامي آهن، اُهي سڀاڻي، اهڙي تصور هيٺ مُلڪي نطام کي تحس نحس ڪري ڇڏيندا.” ڇاڪاڻ ته سيد جو خيال هو ته “سمورن مذهبن جي ظاهري ڪثرت پويان، بُنيادي وحدت وارا راز سمايل آهن”. سيد جا اهڙا خيال هن مُلڪ کي هلائيندڙ قوتن کي چِڙ ڏياريندا رهيا. ان حد تائين جو سنڌ جي عاشق سيد پنهنجي ڪراچيءَ ۾نشتر پارڪ واري سالگرهه دوران بين الاقوامي مُلڪن کي صلاح ڏيندي چيو هو ته: “دُنيا کي مذهبي جنونيت واري جِن کان بچائڻ لاءِ، روحاني قومن جو جُدا بلاڪ جوڙڻ جي ضرورت آهي.” هن وقت جيتوڻيڪ سيد سنڌ جي هنجهه ۾ سُتل آهي. پر اڄ هُن جي عشق، فهم ۽ ادراڪ تي ويچارجي ٿو ته هُو سنڌ جي مِٽيءَ جو اهڙو مست الست عاشق هو، جنهن سنڌ کي ايندڙ ڪيترين صدين تائين پئي ڏٺو. سيد جي حصي ۾ پيغامِ سنڌ اُن فڪر جي روشنيءَ ۾ پرکي سگهجي ٿو. جنهن سلسلي جي زنجير شاهه عنايت شهيد، شهيد مخدوم بلاول، دولهه دريا خان، سچل سرمست ۽ ڀٽائي سائين هُئا. سيد سمورين درگاهن ۽ درن جا درشن ڪيا. جن جا تذڪرا پنهنجي ڪتابن ۾ به ڪندو رهيو. پر جنهن مڪتب تي مُتفق ٿيو. اُهو سلسلو سنڌ جي عظيم هستين جي محبت وارو مڪتب هو. فارسي جي ڪنهن شاعر جي هنن سِٽن وانگر:
حريفان بادها خوردند رفتند،
تهي خمخانها، ڪردند رفتند.
(ساٿي محبت جا ڍُڪ پي گُذر ڪري ويا آهن. اڄ سندن مئخانه خالي پيا آهن.)
سائين جي ايم سيد اُن خالي پيل مئخانن کي آباد ڪرڻ واري رمز وارو سلسلو ورتو. جنهن سلسلي تي هلڻ سياستدان جي وس جي ڳالهه نه هُئي. پر اهڙي سلسلي تي ڪي عاشق ئي هلي سگهن ٿا. صالحن جي صُحبت سيد جي سڄي زندگيءَ کي سنڌ جي محبت واري محور پاسي موڙي ڇڏيو. اُهو ئي سبب هو جو هُن جي سياست جو بُنياد فقط سنڌ جي خوشحالي ۽ قومي آجپو رهيا. هُن اقتدار جي حوس ۽ لالچ کي لاهي ڦٽو ڪري ڇڏيو هو. حافظ شيرازيءَ جي انهن سِٽن وانگر ته: “جڏهن حافظ بي خود ٿئي ٿو ته “ڪائوس” جي بادشاهت کي به هڪ جَو برابر به نٿو سمجهي.” سيد جڏهن به ۽ جتي به محسوس ڪيو ته ڪو معاملو سنڌ جي حق ۾ ناهي. يا اُهو سنڌ جي مُفاد ۾ ناهي ته اُن کان هُو ڌار ٿي بيٺو. 1948ع ۾ پاڪستان جي باني مُحمد علي جناح، جڏهن ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جو حڪم صادر فرمايو ته سيد مخالفت ڪئي ۽ اُن جُرم ۾ جيل موڪليو ويو. 1954 ۾ مُلڪ ۾ ون يونٽ لاڳو ڪيو ويو. جنهن جي سڀ کا وڏي مخالفت سائين جي ايم سيد ڪئي ۽ اهڙي مخالفت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ نظربند ڪيو ويو. سيد پنهنجي پُوري ڄمار جو وڏو حصو جيل ۽ نظربندين ۾ گُذاريو. سنڌ هُن جي محبتن جو مرڪز هُئي. هُن ڪڏهن به سنڌ ۽ سنڌي قوم کان ڪا شڪايت نه ڪئي. ڇاڪاڻ ته سيد سنڌي قوم کان ڪڏهن به حاصلات جي توقع نه رکي. هو ته سنڌ ۽ سنڌي قوم کي هر وقت محبت آڇيندو رهيو. اهڙي محبت جنهن ۾ جوڙ، ڪٽ ۽ ونڊ وارو حساب ناهي هلندو. سيد جي محبت ۾ حساب واري حُجت حرام هُئي. هُو جنهن 1970ع وارين چونڊن ۾ قومپرستي، سيڪيولرازم، سوشلزم ۽ جمهوريت جو بينر کولي حصو ورتو ۽ هارائي ويو. تڏهن پير علي محمد راشديءَ سنڌ جي عاشق سيد کي چيو ته: “تو اهڙي عورت (قوم) سان پيار ڪيو آهي. جيڪا ڪوڙهه جي مريض آهي.” پر سيد سنجيدگيءَ سان راشدي صاحب کي هڪ فارسي شعر پڙهي ٻڌايو. جنهن جو مطلب ڪجهه ائين هو ته:“ليلى کي مجنون جي نظر سان ڏس!” ۽ سيد جو پيار هن قوم سان پهچ کان به مٿي رهيو. ڪنهن شاعر چواڻي ته: کريل کير به ولوڙيندو رهيو. پر ڪڏهن مايوس نه ٿيو. اهڙيءَ طرح سنڌ جو سيد عشق جي انوکن امتحانن ۾ تصوف جي اسرارن جي سڀ کان بافضيلت دوست شاعريءَ جو سهارو وٺندو رهيو ۽ پنهنجي مزاج ۾ ڦرڻي گهِرڻي قوم لاءِ به ڪڏهن شڪايتن جا دفتر نه کوليائين. لطيف سائين جي انهن سِٽن جو سهارو ورتائين ته: “جيها ڪي تيها، مون مارو مڃيا.!”
هُو جيڪو وحدت الوجودي اياز جي سِٽن ۾ صوفي لاڪوفي واقعي بڙ جي اهڙي گهاٽي ڇانو هو. جڏهن سج ٽامڻي هڻي ويندو آهي سا وڌيڪ گهاٽي ٿي ويندي آهي. ڪاش! اياز جي انتظار کي ڪا ساڀيان ملي سگهي ته اهڙي بڙ مٿان سنڌ جا عقاب ڦيرا ڏئي تتل سج کي تيز نظرن سان گُهوري ڏسن. ۽ سنڌ جي هِن صوفي عاشق جي محبت سلامتيءَ جو نئون سفر شروع ڪري سگهي.