جاگيردار سماج ۾جياپي جو جبر سهندڙ سنڌي عوام...!
1. جاگيرداريءَ يورپ کي طبقاتي سماج ۾ ورهائي ڇڏيو.
2. جاگيرداريت سبب قومي رياست جي قيام ۾ رُڪاوٽون وڌيون ويون.
3. جاگيرداريت هارين جي حالت کي رحم جوڳو بڻائي ڇڏيو.
4. جاگيرداريت سبب يورپ اندر سياسي اتحاد ۾ رُڪاوٽون پئدا ٿي پيون.
ان کان سواءِ انيڪ سياسي ۽ سماجي قسم جا مسئلا جاگيرداريت جي مضبوط بُنيادن سبب سامهون آيا. جڏهن سماج مُختلف طبقن، گروهن ۽ مذهبي فرقن ۾ ورهائجي ويندو آهي تڏهن اُن جي اوسر ۽ ترقي بِنهه رُڪجي ويندي آهي. اهڙي سماج جي اندر معاشي استحصال جا هزارين مثال سامهون ايندا آهن. جنهن ۾ طبقاتي استحصال کان وٺي معاشي استحصال تائين انساني سماج مٿان هڪ پُورو ڪارو دور ڇانيل رهندو آهي. جڏهن ته خودمختيار قومي رياست جو خُواب عوامي اکين جو سپنو هوندو آهي جيڪو ساڀيان جي صورت وٺي ناهي سگهندو. جمهوري آزادي عوام جي حصي ۾ اچي ناهي سگهندي. عوام قومي فلاحي رياست جي قيام لاءِ فقط هڪ اُميد ئي ڪري سگهندو آهي. اهڙي حالت ۾ معاشي صورتحال جو ڍانچو ماس کان سواءِ انساني ڍانچي (هيومن اسڪيليٽن) وانگر بڻجي پوندو آهي. اهڙو معاشرو انسانن کي رت ۽ ماس کان سواءِ اسڪيليٽن بڻائي هٿ ڪڍي ڇڏيندو آهي. هارين ۽ اُن جي ڪُٽنبن جي حالت بدترين انساني حالت جهڙي بڻجي پوندي آهي. جنهن جي ذهني سوچ اُنهن جي جسم جو ساٿ ڏيڻ ۾ ناڪام بڻجي ويندي آهي. اهڙي سماج مان اُٿي پوڻ يا اهڙي سماج کي تبديل ڪرڻ ۾ عرصا لڳي ويندا آهن. جن جي تڪڙي اُميد گهٽ هوندي آهي. ليڪن جيڪڏهن اهڙا انسان اُٿي پون ٿا ته اُهي دقيانوس معاشرن جي تابوت جو آخري ڪوڪو ثابت ٿين ٿا. ٻي جيڪا انتهائي اهم ڳالهه آهي ته اهڙن سماجن ۾ سياسي اتحادن جُڙڻ جي اُميد گهٽ هوندي آهي. پر جيڪڏهن اهڙا اتحاد جُڙندا آهن. تڏهن به اُهي سازشن جي معمولي جهٽڪي جي سَٽ سهي ناهن سگهندا ۽ جُهري پوندا آهن. اُنهن جا سبب ته ڪهڙا به هُجن ليڪن اتحادن جي خاتمي جا بهانا هڪ جهڙا هوندا آهن. چيو ويندو آهي ته فلاڻو اصل ۾ مون کان وڌيڪ اهميت جي حامل نه هو. ليڪن اُن کي اهميت ڏني وئي يا اهليت ۽ ميرٽ جا معيار ۽ ماپا مُختلف ڳڻايا ويندا آهن. جيتوڻيڪ 21 هين صدي جديد سائنسي سوچ جي صدي ليکي وڃي ٿي. پر پوءِ به ان صديءَ ۾ انساني آباديءَ جو لقاءُ 15هين صديءَ جي انسانن جهڙو ٿيندو هُجي. تڏهن معاملو انتهائي ڳڻتيءَ واري صورتحال اختيار ڪري وڃي ٿو. ڪُجهه اڌ پڙهيل دانشورن جو چوڻ آهي ته جاگيرداريت جي سُڌريل صورت سرمائيداريت ۾ آهي. سرمائيداريت ڇا آهي؟ ان تي بحث پوءِ ڪبو. ليڪن هن وقت سنڌ جنهن سياسي جهنم جو شِڪار آهي اُتي جاگيرداريت 21 هين صديءَ ۾ به پُوري طاقت سان ساهه کڻي رهي آهي. جاگيرداريت جو اهڙو ماڊل جڏهن سنڌ ۾ موجود آهي ته باقي ٻي دُنيا ۾ ليئو پائڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي؟ اهڙي Phenomenon ۾ سنڌ جي ڪهڙي سياسي صورتحال جُڙي سگهي ٿي؟ ان تي پاڻ اڄ ويچارينداسين. سنڌ جي تاريخ جي طويل سلسلي ۾ گهڙڻ بجاءِ مُختصر بيان ڪجي ته ڪلهوڙن جي وِچئين يا آخري دور کان وٺي ٽالپر حُڪمرانن ۽ انگريز راڄ تائين سنڌ جاگيرداريت جي ڀاري پيرن هيٺان لتاڙبي رهي آهي. انگريزن سنڌ جي سماجي حالت کي ڪنهن حد تائين سهارو ته ڏنو. ليڪن جاگيرداريت جي اثر کي وڌيڪ هٿي ڏني. نتيجي طور جنهن سماج جي جُڙڻ جي سنڌ کي ضرورت هُئي. اهڙو سماج سنڌ جي ڪُکِ مان پئدا ٿي نه سگهيو ۽ نه ئي پئدا ٿيڻ ڏنو ويو. موجودهه سياسي حالتون ماضيءَ جي سياسي ۽ انتظامي حالتن جو نتيجو آهن. اڄ جڏهن سنڌي سماج جديد سائنسي دور واري صديءَ ۾ ساهه کڻڻ لاءِ اڳتي جي اُڏام لاءِ پرڙا هڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته اُهو هڪ حد کان اڳتي رِڙهي سگهڻ ۾ ناڪام ٿي وڃي ٿو. سنڌي سماج کي جنهن اُڀريل وچئين طبقي جي توقع هُئي سو وچيون طبقو 80ع واري ڏهاڪي ۾ اُڀرڻ سان ئي عُروج تي پُهچڻ بجاءِ انتهائي خسيس معمولي مُفادن تي پنهنجي قيمت مُقرر ڪري ويهي رهيو. جيڪڏهن سياسي حالتن جي تبديليءَ جي آسري تي هلجي تڏهن به وِچولي طبقي جي سهڪار کان سواءِ اهڙي سياسي تبديليءَ جي توقع ممڪن ناهي هوندي. سڄي دُنيا جي انقلابن ۽ تبديلين جي پويان وچئين طبقي جي ادا ڪيل ڪردار کي رد نٿو ڪري سگهجي. پر سنڌ جي اهڙي بدقسمتي آهي جو نئين اُڀريل وچولي طبقي جي مُنافق ۽ موقعي پرست سياسي ڪِردار سبب سنڌ جي خمير ۾ موجودهه مذاحمتي سياسي سگهه جا پڻ بُنياد لُڏي ويا آهن. ارسطو جاگيرداريت تي ڳالهائيندي چيو هو ته: “دُنيا غريب انڪري آهي جو اُن جي سياسي مالڪي مخصوص طبقي جي هٿن ۾ ڪٺ پُتلي بڻيل آهي. نتيجي ۾ سياسي يتيميءَ جو پئدا ٿيڻ فطري ڳالهه آهي.” اڄ سياست يتيم انڪري آهي جو اُها جاگيرداريءَ جي اثر هيٺ آهي. ليڪن ٽيون رستو به آهي، جيڪو جاگيردارسياست کي فنا جي هڪ ڦوڪ سان ختم ڪري سگهي ٿو. اُهو ٽيون رستو هيٺئين طبقي ۾ سياسي شعور جي اُڀار جو آهي. جڏهن هيٺئين طبقي پنهنجي لڳاتار ٿيندڙ ڦُرلُٽ جو صحيح اندازو لڳائي ورتو ۽ اِهو سمجهي ورتو ته سياست مٿان قابض جاگيرداري طاقت اُنهن جي استحصال جو بُنيادي سبب آهي. تڏهن سنڌ ۾ سماجي ۽ سياسي تبديليءَ جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي. مارڪس چيو هو ته: “جاگيرداريت ۽ سرمائيداريت ٻئي پُٺتي پيل مُلڪن جا نظريا آهن.” هڪ حوالي سان اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو سنڌ وِچولي طبقي جي تمام تر مُنافقين کي ڳِچيءَ جو هار ڪري هلڻ واري چال وِسارڻ لڳي آهي. جاگيرداريت جي رِڻ ۾ رُلي سنڌ جي هيٺئين طبقي اِهو سمجهي ورتو آهي ته سنڌ نه فقط جاگيردار سياست جي مضبوط جڪڙ ۾ آهي پر اُن جو ساٿاري نئون پئدا ٿيل اُهو وِچيون طبقو به آهي جيڪو معمولي انفرادي معاشي مُفادن جي عيوض اجتماعي قومي مُفادن جي قُرباني ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار ويٺو آهي. اهڙين هولناڪ سياسي حقيقتن ۾ سنڌ جي سياسي مُستقبل کي ڏسجي ٿو، تڏهن به ڪا پريشان صورتحال نظر نٿي اچي. ڇاڪاڻ ته پريشان صورتحال تڏهن پئدا ٿيندي آهي. جڏهن عوام جي سياسي شعور واري دل سماج جي جسم جو ساٿ ڏيڻ ڇڏي ڏئي ۽ ماڻهو سياسي مايوسيءَ واري ڪُن ۾ ڦاسي ڦٿڪندا رهن. جيتوڻيڪ وقت سان گڏ سنڌ دوست سياسي پارٽين جي سياسي ڪارڪردگيءَ سبب اڪثر سياسي ورڪر اُنهن کان ڌار به ٿيندا رهيا آهن. ليڪن اُن جو اِهو مطلب هرگز ناهي رهيو ته اُهي ورڪر سياست مان ئي بيزاريت جو شڪار بڻيا آهن. سياسي پارٽين جي مايوس ڪارڪردگيءَ جو اِهو مطلب هرگز نه هُجڻ گُهرجي ته ماڻهو سياست مان ئي بيزار بڻجي ويا آهن. پارٽين ۽ تنظيمن مان بيزاريت جو مطلب سياسي بيزاريت ناهي هوندو پر اُن جا سبب انتظامي نوعيت جا هوندا آهن. سياسي پارٽين کان ڌار ٿيڻ ۽ وري ڳنڍجڻ وارا فطري لقاءَ سياسي جدليات جو حصو هوندا آهن. ليڪن اِها ڳالهه انتهائي اهم آهي ته سنڌ ۾ سمورن طبقن جي وِچ ۾ هڪ اهڙو طبقو به پئدا ٿيو آهي. جنهن کي سنڌ جو “سياسي طبقو” چئي سگهجي ٿو. جنهن جو ڀلي ڪنهن به سياسي پارٽي يا تنظيم سان تعلق نه هُجي پر اسان اُن کي جيڪڏهن سياسي طبقو سمجهون، تڏهن به مايوسيءَ مان نِڪري سگهون ٿا. تنهن ڪري سنڌ ۾ هيٺيون ۽ هيٺيون وچيون طبقو ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۽ صورت ۾ تمام گهڻو سرگرم ۽ مُتحرڪ نظر ايندو. پوءِ اُهو ڪنهن فورم تان ڪم ڪندو هُجي يا انفرادي يا سماجي ميڊيا جي سهاري سان مُتحرڪ هُجي. ليڪن اُهو مايوس ناهي هوندو. جيتوڻيڪ اِن حقيقت جو ادراڪ هر باشعور سياسي ماڻهوءَ کي آهي ته وطن دوست سياسي نظريا رکندڙ پارٽين ۽ تنظيمن کان سواءِ وڏي سياسي تبديليءَ جو سونامي اچي ناهي سگهندو. ليڪن سنڌي سماج جنهن دور مان گُذري رهيو آهي. اُهو دور جاگيردار سياست جي تبديل ٿيندڙ نئين سياسي چهري جو دور آهي. جنهن ۾ جاگيردار سياست پنهنجون شڪليون تبديل ڪري رهي آهي. جنهن ۾ سياسي، معاشي ۽ سماجي ترقيءَ جا تصور به تبديل ٿي رهيا آهن. جاگيردار سياست پنهنجي بُنيادي تصور ۾ ٻنيءَ جي ملڪيت سان گڏ صنعتي پراپرٽي ۽ انفراسٽرڪچر واري صورت اختيار ڪئي آهي. اُن کي سياسي مورخ ڪهڙو نالو ڏين ٿا؟ اُن جو اندازو ته هن وقت ناهي. ليڪن جاگيردار سياست سرمائيداريءَ جي دُنيا ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ ڪهڙي شڪل ۽ صُورت اختيار ڪندي؟ اُن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. سنڌ دوست سياسي پارٽين کي اهڙي وڏي مُقابلي کي مُنهن ڏيڻو آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي هر اُن ماڻهوءَ کي اهڙي تبديل ٿيندڙ ۽ نئين صورت ۽ شڪل اختيار ڪندڙ سياسي طاقت جي مد مُقابل ٿيڻو آهي. اُن جي تياري ٿيڻ گُهرجي. هِن وقت تائين جيڪو جياپي جو جبر سنڌ سَٺو آهي. شايد ئي اهڙي اذيت جي سهپ ڪنهن مُلڪ، صوبي يا قوم جي حصي ۾ آئي هُجي؟!. ڇاڪاڻ ته اهڙي جياپي جي جبر سهڻ ۽ برداشت ڪرڻ جهڙو مثال دُنيا ۾ نٿو مِلي. جيڪو سنڌ سهندي رهي آهي. ليڪن اهڙين تبديل ٿيندڙ سياسي طاقتن جي شڪل ۽ نئين صورت اڳيان سنڌ جو هيٺيون ۽ هيٺيون وچيون طبقو وڏو چئلينج بڻيل آهي. جيڪا ڳالهه ڪنهن غير معمولي حقيقت جو اولڙو نظر اچي رهي آهي. جهڙيءَ ريت وقت مڪاني چونڊن جو وڏو چرچو آهي. جنهن تي پاڪستان اندر مُختلف پارٽيون پنهنجي پنهنجي سوچ جو اظهار ڪنديون رهن ٿيون ته چونڊون غير جماعتي بُنيادن تي ٿيڻ گُهرجن يا جماعتي بُنيادن تي؟ ليڪن سنڌ جو سياسي طبقو پنهنجي سوچ رکي ٿو. ڇاڪاڻ ته اُهو طبقو جيڪو ورهين کان جياپي جو جبر سهندو رهي ٿو اُن جي خيال ۾ مڪاني چونڊون غير جماعتي بُنيادن تي ٿينديون هُجن يا جماعتي بُنيادن تي ٿينديون هُجن. جيستائين سياسي سگهه جاگيرداريت جي جُڙندڙ نئين شڪل جي هٿن مان نٿي نڪري، تيستائين سنڌي سماج سنئين واٽ وٺي نه سگهندو. نئين شڪل ۽ صورت ۾ اُڀرندڙ جاگيرداريت جي خاتمي لاءِ جيتري ذميواري وطن دوست سياسي تنظيمن ۽ پارٽين جي آهي ايتري ذميواري غير مُنظم ئي سهي پر سنجيدهه ۽ ايماندارانه سياسي سوچ رکندڙ فورمن ۽ سماجي ميڊيا تي پڻ عائد ٿئي ٿي جيڪي انفرادي طور به ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. جنهن سان نه رُڳو وچئين طبقي جي مڪروهه چهري جي چالاڪيءَ جو خاتمو اچي سگهندو پر جاگيرداريت جي نئين جُڙندڙ تصوير به مُڪمل ٿي نه سگهندي ۽ اُن جي سياسي سگهه پڻ ڀُرندڙ ڀِت بڻجي ڊهي پو ندي.