زندگيءَ جو رومانس....!!
ايلزبيٿ بشپ صحيح چيو هو ته: “خدا جي دنيا ۾ داخل ٿيڻ لاءِ شاعري جو رستو ئي موزون آهي.” شاعر جي اک ايندڙ انديشن کي آسانيءَ سان پرکي وٺندي آهي. اُهي پنهنجي دور کان گهڻو اڳتي ڏسي سگهندا آهن. انهن جي اک زمانن تي هوندي آهي. اُهي فقط حال جي حقيقتن ۾ ڦاٿل ناهن هوندا. اُهي پنهنجي تخيل جي تيزيءَ سان اهو سمجهي سگهندا آهن ته عاشقيءَ جي اُس جيتري تلخ ٿيندي آهي ايترو ئي وڻندڙ هوندي آهي. مٽيءَ سان محبت به انهن جي غيرمشروط عشق جو عڪس بڻجي ويندي آهي.
سنڌ جي شاعريءَ جو تخليقي سفر ته جاري رهندو پر هو جيڪو پنهنجي پهاڙي ٽهڪن سان کلائي کيرو ڪندو هو ۽ پنهنجي منفرد انداز ۽ اسلوب سان شاعري ٻڌائي دنيا کان دور فقيري فطرت سان پراون کي به پنهنجو ڪرڻ جي صلاحيت رکندو هو اهڙو انداز سنڌ جي ڪنهن به نوجوان شاعر ۾ نظر نٿو اچي.
مون ڪيترائي ڀيرا ذاتي طور هن فقير کي منٿ ڪندي چيو هو ته: “تنهنجي شاعري جتي ڪٿي وِکري پئي آهي، ڪنهن ڪتابي صورت ۾ آڻ ته تنهنجي خيالن جي خدائيءَ کان سنڌ به واقف ٿئي.” هڪ ڀيري هن ڪمپوز ٿيل ٽي چار نظم ڏيکاريا. مون اهي نظم کڻي چيو ته: “هاڻ اِهي نظم توکي نه ڏبا.” ۽ پوءِ کوڙ سارين ڪچهرين ۾ حسن جا نظم مون پنهنجي نالي سان هن جي موجودگيءِ ۾ دوستن کي پڙهي ٻڌايا ۽ داد به ورتو. پر هن ڪڏهن به اُن تي اعتراض نه ڪيو فقط ايترو چوندو هو، “ڀلي عياشي ڪري وٺ_ منهنجو ڪتاب ايندو ته تنهنجي شاعرانه عياشي ختم ٿي ويندي.“ جيتوڻيڪ هن جي حياتيءَ ۾ هن جو ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي نه سگهيو. پر ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ڪا اڀاڳي رات اسان کان اسانجو شهزادو شاعر ڦُري اسان جي اکين ۾ زخمن جا ڪنڊا پوکي ڇڏيندي. حسن درس دل ۾ شڪايتون رکندڙ شاعر نه هو. هو سنڌ جي نئين ٽهيءَ جو اهو شاعر هو جنهن جي دل جا دروازا دوستن لاءِ هميشه ديوانگيءَ جي حد تائين کُليل رهندا هُئا. جيڪڏهن هُو چاهي ها ته ڪنهن به سرڪاري سيٽ اپ ۾ مشيري ماڻي وٺي ها. پر هُو فيض جي اِن سٽ وانگر رهيوته:
ہم خستہ تنوں سے محتسبو، کيا مال منال کا پوچهتےہو،
جو عمر سے ہم نے بہر پایا، سب سامنے لائے دیتے ہیں-
هن جي زندگي زر ۽ زيور جي محتاج نه هُئي. هن پنهنجي مختصر عمر ۾ شاعريءَ جي جيڪا تسبيح ڇڏي اُها سنڌي ادب جي آسمان جو اهو ستارو بڻجي پئي آهي جنهن ستاري جي روشني ۾ شاعريءَ جا نوان رستا جڙندا. حسن جي حصي ۾ اها خوشنصيبي به آئي جو هُن جي ڪتاب جو مسودو ثقافت کاتي يا ڪنهن ٻئي سرڪاري اشاعتي اداري کي ملي نه سگهيو نه ته اڄ تائين حسن جو تخيل اسانجي دلين کان دور هجي ها ۽ اهو فقط سمريز، بجيٽ ۽ ايپروول جي اُس ۾ سڙندو رهي ها.
پر حسن جي شاعريءَ جي لاءِ اهو ئي وڏو اعزاز آهي جو هن جي ڪتاب کي ڇپائڻ وارا سرڪاري هٿ نه رهيا جيڪي ڪتاب کي به ڪمائيءَ جو وسيلو سمجهي پنهنجا کيسا ڀرين ها. پر حسن جي حصي ۾ به اُھي فقيري هٿ رهيا جن پنهنجي کيسن کي خالي ڪري، اهڙو ڪتاب مارڪيٽ ۾ آندو جنهن جي هر نظم سان گڏ خوبصورت اسڪيچز به ڏنل آهن. جيڪا حسن جي خواهش هُئي. حسن جي پوري حياتيءَ کي هن ڪتاب ۾ محفوظ ڪرڻ جهڙو ڪم ڪو معمولي ناهي. جنهن ۾ مسعود لوهار ۽ ان جي ساٿين جي محنت کي سنڌي ادب هميشه ياد رکندو جن سنڌي ادب جي جهوليءَ ۾ هڪ زبردست ڪتاب جو اضافو ڪيو آهي.
“حسن جي رسالي” متعلق کوڙ سارن دوستن طرفان تنقيدون ٿينديون رهن ٿيون پر افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته ڪنهن به آرٽسٽڪ ايپروچ کي ناهي ساراهيو جنهن ايپروچ تحت سنڌي ادب جي جهوليءَ ۾ هڪ شاهڪار شاعريءَ جي مجموعي جو اضافو ٿيو. سنڌي ادب جي گهڻ گُهرن کي جيڪڏهن ڪي اوڻايون نظر اچن ٿيون ته هُو هن رسالي کي اِن کان به وڌيڪ سُٺي انداز ۾ ڇپائڻ جو حق رکن ٿا. پر جن فقيرن پنهنجي پوري محنت سان ۽ خرچ سان هن ڪتاب کي مارڪيٽ ۾ آندو آهي اُنهن کي داد ڏيڻ بجاءِ انهن جي دل آزاري ڪرڻ مناسب عمل ناهي.
حسن درس هن دور جو غير معمولي شاعر هو. جنهن پنهنجي نظمن ۾ نرالپ واري انداز ۽ اسلوب کي اپنايو. هن پنهنجي ٽهيءَ ۾ شاعري جي اهڙي اسلوب کي آندو جو هُن جي نظم ٻڌندي ئي سمجهي وڃبو ته اهي خيال فقط حسن جي دل مان ئي ڦٽي نڪتا آهن.
پٻن تي اُڀو ٿي ڏسان يار توکي
مٿي مٿڀرو ٿي ڏسان يار توکي
محبوب کي ڏسڻ لاءِ پٻن تي اُڀو ٿي بيهڻ _ اهڙا خيال آهن جيڪي شاعريءَ جي دنيا ۾ فقط حسن ئي آندا آهن. هن جي سڄي شاعري شاهوڪار تمثيلن، منفرد تشبيهن ۽ جمالياتي حُسن سان ڀري پئي آهي جيڪي خيال هن دور جي نسل لاءِ بلڪل نوان ۽ منفرد آهن. يا اها “ماچس جي تيلي!” واري نظم.
ماچس جي تيلي اِها،
گندرف جو ٽوپ پائي،
آ اڃان تائين سُتي.
جاڳندي تيلي جڏهن
ٿي سگهي سگريٽ جو
چاهه مان چهرو چمي،
۽ خود وسامي وڃي.
محبوب جو تصور ته ڪنهن بهار جي جهوٽي وانگر هوندو آهي جيڪو خاموشيءَ سان اچي گذري ويندو آهي ۽ دل تي يادن جا اڻمٽ نشان ڇڏي ويندو آهي. عظيم شاعري سرءُ جي هوا وانگر هوندي آهي. رڳو بهار جو جهوٽو ئي ناهي هوندي. سرءُ جي هوا جو به پنهنجو تعارف هجي ٿو. ڀٽائي کان وٺي اياز تائين سرءُ جو پنهنجو تعارف رهيو آهي. حسن جي شاعري ڪنهن اداس ناچڻيءَ وانگر دل جي تارن کي ڇيڙي وجهي ٿي ۽ اهڙي دنيا ۾ وٺي هلي ٿي جنهن دنيا جي دامن کي نپوڙي، فرشتا وضو ڪندا رهن ٿا. ڪاميو چيو هو ته “ محبوب سان گهاريل گهڙين جي ياد جي سهاري مان سڄي زندگي زندان ۾ گذاري سگهان ٿو” محبوب جو تصور ئي اهڙو احساس آهي جيڪو جنت جي هوا جو جهوٽو بڻجي سمورين اذيتن جي احساسن کي ختم ڪري ڇڏي ٿو.
مون چيو ته تون ناهين،
تو جهڙي نظم ٺاهيان
اوچتو تصور ۾
تو چيو قلم کي رک
مان اچي وئي آهيان.
حسن جي سڄي شاعري لوڪ گيتن جهڙي گفتگو وانگر پڙهندڙ جي دل تان اهڙا پردا لاهي ڇڏي ٿي جن پردن جي پويان پيار جي دنيا آباد آهي. هڪ اهڙي دنيا جنهن جو رستو سفيد ڪڪرن جو رستو آهي. جتي بارشن ۾ وڻ وهنجن ٿا ۽ وهندڙ ندين جي ٽهڪن سان فصل پچن ٿا ۽ ٻارڙا پنهنجي آباد اڱڻن تي کيڏن ٿا. ناريون نخريلن نازن سان کوهن تا پاڻي ڀرين ٿيون ۽ نوجوان ٿڌا ساهه کڻن ٿا.
تمنا تاڪ ۾ آهي،
لِڪي توکي ڏسڻ چاهي.
مصور اُس مان آخر،
تنهنجي تصوير ٿو ٺاهي.
“Life moves not like a business, it moves like poetry; Life moves not from the head, it moves from heart; it is a Romance.”
(زندگي هڪ ڪاروبار وانگر نه، پرشاعري وانگر هلي ٿي؛ زندگي دماغ سان نه پردل سان هلي ٿي. اهو ئي رومانس آهي.)
انگريزيءَ جي انهن سٽن وانگر حسن درس زندگيءَ کي دماغ سان نه پر دل سان گذاريو. هن جي حياتي مڪمل رومانس هُئي. شاعري هن جو رومانس هُئي، بزنيس نه هُئي ۽ جڏهن شاعري روح سان ڪئي ويندي آهي ته اُها فقط شاعر جو رومانس ناهي رهندي پر اها سڄي جڳ جو رومانس بڻجي پوندي آهي ۽ دنيا جي دلين ۾ به ڌڙڪندي رهندي آهي. حسن سنڌ جي جوانيءَ جو اهڙو رومانس بڻجي پيو آهي جيڪو صدين تائين ان جي روح ۾ لٿل هوندو. جنهن کي الزيمر جي بيماري (ويسر جو مرض) به ڦري نه سگهندي.