نوجوانن جا لاش سنڌ جي سياست کي ڪهڙي پاسي وٺي ويندا؟
اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جون سياسي تنظيمون ۽ اُنهن جون قيادتون تمام تر تنظيمي، آئيني ۽ نظرياتي اختلافن جي باوجود به سنڌ کي ملندڙ چچريل لاشن واري معاملي تي ڪا گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ ۾ مُڪمل ناڪام ٿي ويون آهن يا اُهي خوفزدهه آهن ته اهڙي رياستي ڏاڍ جي خلاف آواز اُٿارڻ سان شايد سندن سياسي مُستقبل خطري پئجي وڃي. پر ڇا قيادتون فقط پنهنجي پارٽين ڏانهن ئي جوابدار هونديون آهن؟ ڇا اُنهن جو ڪردار ۽ عمل اُن قوم ڏانهن ذميوار ناهي هوندو جنهن قوم جي گهر گهر ۾ ڪُٺل نوجوانن جا تڏا وڇايل هُجن؟ جيڪڏهن سنڌ جون سياسي قيادتون نظرياتي اختلافن سبب روڊن ۽ رستن تان جهٽيل ۽ پوءِ رت ۾ ٻُڏل سياسي ڪارڪنن جا لاش ڏسي خاموش رهيون ۽ اهو سمجهنديون رهيون ته اُنهن ورڪرن سان اُنهن جو انڪري تعلق ناهي ڇاڪاڻ ته اُهي ورڪر ڪنهن ٻي پارٽيءَ جا ميمبر هُئا ته اهڙو رويو سنڌي سماج جي سياست کي انتهائي وڏي اوڙاهه ۾ اُڇلائي ڇڏيندو. سنڌ جو ڪو به سياسي ڪارڪن، ڪنهن به سياسي پارٽيءَ سان لاڳاپيل ڇو نه هُجي پر ڪنهن کي اهو حق نه هُجڻ گُهرجي ته اُن جي نظرين ۽ آدرشن سان اهڙي مذاق ڪري جو کيس ڌاڙيلن وانگر مُقابلا ڄاڻائي ماري ڇڏي ۽ اُن جي لاش کي لاوارثيءَ جي حالت ۾ ڦٽو ڪري ڇڏي. سنڌ جي سياسي ڪارڪنن ڏانهن اهڙي رياستي رويي تي سنڌ جي سنجيدهه حلقن کي ويچارڻ گُهرجي ۽ سنڌ جي سياسي تنظيمن ۽ اُنهن جي قيادتن کي اهو سمجهڻ گُهرجي ته اظهار راءِ جي آزادي هر سياسي ڪارڪن ۽ ورڪر جو بُنيادي حق آهي. اُن جي اُن حق کي جيڪڏهن ڪا به وحشياڻي طاقت دٻائي ٿي ته اُن جو ڪو به انساني جواز موجود ناهي.
سنڌ جا ماڻهو ڪيتري عرصي کان ان موقف جا حامي آهن ته جنهن طريقي سان رياستي طاقت سنڌ جي نسل ڪُشي ڪري رهي آهي، اُن جا ڪي خاص بُنياد ناهن. جيڪڏهن آپريشن ضربِ عضب شروع ٿيو هو ته اُن جا سبب موجود هُئا. ڇاڪاڻ ته مذهبي ڪٽرپڻي کان تنگ آيل سڄو اولهه پاڪستان کي مشڪوڪ نظرن سان ڏسي رهيو هو. ڇاڪاڻ ته هڪ پاسي مدرسن جون عمارتون وڇائجي رهيون هُيون ۽ جيڪي اڄ به جاري آهن. ته ٻئي پاسي پاڪستان جي عسڪري قُوتن کي ڪوليٽرل ڊيميجز جي صورت ۾ نقصان کڻڻو پئي پيو. پر جيئن ته مملڪتِ خداداد پاڪستان ۾ هميشه ائين ئي ٿيندو رهيو آهي ته ڪُجهه حاصل ڪرڻ لاءِ، گهڻو ڪُجهه وڃائڻو ئي پوندو آهي. نتيجي طور ضربِ عضب ته شروع ٿيو. جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترا اهم طالبان اڳواڻ گرفتار ٿيا آهن يا حورن جي هنجهه ۾ آرامي ٿيا آهن سا ته خبر ناهي البته، هڪ ئي وقت مُلڪ اندر عسڪري قوتن پاران هڪ ئي وقت ڪيترا محاذ کوليا ويا آهن. مُتحده مٿان ڪراچيءَ ۾ سوڙهه، مني لانڊرنگ جا معاملا، ڪرپشن خلاف ڪارروايون وغيرهه وغيرهه. پر سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن کي بنا سبب اغوا ڪرڻ واري معاملي تي اکيون ٻوٽي نٿيون سگهجن. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ وحشياڻي طريقي سان سياسي ڪارڪنن جي قتل جي نتيجي ۾ سياسي ردِعمل به تشدد واري شڪل ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو. ائين جيئن بلوچستان جون بگڙيل حالتون وري ڪنهن سنئين واٽ تي اچڻ لاءِ تيار ناهن. سنڌ جي سياسي ڪارڪنن ڏانهن لڳاتار اهڙي رويي جو نتيجو بلوچستان کان مُختلف نه هوندو. اهو الڳ بحث آهي ته سنڌ جي نوجوانن اهڙي ڪهڙي واٽ ورتي آهي يا اهڙو ڪهڙو سياسي رستو اختيار ڪيو آهي؟ جنهن جو طاقتور قُوتون شديد ردِعمل ظاهر ڪري رهيون آهن. جيڪڏهن بلوچستان ۾ بلوچن جي هلندڙ ويڙهاڪ جدوجهد مُلڪ جي طاقتور قُوتن جي مٿي جو سُور بڻيل آهي ته اِها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي. ڇاڪاڻ ته اُتي ويڙهه جي واٽ وٺندڙ بلوچن مٿان جڏهن حملو به ٿئي ٿو يا کين لاش وصول ٿين ٿا ته مُلڪ جي عسڪري طاقتن کي به اُن جو جواب مِلي ٿو. ليڪن سنڌ جي صورتحال بلوچستان کان بلڪل مُختلف آهي. جيڪڏهن ڪنهن ڀِت جي چاپڙ ڪيرائڻ ۽ ريل جي پٽڙيءَ کي اُکيڙڻ جي نتيجي ۾ سنڌ کي ايترا لاش وصول ئي ڪرڻا آهن ته پوءِ ويچارڻ جي ڳالهه آهي ۽ سنجيدگيءَ سان سوچڻ جي ڳالهه آهي ته ڇا اسان جي سياسي پارٽين جي حڪمت عملي ڪمزور آهي؟ يا ڪٿي اسان جي سياسي جدوجهد ڪنهن جذباتي رُخ جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي؟ سنڌ جا سياسي ڪارڪن ڪهڙي به سياسي نظريي يا حڪمت عمليءَ سان واسطو رکندڙ هُجن ليڪن کين اها ڳالهه سمجهڻي پوندي ته دُنيا جون طاقتور ۽ ويڙهاڪ تنظيمون به ڪا هڪڙي حڪمت عملي اختيار ڪنديون آهن. اُهي يا سياسي ۽ پُرامن رستي واري واٽ وٺنديون آهن. يا مُڪمل طور ڪيموفليج رهي ويڙه ڪنديون آهن. ليڪن سنڌ جي سياست ۾ پُرامن سياسي جدوجهد واري رستي ۽ ويڙهه واري رستي کي گڏي هلايو پيو وڃي. جيڪا حڪمت عملي ڪنهن به صورت ۾ ٺيڪ ناهي. جيڪڏهن اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي ته اُها مجموعي طور سنڌ جي پُرامن سياسي وجود لاءِ وڏو خطرو ثابت ٿيندي.
مُلڪ جي اسٽيبلشمينٽ کي به اِها ڳالهه سمجهڻ گُهرجي ته ڪنهن به نظريي يا اظهار کي تشدد سان ختم نٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي گولين سان ڪنهن تنظيم يا تحريڪ کي ڌرتيءَ تان گُم ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن چِڙيل نوجوانن جو پنهنجو هڪڙو نُقطهءِ نظر آهي ته اُن نُقطهءِ نظر سان اختلاف رکڻ جو هر ڪنهن کي حق هُجڻ گُهرجي ليڪن اُن جو ردِعمل چچريل لاشن جي صورت ۾ سامهون آڻڻ، ڪنهن به صورت ۾ دُرست عمل ناهي. جيڪڏهن ڪنهن به سياسي ڪارڪن جي خلاف ڪي ثبوت آهن يا اُن جو ڪو ڏوهه آهي ته مُلڪي عدالتن ۾ اُنهن جا ڪيس هلائڻ گُهرجن ۽ ڏوهه ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ اُنهن کي سزائون ڏنيون وڃن پر اها انتهائي وڏي ناانصافي ٿيندي جو سنڌ جي سياسي ورڪرن کي اغوا ڪري گُم ڪيو وڃي ۽ پوءِ سنڌ اُنهن جا لاش روڊن، رستن تان ميڙيندي رهي. اهو رويو هن مُلڪ جي اندر سياسي ڪارڪنن سان لڳاتار رکيو ويو ته اُن جا نتيجا ايترا بُرا ۽ خطرناڪ نڪري سگهن ٿا جنهن جي نتيجن کان هن مُلڪ جو وجود به خطري ۾ پئجي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته جيڪي گهر لڳاتار لاش وصول ڪري رهيا آهن اُهي هن مُلڪ جي وجود کان پري بيٺل آهن. جيڪڏهن اهو سلسلو اڃان جاري رهيو ته پوءِ سنڌ جو اڪثريتي عوام وفاقي ايڪي واري ڇٽيءَ هيٺ رهي نه سگهندو.