موڪلاڻيءَ جي موسم ......!!!
اهڙي غمگين خوشبوءِ گُلاب جي انهن پنکڙين مان اچي رهي هُئي، جيڪي اسان جي نامور دوست مٿان اُن جا دوست ۽ مائٽ نڇاور ڪري، هُن جي جوانيءَ جي لهي ويل سج جي ماتم ۾ ڏُک جي چادر ويڙهي ويهي رهيا هُئا. اهو عاشق جيڪو هر اسٽيج تي سنڌ جي جوانيءَ جي شاعر حسن جا گيت ڳائيندي مسڪرائيندو هو. پر سچ اهو آهي ته عاشق جڏهن حسن جي شاعري پڙهندو هو ته مونکي اُن جي مُسڪراهٽ پويان به درد جون نراليون گهٽائون نظر اينديون هُيون.
عاشق سان منهنجي پهرئين مُلاقات، ائين ياد آهي جيئن ڪو انسان پنهنجي دل جي ڪُنڊ ۾ پهرين محبت جون ڳنڍيون مرڻ گهڙيءَ تائين به سنڀالي رکندو آهي. عمر جي اها حد جڏهن انسان جي ياد داشت مٿان الزيمر جي مرض جو حڪم هلندو آهي. پر پوءِ به هُن کان الزيمر جو مرض پهرئين پيار جي ياد ڦُري ناهي سگهندو. پريس ڪلب حيدرآباد ۾حسن درس جي ياد ۾ تعزيتي ريفرنس هو ۽ هُن جو تعارف ڪرائيندي اسٽيج سيڪريٽريءَ اعلان ڪيو ته “هاڻي حسن جي شاعريءَ جو حافظ عاشق انصاري حسن جي شاعري ٻڌائيندو” پنڊال خاموشيءَ سان حسن جي شاعريءَ ۾ گُم ٿي ويو.
محبت جي سوڙهين گهٽين مان
وڃي هو جي نڪتو ته واپس نه موٽيو.
چون ٿا ته اُن رات برسات پئي هُئي
۽ کنوڻ جا به گهوڙا پئي هڻڪيا هوا ۾
۽ آخري سٽون پڙهڻ لڳو......
جتي زندگي پئي ڪئي ميزباني
اُتي زندگي خود به مهمان ٿي وئي.....!
زندگي جي ميزباني ۽ مهمانيءَ جي وچ ۾ فاصلو ئي ڪيترو آهي؟!!! ايترو جيترو حسن جي حياتي، اي جي چانڊيو جي موڪلاڻي ۽ عاشق انصاري جو اوچتو وڇوڙو. مونکي تمام گهڻي تڪليف ٿيندي آهي. انهن انسانن کي مرحوم چوڻ، جن کي اڃان جيئڻو هو. جن جي حياتيءَ جا گُل ٽڙڻ کان اڳ ئي مُرجهائجي وڃن ٿا.
عاشق سان پهرئين تعارف جو سبب ته حسن درس ئي بڻيو هو پر پوءِ تفصيلي تعارف جو سبب اين آر ايس پي جو ادارو هو. پر تعزيت ڪرڻ دوران خبر پئي ته عاشق جي وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر علم الدين انصاري سان ته 1996ع کان دوستيءَ جو رشتو رهيو هو. جڏهن ايل ايم سي ۾ اسان جا کوڙ سارا ٻيا دوست به هوندا هُئا ڊاڪٽر مُراد قريشي، ڊاڪٽر حسن سومرو، ڊاڪٽر نياز ڪيريو ۽ اهو جزباتي دوست ڊاڪٽر قادر ابڙو جيڪو اسلام آباد ڏانهن اڏام ڪندڙ ايئر بليو ڪريش ۾ اسان جي اکين کان اوجهل ٿي ويو. ان جو مطلب ته عاشق سان منهنجو رشتو هاڻ جو نه هو پر هو اسانجي پُراڻي دوست جو ننڍو ڀاءُ به هو.
سرد هوائن جي موسم ۾ عاشق پنهنجي پيارن جي ڳلن تي گرم ڳوڙها ڏئي، اوچتو الوداع چئي هليو ويو. ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته عاشق لاڙ کي ڪهڙي اک سان پئي ڏٺو.. هُن ايتري ننڍڙي عمر ۾ دوستن جو جيڪو وسيع حلقو ٺاهيو هو. ڇا عاشق انهن وانگر ئي لاڙ تي لهندڙ سج کي پئي ڏٺو؟؟ هو ڪو شاعر نه هو.... ڏسڻ ۽ سمجهڻ واري اک شاعرن جي معصوم دلين ۾ رهندي آهي. اها حقيقت آهي پر هڪ دل اها به هُئي جيڪا تمر فقير جي سيني ۾ ڌڙڪندي هُئي. عاشق جي سيني ۾ به هڪ تمر فقير رهندو هو جنهن لاڙ جي پکين ۽ ماڻهن سان ائين پيار ڪيو جيئن دنيا جا شاعر ڪندا آهن. هسپانوي شاعر پابلو نرودا جي نظم آهي ته:
۽ مان اونداهيءَ ۾تيز هوائن ۾
پنهنجي وڃايل ستياگو کي ڳولي رهيو آهيان.
اهڙي طرح اُهي اکيون جيڪي هاڻ عينڪ کانسواءِ منظرن کي مناسب انداز سان نٿيون ڏسي سگهن. انهن کي ته فوڪل چشمي سان به اها بدين نظر نه ايندي جنهن کي عاشق پنهنجي اکين سان ڏٺو هو.
الجھنے لگیں شعلیں آندھیوں سے
سلجھنے لگے گا کل شب رفیقو۔۔۔۔۔
عاشق کان پوءِ ائين لڳي رهيو آهي ڄڻ محبت جو دور مردهه گُلن جي سيمفوني بڻجي چُڪو آهي ۽ اُن جا سُڏڪندڙ سُر عاشق جي تدفين جي رسمن دوران فضا ۾ گونجندا رهيا. جهڙي طرح ڳوڙهن جو ڪو رنگ ناهي هوندو اهڙي طرح محبت جو به ڪو رنگ ناهي هوندو. وڇوڙي کان ٻه ڏينهن پهرين هُن شهيد فاضل جي ورسي جو ذڪر ڪندي پياري اعجاز منگيءَ جي تقرير جي تمام گهڻي تعريف ڪئي ۽ چيو ته مان چاهيان ٿو ته اُن کي بدين ۾ گهرائي فقط اُن کي ٻُڌجي.
مون کِلي چيومانس ته:“ڪڏهن کان محبوب مَٽائڻ سکيو آهين؟” چيائين “ڇا مطلب؟” مون چيو ته: “حسن تنهنجو محبوب هو. هاڻ وري تقرير کان متاثر ٿي اعجاز کي محبوب پيو بڻائين؟؟”
مسڪرائي چيائين “سائين حسن شاعر هو ۽ اعجاز ڪالم نگار آهي. ٻئي وڻن ٿا.” پوءِ اسان ٻئي به کلي پياسين.
هاڻ سوچيان ٿو ته سرد هوائن سان گڏ موڪلاڻيءَ جي مُند ۾، عاشق جون اهڙيون ڳالهيون ڏکن جي گهڙين ۾ حوصلو به ته ڏين ٿيون. اهڙي حوصلي جي خوشبو جيڪا رُڳو بارش جي ڦڙين سان ڪڍڻ جي چيڪي مِٽيءَ مان ئي ايندي آهي.