ڪُوفي جهڙي شهر ۾ فرشتن جهڙو انسان....!!!
اُها اسلام آباد جتي هاڻ 80ع جي ڏهاڪي واريون حالتون ئي ناهن رهيون، نه ئي اُتي سنڌ جا رهندڙ امير ماڻهو سنڌ مان پُهتل بيروزگار نوجوانن جي مدد لاءِ ڪو مُتحرڪ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. جتي هاڻ ميٽرو سروس جون سهولتون به مُيسر آهن. جتي هاڻ گدڙ غائب ۽ سنڌي اڪثريت ۾ آهن. ليڪن سنڌين جي ادبي سرگرمين جي آڙ ۾ وطن دوست سياسي جدوجهد رُڳو ماضيءَ جو خُواب بڻجي وئي آهي. اهڙي صورتحال مجموعي طور سڄي سماج جي آهي. جتي نظرياتي سياسي سرگرميون ناپيد بڻجي ويون آهن. اُن جا سبب ۽ ڪارڻ ته ڪيترائي آهن. جنهن موضوع تي ڌار لکي سگهجي ٿو. ليڪن هن مضمون جو مقصد سنڌ جي اهڙي ڪردار جو تعارف آهي. جنهن پاڪستان جي وفاقي گاديءَ واري شهر ۾ وطن دوست سياسي جدوجهد کي تمام گهڻو مُتحرڪ رکيو.
قُربان بلوچ، جنهن پنهنجي گهر کي نه رُڳو اوطاق بڻايو پر اُهو گهر هڪ اسٽڊي سرڪل ۾ تبديل ڪري ڇڏيائين. ظفر جوڻيجي کان وٺي، آصف بالاديءَ تائين ۽ هاشم لغاريءَ کان وٺي روشن جوڻيجو تائين ان ڳالهه جا ڪيترائي دوست گواهي ڏيندا ته قُربان بلوچ اُنهن ڪردارن مان هو. جيڪي نوجوانن کي سياسي ۽ ادبي ڪتابن تائين پُهچ جو ذريعو بڻبا آهن ۽ وطن دوست سياست کي پنهنجو ڌرم تصور ڪندا آهن. مُنهنجي به اُردو، سنڌي ۽ انگريزي ادب جي وڏن نالن سان واقفيت قُربان بلوچ سان ويجهڙائپ هُئڻ سبب بڻي. اُهو دور سنڌ ۾ قومي عوامي شعور جي عُروج جو دور هو. جڏهن سياسي پارٽيون ٻاراڻين تنظيمن تي ائين محنت ڪنديون هُيون جيئن هاري فصلن تي ڪندا آهن. اُنهن سياسي نرسرين جي سنڀال پارٽيون ذميوار مالهين وانگر ڪنديون هُيون. اُنهن جي سياسي ۽ ادبي نصاب جا فيصلا پارٽين جي مرڪزي اجلاسن ۾ طئي ڪيا ويندا هُئا. ليڪن جڏهن سياسي پارٽين ٻاراڻين تنظيمن جي نرسرين جا بُنياد ئي اُکيڙي ڇڏيا. تڏهن مذهبي جماعتن کي وٿي مِلي. جن سياسي پارٽين جي ڪمزور قلعن مٿان پنهنجا جهنڊا چاڙهي جهادي جُنوني ذهنيت جي نرسرين کي پاڻي ڏئي وڏو ڪيو. نتيجي طور نه فقط بُنياد پرست ذهنيت کي هٿي مِلي پر ٻئي پاسي سنڌ جي سياسي پارٽين جي اندر موقعي پرست ورڪرن جو وڏو انبوهه شامل ٿي ويو. جنهن سان سنڌ ۾ نظرياتي سياسي قيادت جي پئدا ٿيڻ ۽ سماج کي سياسي ۽ سائنسي انداز سان ڏسندڙ اکين اڳيان اوندهه اچي وئي. اُها سياسي خودڪشي سياسي پارٽين پنهنجي سياسي اڻڄاڻائيءَ سبب ڪئي يا شعوري طور تي اُنهن سنڌ مان سياسي نرسرين جو خاتمو آڻي جُنونيت کي جاءِ ڏيڻ جو موقعو فراهم ڪيو، سا ته خبر ناهي. ليڪن 1989ع جي ابتدائي سالن ۾ جڏهن القاعدهه جو نيٽ ورڪ چند مُلڪن تائين محدود هو ۽ اُن تنظيم جي طاقت کي ايتري پذيرائي نه مِلي هُئي. جيتري نائين اليون کان پوءِ مِلي هُئي ۽ جڏهن اُسامه بِن لادن آمريڪا لاءِ خطري جي علامت بڻيل نه هو. تڏهن قُربان بلوچ بن لادن جي تصوير هڪ رسالي ۾ شايع ٿيل ڏسي، چيو هو ته: “ هي ماڻهو دُنيا ۾ جُنوني جهادين جا بُنياد رکڻ پيو وڃي ۽ اُهو جهادي جذبو ڪيترن مُلڪن کي ساڙي رک ڪندو.” مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن سنڌ ۾ سياسي پارٽيون 80ع جي ڏهاڪي وانگر مضبوط هُجن ها ته شايد جُنوني جذبي کي سنڌ ۾ پنهنجي جاءِ پئدا ڪرڻ جو موقعو مِلي نه سگهي ها. قُربان بلوچ سوويت يونين جي ٽُٽڻ کان ڪيترائي سال پهرين جڏهن گورباچوف اڃان گوڏا نه کوڙيا هُئا. تڏهن سياسي اڳڪٿي ڪندي چيو هو ته: “سوويت رياستون گڏجي هلي نه سگهنديون ۽ سوويت يونين روس بڻجي رهجي ويندو.” شهيد مُرتضى ڀُٽو جي پُراڻي ساٿي علي احمد پليپوٽو سان هڪ سياسي ڪچهريءَ دوران هُن “لال مسجد آپريشن” تي سياسي تبصرو ڪندي چيو هو ته: “مُشرف سرڪار نائين اليون جي واقعي کان پوءِ آمريڪي دٻاءَ جو شڪار آهي. هاڻ ويٺا ڏسجو ته خودڪش بمبارن جون فيڪٽريون هن مُلڪ جي اندر اهڙي باهه ٻارينديون جو هي مُلڪ سيڪيورٽي رِسڪ بڻجي ويندو.” مان ڪيترائي ڀيرا هُن جي سياسي بصيرت ۽ سمجهه کي داد ڏيندو هوس. جيڪو اسلام آباد جهڙي سازشي شهر ۾ ويهي سياسي سرگرميون جاري رکندو هو. اڄ جڏهن هُن جي ياد، دل جي صحرا مٿان خاموشيءَ سان اچي خيما کوڙيا آهن. تڏهن قُرت العين حيدر جو ناول “آخرِ شب ڪي همسفر” ياد اچي وڃي ٿو. ائين لڳي ٿو ڄڻ اسلام آباد جي سُندر بن ۾ هُو ڪٿي رُوپوش آهي. جڏهن به مُئل سياسي زندگي مُتحرڪ ٿيندي ۽ جڏهن به اسلام آباد جا سنڌي اڪيلائيءَ جي احساس ۾ وڪوڙجي ويندا ۽ جڏهن به سنڌ جا نوجوان سياسي ادبي نصاب واري نظرياتي واٽ تي اڪيلا بڻجي رهجي ويندا. تڏهن قُربان بلوچ موٽي ايندو ۽ ادبي سنگت جي آڙ ۾ سنڌ جي وطن دوست سياسي فڪر جو پرچم کڻي بيهندو ۽ اسان سڀ اُن پرچم جي ڇانو ۾ نئين سياسي صبح جا مُنتظر هونداسين. تڏهن اسلام آباد سازشي شهر هوندي به اڪيلو هوندو. پر سنڌ پنهنجي معصوم سچاين سان هُجومن ۾ هوندي. ڇاڪاڻ ته قُربان بلوچ به اسلام آباد جي اڪيلي سنڌ ۾ هڪ وڏو سياسي هُجوم هو.