تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سياست جو صحرا

ڪتاب ”سياست جو صحرا“ جو ليکڪ محترم لطيف جمال آهي. اعجاز منگي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
مان سوچي رهيو آهيان ته:
”ڇا لطيف جمال پين کي پستول وانگر استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟“
هن ڪتاب ۾ ڪجهه ڪالم انهن اداس فائرن جهڙا آهن، جيڪي اونداهي رات جي آسمان جي ڇاتي ڇاڻيندا رهندا آهن!
۽ ڪجهه ڪالم انهن نه هلي سگهيل گولين جهڙا آهن، جن کي مايوس باغي، لاڪيٽ بڻائي ان ڳچيءَ ۾پائيندا آهن، جيڪا سڄي زندگي ڪنهن احساسِ جُرم جي بار سبب جُهڪيل رهندي آهي!
  • 4.5/5.0
  • 3500
  • 923
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • لطيف جمال
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سياست جو صحرا

اَڪن تپڻ کان ٿڌڙيءَ ڇانو تائين....!

مئي جي مُند ۾ آخرڪار اُن جي اکڙين جون پنبڻيون به پُورجي ويون. جنهن کي سنڌ جي قومپرست سياست جو نه رُڳو ستارو ئي سمجهيو ويندو هو پر سنڌي ادب جي آسمان تي ستارن جون ڄڃون ساڻ کڻي هلندڙ اهڙو چمڪندڙ چنڊ به سمجهيو ويندو هو. جنهن سنڌي ادب کي قومپرست سياسي نظريي سان هميشه لاءِ سلهاڙي ڇڏڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. جڏهن سنڌ سان عشق هُن جي دل مٿان لاڙ جي هوائن وانگر لٿو هو ۽ اُتر جي آرهڙ ۾ تندور بڻجي تپيو هو. تڏهن هُن مسجد جا محراب ڇڏيا هُئا ۽ سن جي مِٽيءَ سان پنهنجي ماٿي مٿان تلڪ لڳائي ڇڏيو هو. هُو مذهبي طرز جي تعليم کي الوداع چئي وطن سان مُحبت واري رِشتي ۾ ڳنڍجي ويو. اُهو رِشتو ايترو انوکو ۽ نرالو ثابت ٿيو هو جو سندس ڪمزور جسم رياست جون سموريون صعوبتون نه رُڳو سولائيءَ سان سهي ويو پر عشق ۽ ايمان جي سلامتيءَ واري واٽ تي آخر تائين بيٺل رهيو. جنهن کي اذيتن جا وڏا طوفان به هٽائي نه سگهيا. خليفي نبي بخش جي انهن سِٽن وانگر ته:
“ويا اُڏامي ڪَکَ پِڙ تان پهڻ نه چُري.”
هُو جنهن لاءِ سنڌ جا اديب ۽ سياستدان ٻن حصن ۾ ورهايل رهيا ۽ آخر تائين ڪو حتمي فيصلو ڪري نه سگهيا ته عبدالواحد آريسر اديب آهي يا سياستدان؟ پر جڏهن به ان موضوع تي بحث ٿيا آهن. تڏهن مونکي سارتر جون اِهي سِٽون ياد آيون آهن ته: “جهڙي طرح هر سُٺو سياستدان سُٺو اديب ناهي هوندو. اهڙي طرح هر سُٺو اديب، سٺو سياستدان هوندي به ڪامياب سياستدان ناهي هوندو.” عبدالواحد آريسر سُٺو اديب هوندي ڪامياب سياستدان هو يا نه؟ اُهو فيصلو ته تاريخ ڪندي. ليڪن هُو سنڌ جو “وان گوگ” ته ضرور هو. جيڪو سنڌ جي اتهاس کي پنهنجي لفظن جي رنگن سان ڀريندو رهيو ۽ لفظن جي بُرش سان تصويرون ٺاهيندو رهيو ۽ سنڌ کي پنهنجي تقريرن ۽ تحريرن سان نِت نوان رابيل آڇيندو رهيو. هُو جيڪو سنڌ جي جديد قومپرست سياسي فڪر جو پهريون پرچارڪ هو. جنهن پنهنجي زخمي پيرن سان سنڌ ۾ پنڌ ڪيا هُئا ۽ عوامي شعور جو ڏياٽيون ٻاريون هُيون. جيڪڏهن ڪو هُن جي پيرن جي ٿَڪ کي محسوس ڪري سگهي ٿو ته اُهو فقط جُمن دربدر ئي ٿي سگهي ٿو. جنهن هُن سان گڏ قومپرست سياسي فڪر جي ڦهلاءَ خاطر شُروعاتي پنڌ ڪيا هُئا. لارين ۽ بسن ۾ ڳائي پئسا گڏ ڪرڻ کان وٺي رُوپوشيءَ جي رهزن راتين تائين آريسر جي جدوجهد تي لکبو ته ڪيترائي ڪتاب لکي سگهجن ٿا. جڏهن به کيس مدهوش حالتن ۾ مُلڪ جي مهربان طاقتن کنڀي کنيو هو. تڏهن هِن جي حصي ۾ جسماني تشدد کان سواءِ رُڳو نفس جي ذِلتن جهڙين صعوبتن جا پهاڙ آيا. نيلسن منڊيلا، هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته: “مون لاءِ جسماني ۽ ذهني تشدد ڪا به معنى نٿا رکن، ليڪن جنهن تشدد ۾ ذِلت جو احساس محسوس ٿيندو آهي، اُهو تشدد ناقابلِ برداشت هوندو آهي.” ليڪن آريسر جي حصي ۾سڀئي اذيتون آيون. دوستن جي دوکن ۽ سياسي سازشن کان وٺي رياستي تشدد ۾ ذلتن جي عنصرن تائين. ليڪن هُن هر مُصيبت کي ائين چئي سَٺوته: “غلاميءَ ۽ محروميءَ جهڙي غليظ، دُنيا ۾ ڪا ٻي گار پئدا ئي ناهي ٿي.” اُهو ئي سبب آهي جو هُن لاءِ قيد ۽ صعوبتون بي معنى بڻجي وينديون هُيون. هُن کي جڏهن ڏهاڪو سال پهرين قاسم آباد مان کنڀيو ويو هو ته هُن سا اهڙو ئي لقاءُ ڪيو ويو هو. کيس حيدرآباد کان ٻاهر تشدد ڪرڻ کان پوءِ ننگو ڪري ڇڏيو ويو هو. تشدد جون اهڙيون ڪيتريون ئي ذِلتون هُن جي حصي ۾ آيون ۽ هُن مظلوم قوم سان ٿيندڙ سمورين تعدين کان واقف هوندي صبر سان سَٺيون. غالب جي ان شعر وانگر ته:
هم ني مجنون په لڙڪپن مين اسد
سنگ اڻهايا تها ڪه سر ياد آيا

(اسد اسان ننڍپڻ ۾ مجنونءَ تي، پٿر هٿ ۾ کنيو هو ته پنهنجو مٿو ياد آيو.)
عبد الواحد آريسر جڏهن سنڌ جي قومپرست سياست ۾ پير پاتو هو تڏهن سنڌ جي قومپرست ۽ وطن دوست سياست جي واٽ وارو سفر تلوار جي تِکيءَ نوڪ مٿان پنڌ ڪرڻ جي برابر هو. جنهن واٽ تي هلڻ وارن کي خبر هُئي ته ٽِڙڻ جي موسم کان اڳ ڇڻڻ جي موسم اُنهن جو مُقدر بڻجي سگهي ٿي. ليڪن اُميد جي ڪُنواري آڱر پڪڙي هُو وطن دوست سياست سان وفائن جا وچن وڇوڙي جي وڍ ڏيندڙ وقت تائين نڀائيندا رهيا. اُن ڏينهن جڏهن آريسر صاحب جو جسدِ خاڪي حيدرآباد جي باءِ پاس وٽان گُذري رهيو هو ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جي گود ۾ هميشه سُمهي پوڻ لاءِ سفر ۾ هو. تڏهن اُن جي پارٽيءَ جا ورڪر هڪ نعرو هڻي رهيا هُئا ۽ اُن نعري جي وراڻي هُئي....آريسر.... آريسر....!. خبر ناهي ته آريسر صاحب اُن نعري جي پهرين سِٽ هو به يا نه؟ ليڪن هُو سنڌ جي قومپرست سياست جو هڪ اهڙو ڪردار هو. جنهن نه رُڳو سنڌ جي نوجوانن ۾ سياسي سحر ۽ رُومانس کي زندهه ڪيو. پر کين نظرياتي سياسي سگهه ڏني. جيڪا سگهه سنڌ دُشمن طاقتن جا قلعا ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪافي هُئي. اها حقيقت آهي ته سنڌ ۾ سائين جي ايم سيد جي نظرياتي رستي کي آريسر جي سيني ۾ ڌڙڪندڙ دل، مُحبِ وطن مُقرر ۽ مُدبر چاچا حفيظ قريشي ۽ شهيد بشير خان جهڙو سرڪش عوامي سياسي انداز حصي ۾ نه اچن ها ته سيد جي سياسي واٽ پاسي وڏي اڪثريت ۽ اُن جي حصي ۾ ايتري وڏي مقبوليت اچي نه سگهي ها. جيتوڻيڪ سائين جي ايم سيد پنهنجي دور جي وڏين سياسي پارٽين ڪانگريس، مُسلم ليگ ۽ پوءِ عوامي ليگ جهڙين پارٽين جي پليٽفارمن تان ڪم ڪري چُڪو هو ۽ نالي واروسياسي اڳواڻ هو، جنهن جي سياسي مقبوليت ۾ ڪو به شڪ نه هو. پر 1970ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن سيد پنهنجي الڳ سياسي نظريي ۽ واٽ جو تعين ڪيو هو. تڏهن سيد سان سياسي ساٿ نڀائڻ جا وچن ڪندڙ سندس ساٿي، کيس اڪيلو ڇڏي ويا هُئا. ڇاڪاڻ ته کين خبر هُئي ته سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد تي هلڻ رُڳو ڏيڻ ۽ حاصل ڪُجهه به نه ڪرڻ جي برابر آهي. اجتماعي حاصلات جو انتظار سياستدانن کان ناهي ٿيندو. اُهي وطن جي اجتماعي مُفادن خاطر انتظار ڪرڻ لاءِ تيار نه هُئا. ليڪن جن ماڻهن سيد سان ساٿ نڀائڻ ۽ اُن جي نظرياتي سياسي واٽ تي هلڻ لاءِ پُرخطر رستن جو تعين ڪيو. تن ۾ هڪڙو عبدالواحد آريسر به هو. جنهن سيد ۽ سنڌ سان هڪ واعدو ڪيو. واعدا جيڪي هِن مُلڪ جي موجودهه سياسي انداز ۾ ڏٺا وڃن ته اُنهن جي وفا امڪانن کان ٻاهر نظر ايندي. ليڪن آريسر صاحب ڪنهن ڀريل جلسي ۾ هزارن جي هُجوم اڳيان هڪ واعدو ڪيو هو ته: “اي بکر جي اونداهي کوهه ۾ ارغونن هٿان ڪرندڙ ڌاريجن جي حُب الوطني ۽ اياز جي لازوال شاعري! اوهان سڀ سُهاڳ رات جي گيت وانگر آواز ٿي ساکي رهجو ته اسان جي نيت ۾ ماڪ ڦُڙن جي معصوميت ۽ اسان جي عمل ۾ تقدس هميشه رهيو آهي. اسان ڪڏهن به مڻيي تي موهجي نه ويا آهيون، اسان ڪڏهن به طلب جي تنوار نه ڪئي آهي، اسان ڪڏهن به استقبالي جُلوسن خاطر سنڌ نه وِساري آهي.” جيڪڏهن آريسر صاحب جي سياسي زندگيءَ ۽ عمل کي ڏسبو ته هُن ڪڏهن به سياسي سوداگرن وانگر مڻيي تي موهجي سنڌ جي اجتماعي سياسي مُفادن جا سودا نه ڪيا. نه ئي طلب جي تنوار ۾ سنڌ کي وِساريو. هُن الوداع کان هڪ ڏينهن پهرين به سنڌ جي نوجوانن کي مُتحرڪ رهڻ ۽ مايوس نه ٿيڻ جهڙو بيان جاري ڪيو. هُو جيڪو سنڌ جي قومي تحريڪ جي وڏي اڪثريت جوسياسي تربيت جي حوالي سان اُستاد به رهيو جيڪو علالت جي پڇاڙڪن پهرن ۾سج جي آخري لڪير بڻجي لهي رهيو هو ۽ شام جي اُداس پاڇن وانگر بڻجي پيو هو. تڏهن به هُن جي چپن تي ٽڙندڙ ڪنولن جهڙي مُرڪ هُئي. هُو جنهن پنهنجي ناڪامين سان به مُحبت ڪئي هُئي. ڇاڪاڻ ته هُن سياست جي شروعات فتح جي حاصلات لاءِ نه ڪئي هُئي. پر ان وچن سان ڪئي هُئي. جنهن لاءِ ڊاڪٽر چِي چيو هو ته: “اسانجا لاشا اسانجي فتح بڻجي ويندا.” طويل علالت کان پوءِ هُن جو وڇوڙو سنڌ جي قومي تحريڪ لاءِ ته وڏو صدمو آهي پر خود سنڌ اهڙي انوکي سياسي ڪردار کان محروم ٿي وئي آهي. جيڪو هڪ ئي وقت ادب ۽ سياست جو سنگم محسوس ٿيندو هو. جيڪو شاعريءَ کي چاهه سان ٻُڌندو هو. جنهن وٽ راڳ جا پنهنجا رنگ هُئا. جنهن وٽ مُحبت جون پنهنجون معنائون هُيون. جيڪو سنڌ جي قومي سياست جي هڪ ڪرڻي وانگر محسوس ٿيندو هو. هُو جيڪو قومي تحريڪ جو غريب اڳواڻ هو. جنهن سياست کي سِڪن جي حاصلات لاءِ ڪڏهن به استعمال نه ڪيو. مون جڏهن هِن قومي ڪارونجهر جون اِهي سِٽون پڙهيون جيڪي هُن “روح جا ريلا” ڪتاب ۾ لکيون هُيون. تڏهن ڪيتري وقت تائين مُنهنجون اکيون ڀِنل رهيون هُيون. هُن لکيو آهي ته: “جڏهن کيس برسات اخبار ۾ لکڻ جو معاوضو هڪ ئي وقت ڏهه هزارن جي صورت ۾ مليو هُو ته ايترا پئسا ڏسي حيرت ٿي هُئي ائين محسوس ٿيو هو ڄڻ قارون جو خزانو مِلي ويو هُجي. ڇاڪاڻ ته ايترا پئسا مون زندگيءَ ۾ نه ڏٺا هُئا. پوءِ مان عمر ڪوٽ پُهچي، جن قومي ڪارڪنن کي پاڻ کان به غريب سمجهندو هوس اُنهن کي پنج پنج سو رپيا ڏنا هُئا ۽ زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو مارڪيٽ مان گوشت وٺي گهر ويو هوس.” اُهو آريسر صاحب جنهن جي نالي تي ڪيترائي قومي اڳواڻ ارب پتي بڻجي ويا. ليڪن هو قومي تحريڪ جو آخري وقت تائين غريب اڳواڻ رهيو. جنهن جو دامن سُفيد کير وانگر اڇو هو. سو لحد ۾ لاٿو ويو ۽ ڌرتيءَ جي گود ۾ هميشه لاءِ وڃي آرامي ٿيو. مئي جي پُورنماس راتين واري چانڊوڪي هُن جي آلي قبر مٿان پنهنجي چپن جون پنکڙيون رکندي ۽ مُسڪرائي موٽي ويندي. ليڪن عبدالواحد آريسر جو پنڌ اڃان جاري رهندو. لُڪن لڳڻ ۽ اَڪن تپڻ کان وٺي آزاديءَ جي ٿڌڙي ڇانو تائين....!!