مونسين هلي سا، جا جيءُ مِٺو نه ڪري.....!
اڄ جڏهن سن ڏانهن ويندڙ قافلا اُن ڪتاب جهڙي قبر مٿان بيهي، نِڙين ۾ اٽڪي پيل سُڏڪن کي روڪي کيس ياد ڪندا، تڏهن اُهو عاشق کين ضرور ياد ايندو، جنهن جي دل مُلڪن جيڏي موڪري هُئي. جنهن جي سوچ عظيم آدرشن وانگر اُوچي هُئي. جنهن جي سرڪش سياست کي ڪا صيهوني سوچ جُهڪائي نه سگهي. جُهڪي اُهي سگهندا آهن، جن جون دليون ڪمزور هونديون آهن، ليڪن هُو ته بغاوت جي باهه جو اهڙو بُت هو، جنهن کي جُهڪائڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هُئي. هيمنگوي جي ناول The old man” and the sea” ۾ لکيل اُهي سِٽون سيد کي سمجهڻ لاءِ ڪيتريون نه سوليون آهن.A man can be destroyed but not defeated(هڪ ماڻهوءَ کي ختم ته ڪري سگهجي ٿو، پر شڪست ڏئي نٿي سگهجي) ائين ئي سائين جي ايم سيد سڄي ڄمار سرڪاري بندشن، قيد ۽ نظر بندين ۾ گُذاري پر شڪست قبول نه ڪئي. هُو جيڪو پنهنجي غلطين جو اعتراف لِکت ۾ ڪندو هو. جيڪو پنهنجي سياسي زندگي ۾ موت کان پوءِ به کُليل ڪتاب بڻيل رهيو. جنهن کي ڪڏهن به ڪورٽ سڳوريءَ بيان وٺڻ لاءِ پاڻ وٽ نه گُهرايو. تاريخ ۾ هميشه ائين ٿيندو رهيو آهي ته سمورن باغي انسانن کي سزائون ٻُڌايون ويون آهن. “ڪنگ رچرڊ 2” هٿان “والٽئر” جو قتل هُجي يا جرمنيءَ جي زندهه ساڙيل “روهرباڪ” يا “سقراط” هُجي يا “اسپارٽيڪس” يا اورنگزيب هٿان “سرمد” شهيد هُجي يا بغداد جي چونڪ تي “حسين بن منصور” جي سنگساري هُجي. ليڪن سڀني باغين کي پنهنجي دور جي ججن جي فتوا ٻُڌڻي پئي هُئي ۽ پوءِ کين تجويز ٿيل سزائون ڏنيون ويون هُيون. ليڪن سيد پنهنجي پڇاڙڪن ڏينهن تائين به عدالتي بيان ڏيڻ لاءِ آتو رهيو. پر هُن کي ٻُڌڻ لاءِ ڪو به جج تيار نه هو. هُو جيڪو پنهنجي پوئلڳن کي ڪنهن آسري ۾ نه رکندو هو. جنهن جي رستي تي هلڻ وارن کي خبر هُئي ته کين روزگار مِلي نه سگهندو نه ئي کين ڪو ٺيڪو يا بدلين جا آرڊر مِلي سگهندا. پرکين رُڳو رِڻ جو پنڌ ۽ ڏُکن جا ڏونگر پار ڪرڻا آهن. پوءِ به ماڻهو هُن سان پيار ڪندا هُئا. هُو ڪنهن کي به ڪو ڪُوڙو آسرو نه ڏيندو هو، نه ئي کين پنهنجي پويان هلڻ تي مجبور ڪندو هو. پر پوءِ به سڄي سنڌ کان نوجوانن جا قافلا اُن سن پاسي سُرڪي ايندا هُئا. ڄڻ سن اُنهن جي آٿت هُجي. هُو هر بار پنهنجي ورڪرن کي سمجهائيندو هو ته: هي سفر سولو ناهي. پُلصراط جو پنڌ آهي.
“مونسين هلي سا، جا جيءُ مٺو نه ڪري.” (شاهه).
پر جن کي جيءُ مٺو نه هوندو هو، سي سيد جي فڪري رستي واري واٽ وٺڻ تي فخر محسوس ڪندا هُئا. اڄ جڏهن هِن مُلڪ سميت سڄو ايشيا ۽ آفريڪا جُنوني جهادين کان ڪنبي رهيو آهي. جنهن جي لهر هاڻ يورپ ۾ به پنهنجي ڀيانڪ صورت سان لٿي آهي. فرانس، پيرس ۽ جرمنيءَ سميت اڪثر مُلڪ انتها پسند جهادين جي نشاني تي اچي ويا آهن. تڏهن سيد جا لکيل ڪتاب دُنيا جي پرڏيهي وزارتن ۾ ويٺل اُن ٿنڪ ٽينڪ کي ضرور پڙهڻ گُهرجن، جيڪا ٿِنڪ ٽينڪ ماضيءَ جي پاپ جهڙين پرڏيهي پاليسين تي پڇتائي رهي آهي. پر ڇا اِهو سچ ناهي ته چار ڏهاڪا پهرين سيد جيڪي سياسي تجزيا ڪيا، اڄ تجربي جي صورت ۾ سامهون ڏسي رهيا آهيون. اِها ئي سيد جي وڏي عظمت آهي. اڄ به جڏهن هوائون وار کولي سيد جي ڪتابن جا پنا اُٿلائين ٿيون، تڏهن ساهن جي سِتار وڄڻ لڳي ٿي ۽ سيد پنهنجي ڪتابن ۾ روشنيءَ جو مينار بڻجي چمڪڻ لڳي ٿو. ڪاش! سيد جي ڪتابن جي سگهه سنڌي ماڻهو سمجهي سگهن...!!!