وڃين ڀونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين.....!!!
نصرت ڀٽو جنهن شهيدڀٽو جي شهادت کانپوءِ هڪ گهڙي به سُک سان نه سُتي. جنرل ضياءَ خلاف هلندڙ ايم آر ڊي تحريڪ، ۽ پنهنجي پٽ شاهنواز جي شهادت کانوٺي مير بابا جي موڪلاڻيءَ تائين هن جي حصي ۾ رُڳو اُداسيون آيون. مارشل لاءَ جون مصبتون ته هُن جي صدائن کي سوگهو ڪري نه سگهيون پر سياست جي صحرا ۾ جهڙي طرح هُن پنهنجي پيارن کي پُسيل اکين ۽ نيڻن جي ندين سان الوداع چئي ڳڙهي خدابخش جي جهوليءَ حوالي ڪيو.اهڙو امتحان ته فقط هن ايراني عورت جي حصي ۾ آيو. جنهن نه فقط ڀٽو سان پنهنجي وفا جو اُهو وچن نڀايو جيڪو وچن هن پنڊي جيل جي سلاخن مان هٿ وڌائي ڀٽو سان ڪيو هو ته: “جيڪڏهن ضياءَ هن جي مڙس کي شهيد ڪندو ته عوامي سمنڊ ۾ اُهو طوفان ايندو جنهن آڏو ضياءَ جي بچيل باقيات به بيهي نه سگهندي.” ۽ پوءِ هن عورت عوام سان گڏ ضياءَ خلاف ڀرپور جدوجهد ڪئي. ان جدوجهد جي رڻ ۾ هن عورت جي مٿي تي لٺيون وسائي کيس زخمي ڪيو ويو. مسلسل جيل ۽ نظربنديون ماءُ ۽ ڌيءُ جو مقدر رهيون پر هُنن ڪڏهن به عوامي جدوجهد جي ميدان تي عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو. سوڳواريءَ جي سمورن سلسلن ۾ اُن عوام سان گڏ رهيون جنهن عوام جي پٺين تي ضياءَ مارشل لاءَ ڦٽڪن ۽ ڪوڙن جا نشان ٺاهيا هئا. انهن کي اهو پورو يقين هو ته غلاظتن جي بوٽن سان گُلن جي لتاڙ جي موسم جي پڄاڻي ٿيڻ واري آهي ۽ سڏڪن جي سانجهيءَ کان پوءِ عوامي سونهن جو سج اُڀرڻ وارو آهي.
1988ع واري اُن عوامي راڄ ۾ ماڻهن بينظير ۽ نصرت کان ڪجهه به نه گهريو. انهن لاءِ اهو ڪافي هو ته هي ٻئي عورتون ضياءَ جي ظالماڻي نظام خلاف هليل هلچل ۾ هنن سان گڏ هيون. اهڙي طرح ڀٽو خاندان جي هنن ٻن عورتن شهيد بينظير ۽ نصرت ڀٽو سياست ۾ عوامي سِڪي کي خريد ڪري ڇڏيو. عوام جي غير مشروط محبت جي جيتري سزا هن خاندان جي ورثي ۾ آئي اُن جو وڏو حصو اُن ماءُ جي حصي ۾ آيو جنهن پنهنجي مڙس جي شهادت کان پوءِ طويل سياسي جدوجهد ڪئي پر اُن جدوجهد هن عورت کي ڪڏهن به ڪمزور نه ڪيو ٻن پٽن جي شهادت هن ماءُ جي معصوم دل کي ايترو زخمي ڪيو جو هوءَ طويل علالت جو شڪار ٿي ڪُوما ۾ هلي وئي. جنهن کي آمريڪي تاريخ جي ڪتابن ۾ “گريٽ ڊپريشن” چيو ويندو آهي. اهڙي بيماريءَ جي بستري تي جو کيس پنهنجي سياسي جدوجهد جي ساٿي ڌيءُ جي شهادت جي به خبر پئجي نه سگهي هُئي. جنهن سان هن ڪيتريون راتيون سڏڪن جي مالها ۾ گذاريون هيون. هوءَ جيڪا عوام جي ماءُ هئي سا پنهنجي خاندان ڏانهن آخر موٽي وئي. ان ماءُ لاءِ ئي نزار قاباني جي هڪ نظم آهي ته:
جڏهن بيروت منهنجي جهوليءَ ۾
نيزي سان شڪار ٿيل مڇيءَ وانگر
تڙپي رهيو هو
ان وقت دمشق مان هڪ ڪال آئي
“تنهنجي ماءُ مري وئي”
پهرين ته مونکي اهي الفاظ سمجهه ۾ ئي نه آيا
مڇي هڪ ئي وقت، ٻن جاين تي
شڪار ڪيئن ٿي سگهي ٿي!؟
منهنجو محبوب شهر، بيروت
منهنجي حيرت انگيز ماءُ، فائزه
مان هڪ موت کان،
ٻئي موت ۾ داخل ٿيس.
منهنجي ماءُ
هڪ خدا
هڪ محبوب
۽ هڪ محبت تي يقين رکندڙ عورت هئي
پنهنجي ماءُ جي موت سان
منهنجي قميس ڳوڙهن سان پُسيل هئي
اها قميس جنهن ۾ معصوم نرمي هئي
اها آخري ڇٽي جيڪا ايندڙ سرديءَ جو سهارو هُئي
هاڻي مان گهٽين ۾
اگهاڙو ڦرندي نظر ايندس.....!
اهو عوام اُن سفيد وارن واري ان ماءُ کي ڪيئن ٿو وساري سگهي جنهن پنڊيءَ کان ڪراچيءَ جي ڪلفٽن تائين عوام سان غير مشروط محبت ڪئي هُئي. جنهن پنهنجي ٻارن جون شهادتون آلين اکين سان ڏٺيون هُيون ۽ دل جي اُجڙيل دنيا کي ڪنهن سياسي سهاري کانسواءِ 1996ع ۾ ئي الوداع چئي چڪي هُئي جڏهن مير بابا پنهنجي ڀيڻ جي حڪومت ۾ شهيد ٿيو هو. هڪ “ماءُ” مڙس جي وڇوڙي جو صدمو ٻارن جي سهاري سان ته کڻي سگهي ٿي پر ماءُ لاءِ ممڪن ئي ناهي ته اها پنهنجو پاڻ کي ٻارڙن جي وڇوڙي جي صدمي کي ڪنهن سهاري تي جيئاري سگهي. نصرت ڀٽو شهيد مرتضى کانپوءِ هڪ اهڙي گهري صدمي ۾ هلي وئي جنهن مان موت تائين نڪري نه سگهي.
جيتوڻيڪ نصرت ڀٽو پنهنجي نياڻيءَ سان گڏ آمريت خلاف ويڙهه ڪئي پر ضياءَ جي بچيل باقيات ڀُٽي خاندان جو پيڇو نه ڇڏيو. هن ايراني عورت کي پاڪستان جي اندروني سياسي سازشن جي خبر هُئي پر هوءَ ائين چئي عوام جي سياسي سگهه کي هميشه همٿائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي ته: “شهيد ڀٽو عوامي جدوجهد جو نالو آهي عوامي جدوجهد سان ئي تبديلي ايندي.” پر سياست جي گسن تي سازشن جا وڇايل ڄار ايترا طاقتور هُئا جو نصرت جي نماڻين نظرن کان هميشه ڳجها رهيا ۽ هوءَ پنهنجي جهوليءَ ۾ پنهنجي پيارن جا لاش ميڙيندي رهي. ڪوما ۾ وڃڻ کان پوءِ به 27 ڊسمبر 2007ع واري اُن ڪربلا جهڙي ڪٿا کي محسوس نه ڪري سگهندڙ نصرت عوام سان پنهنجي وفا جو وچن نڀايو ۽ ڳڙهي خدابخش جي مٽيءَ ۾ پنهنجي پيارن سان وڃي ملي. جتي سڀ ان جو انتظار ڪري رهيا هئا.
نصرت ڀٽو هڪ اهڙي عورت جو نالو آهي جنهن شهيد ڀٽو کانپوءِ سياست جي عوامي عاشقيءَ واري سفر جا ڏيئا روشن ڪيا. جتي اڪثر ڀٽو شهيد جا ساٿي ماٺ جي موسم جو شڪار ٿي ويا هئا اُتي فقط ٻن عورتن جيلن ۽ جلاوطنين ۾ به ضياءَ ۽ ان جي ساٿين جون ننڊون ڦٽايون هيون ۽ سياست کي غيرتمند عوام جي امانت سمجهي اُن ۾ خيانت کي ڏوهه سمجهنديون رهيون. جيتوڻيڪ دُک جي دور جي پڄاڻي ته ناهي ٿي نه ئي عوام لاءِ اوڀر کان انوکو سج نڪري نروار ٿيو آهي پر عوام پنهنجي ان ماءُ کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهي جيڪا ماءُ ان لاءِ سياسي اُس ۽ صليبن جي سياهيءَ جو سهارو هُئي.