مُلڪ مان انتهاپسنديءَ جو خاتمو ممڪن آهي؟
ڪرسٽين جي اُن ڪتاب کي جنهن به پڙهيو آهي. سو مُلڪ اندر موجوده سياسي حالتن کي صحيح رُخ ۾ سمجهي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته اهڙين حالتن ۾ جتي اِهو سوال بار بار ورجائجي رهيو آهي ته مُلڪ اندر انتهاپسنديءَ جا بُنياد مضبوط ٿي رهيا آهن. جيڪڏهن ڪرسٽين جي ساڳئي ڪتاب جي 272 کان 275 صفحي تي ڏنل انگ اکرن جو تجزيو ڪنداسين ته شايد ڪنهن به خوشفهمي يا غلطفهميءَ جو شِڪار بڻجڻ کان بچي پونداسين. ڪرسٽين جي مُختلف سوالن جي روشنيءَ ۾ تجزيو ڪنداسين ته مُنجهيل معاملا سُلجهي سگهن ٿا. هُن انگ اکرن جي خاڪن ذريعي سمجايو آهي ته: “ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾، اُهي ماڻهو جيڪي جهاد واري جدوجهد کي پنهنجو ذاتي حق سمجهن ٿا سي پنجاب ۾ پنجابي 15 سيڪڙو آهن.” جڏهن ته: “اُهي ماڻهو جيڪي سمجهن ٿا ته جهاد ويڙهاڪ جدوجهد آهي، تن ۾ پنجابي 28 سيڪڙو سنڌي 18 سيڪڙو آهن. سرڪار اسلامي اُصولن (شريعت) موجب حُڪمراني نه ڪري رهي آهي، واري سوچ جي حوالي سان پنجابي 26 سيڪڙو ۽ سنڌي 14 سيڪڙو ڄاڻايا ويا آهن. جڏهن ته مذهب (شريعت) جو ڪردار موجودهه رياست ۾ وڌيڪ هُئڻ واري سوچ ۾ پنجابي 47 سيڪڙو ۽ سنڌي 23 سيڪڙو آهن.” هُن اهڙن ئي انگن اکرن جي بُنياد تي ڏسيو آهي ته: “اُها سوچ جيڪا چاهي ٿي ته رياست جي اندر شريعت جو نفاذ بدعُنوانيءَ کي وڏي پئماني تي گهٽائي سگهي ٿو اُن ۾ پنجابي 47 سيڪڙو ۽ سنڌي 23 سيڪڙو آهن.” جڏهن ته خيبر پختونخواهه جا انگ اکر ناهن ڄاڻايا ويا ليڪن بلوچستان جا انگ اکر تفصيل سان موجود آهن. هتي اِنهن انگ اکرن ڏيڻ جو مقصد اِهو آهي ته اُها انتهاپسندي جيڪا بين الاقوامي سياست جي ڪُکِ مان نِڪري دُڪا کائي پلجي، جوان ٿي آهي. سا نه فقط هِن مُلڪ لاءِ خطرناڪ بڻجي وئي آهي پر اُن جا پير سنڌ ڏانهن به سُرڪي آيا آهن. سنڌ اندر انتهاپسنديءَ جي واقعن جو طويل سلسلو آهي جنهن ۾ شِڪارپور واري واقعي تي اکيون ٻوٽي ويٺل حُڪمرانن جي بيحسيءَ جو نظر اچڻ ته مُتوقع هو. پر ٻئي پاسي انتهاپسنديءَ خلاف وڙهي ويندڙ ويڙهه جا ڪي نتيجا نِڪرندي نظر نٿا اچن. سنڌ ڪيترائي ڏهاڪا پهرين به يوٽوپيائي خُوابن جي دُنيا ۾ ويٺل نه رهي هُئي نه ئي ان تاثر جو شِڪار هُئي ته صوفياڻي سرزمين تي انتهاپسند قُوتون ڪات کڻي، انسانن جا ڪنڌ لُڻي نٿيون سگهن. سنڌ جي ساڃاهه پهرين به سُتل ڪونه هُئي نه ئي ڪڏهن سُتل رهي آهي. جيڪا بين الاقوامي سياست جي گود ۾ پلجندڙ انتهاپسنديءَ جي بُرن نتيجن کي سمجهي سگهڻ کان قاصر رهي هُجي. حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته جڏهن به هزاره برادريءَ جو رت وهيو آهي ته اُن خُون کي پنهنجو سمجهي سنڌ رستن تي نِڪتي آهي. پِشاور سانحي تي سنڌ ئي هُئي، جيڪا شٽربند هڙتال سان گڏ، انتهائي سوڳ ۾ سُتل هُئي. ليڪن شڪارپور سانحي تي نه ڪوئٽا ۾ هزاره برادريءَ ۾ هلچل نظر آئي، نه ئي پِشاور ۽ پنجاب ۾ ڪنهن عورت جون اکيون آليون نظر آيون. سنڌ انتهاپسنديءَ خلاف هر دور ۾ آواز اُٿاريو آهي. اڄ کان 63 سال پهرين “ويانا عالمي امن ڪانفرنس” ۾ سائين جي ايم سيد جي ڪيل تقرير به اُن جو وڏو مثال رهي آهي. جنهن ۾ هُن سڄي دُنيا کي اپيل ڪئي هُئي ته جهڙي طريقي سان مذهب کي مُلڪن جي سياست ۾ آندو وڃي ٿو. اُن جا نتيجا ڪهڙا نِڪري سگهن ٿا؟ ليڪن آمريڪا ۽ اُن جي اتحادي مُلڪن سرد جنگ دوران جيڪو هِن خِطي ۾ اسٽريٽجڪ ڪِردار ادا ڪيو ۽ هِن مُلڪ جي اسٽيبلشمينٽ ۽ سياسي اڳواڻن آمريڪا جي گريٽ گيم ۾ پنهنجا ڀاڪر آڇي امدادون ورتيون ۽ هِن مُلڪ جي عوام جي حصي ۾ فرقيواريت ۽ انتهاپسندين جا قلعا کڙا ڪيا، سي اڄ نه رُڳو سنڌ کي ساڙيندا رهن ٿا. پرسڄي مُلڪ جي ڀيل ڪندا وتن ٿا. اُن ۾ ايستائين ٺاپر اچڻ جا امڪان نظر نٿا اچن. جيستائين اسٽيبلشمينٽ پنهنجي پُراڻين پاليسين جا فائيل اُڇلائي، سهپ ۽ رواداريءَ واري سوچ تي خود سهمت نه ٿيندي. هاڻ اِها ڳالهه ڪنهن کان ڳُجهي ناهي رهي ته مذهبي انتهاپسندي ۽ جهادي جُنونيت خود وڏي منافعي واري صنعت بڻيل آهي. اهڙي صنعت جي خاتمي جو مطلب اِهو ٿيندو ته اهڙي پراڊڪٽ تان هٿ کڻڻو پوندو. پر ڇا اهڙي پراڊڪٽ جي خاتمي جو ڪو نعم البدل به آهي؟ نوم چومسڪي اهڙي پراڊڪٽ ۽ مُنافعي جي صنعت جو نعم البدل نفرتن جي خاتمي کي سمجهي ٿو. هُو چوي ٿو “انساني ڀائيچاري جي بُنياد تي امن جي صنعت کي هٿي ڏيارڻ لاءِ، دُنيا مان نفرتن واري سياست جو خاتمو ضروري آهي. دفائيت جي نالي تي بجيٽن ۾ اضافو وڌيڪ نفرتن جا بُنياد وِجهندو. رياست جي سياسي معاملن کي مذهب کان پري رکي ئي انتهاپسندي ۽ فرقيواريت جا بُنياد ڪمزور ڪري سگهجن ٿا.” پر سوال اِهو آهي ته ڇا ڏکڻ ايشيا سميت سڄي دُنيا ۾ پُهتل اُهي جهادي گُروپ جنهن کان فرانس ۽ پئرس به بچيل ناهن، اُنهن جون جڙون ڪاٽڻ لاءِ ڪنهن هڪ مُلڪ جي وس جي ڳالهه آهي؟ قطعي به نه، اُن لاءِ دُنيا جي سمورن مُلڪن ۾ قائم، اُنهن نرسرين تي به ٻيهر نظرثاني ڪرڻي پوندي. جيڪي نرسريون ئي دُنيا جي امن جو سُڪون برباد ڪري رهيون آهن. سنڌ کي انتهاپسندي ۽ فرقيواريت واري ڌُٻڻ مان ڪڍڻ لاءِ هِن مُلڪ جي اندر اِهو موقف رکڻ جي ضرورت آهي ته رياست جي معاملن کي مذهب کان جُدا رکيو وڃي. جيڪڏهن رياستي معاملن ۾ مذهب جي مُداخلت برقرار رهي ته انتهاپسنديءَ جي خاتمي جا امڪان گهٽجي ويندا. جيڪڏهن انتهاپسنديءَ جو خاتمو نه آندو ويو ۽ ان معاملي کي سنجيدهه رُخ ۾ نه ڏٺو ويو ته اُهو معاملو ايترو سنگين بڻجي ويندو. جنهن تي ضابطي آڻڻ جيتري صلاحيت هِن مُلڪ جي حُڪمرانن وٽ تِر جيتري به ناهي. جيڪڏهن جديد هٿيارن سان مصلح جُنوني جهادي، جيڪي جديد ٽيڪنالاجيءَ کان واقف بڻجي ويا آهن. جيڪي لڳاتار سپر طاقتن سان جهيڙو ڳنڍي بيٺل آهن. جڏهن اُنهن جي ايٽمي هٿيارن تائين پُهچ ممڪن بڻجي وئي ته ڌرتيءَ جو وجود قيامت ۾ تبديل ٿي ويندو.