قومي تحريڪ جي قيادت ۽ ڪارڪنن جا خدشات ....!!!
پاڪستان جي ننڍين قومن جي اندر ۾ جيڪا آئسوليشن ورهين کان پلجي رهي هُئي ان جو اظهار ڪنهن نه ڪنهن طور تي ته ٿيڻو ئي هو. جنهن کي لٺ بانٺي جي زور تي دٻائي هميشه قابو ۾ رکڻ هن رياست جي حڪمرانن جي وس جي ڳالهه به ناهي رهي. اهي ڪنهن نه ڪنهن طرح قومن جي اهڙي احساسِ محرومي جي خاتمي لاءِ ڪوڙن دلاسن ۽ آسرن جو سهارو وٺندا رهن ٿا پر ان جي مستقل حل ڳولڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي ويا آهن. ورهين کان تاريخ جي ڪُک ۾ پلجندڙ قومي ذلت ۽ ڪروڌ واري احساس جو وولڪينو ايتري وڏي شدت اختيار ڪري چڪو آهي جو هاڻ ان کي راوي ۽ چناب جو پاڻي به وسائي نٿو سگهي.
سنڌ به اهڙي ئي احساس کي 73 کان پنهنجي اندر ۾ پاليندي پئي اچي جنهن جي هلڪي جهلڪ 23 مارچ واري اُن ميڙاڪي ۾ نظر آئي جنهن جي سرواڻي سيد جي سچي عاشق شهيد بشير خان پئي ڪئي. جنهن ۾ هُن سائين جي ايم سيد جي بنيادي سياسي نظرياتي نُڪتن:
عدمِ تشدد
جمهوري رواداري
سيڪيولرازم
سنڌ جو قومي آجپو
ڏکڻ ايشيا جي سمورين قومن سان اتحاد۽ سماجي ۽ اقتصادي برابريءَ _ سان گڏ پنهنجي خطاب ۾ 40 واري قرارداد کي مڪمل طور رد ڪندي سنڌ جي مڪمل قومي آجپي جي ڳالهه ڪئي. نتيجي طور پاڪستان جي سازشي ٽولي اڻسڌي طرح سنڌ جي قومي هيرو مٿان حملو ڪري سنڌي قوم کي اهڙي صدمي جو گهاءُ ڏئي ڇڏيو جنهن صدمي مان سنڌي قوم جو نڪرڻ مُدتن تائين محال آهي.
هن وقت سنڌ جي قومي تحريڪ جي ڪارڪنن وٽان ڪيترائي سوال سامهون اچن ٿا جن تي بحث ٿيڻ گهرجي ۽ اُنهن ڪارڪنن کي هڪ وڏي آئسوليشن ۾ وڃڻ کان بچائڻ گهرجي ٻي صورت ۾ شهيد بشير خان جو صدمو ايترو وڏو آهي جنهن جو ازالو ممڪن ناهي. اهڙي صورتحال ۾ صدمي ۾ سڙندڙ سنڌ جي هن نئين نسل جي مرهمن تي محبت جي اتساهه جي مرهم پٽي نه رکي وئي ته قومي تحريڪ ٿورڙي ئي عرصي ۾ پنهنجي پئدا ڪيل بين الاقوامي سطع جي پذيرائي وڃائي ويهندي. سائين جي ايم سيد جي وڇوڙي کان پوءِ قومي تحريڪ جي سمورن ڌڙن جو گڏجي پوڻ انتهائي ساراهه جوڳو فيصلو هو. ڇو ته سيد جو وڇوڙو قومي تحريڪ لاءِ ايڏو وڏو سانحو هو جنهن جو ازالو مختلف ڌڙن ۾ ورهايل قومي تحريڪ جي سموري قيادت منظم ٿي هڪ ئي پليٽ فارم تي گڏجي ويهڻ ۾ ئي سمجهيو. ڇو ته مختلف گروهن ۽ گروپن ۾ ورهايل هجڻ سان قومي تحريڪ سنڌ جي قومي آجپي لاءِ مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه رهي ها. تنهن ڪري سڀني گڏجي ويهڻ کي اوليت ڏني ۽ قومي تحريڪ جا سمورا وڏا اڳواڻ هڪ پليٽ فارم تي گڏجي پيا ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ جوڙي اهو وچن ڪيائون ته هو سيد جي فڪر کي سنڌي عوام تائين پهچائيندا. اُهو انضمام جيتوڻيڪ گهڻو عرصو هلي نه سگهيو ۽ نظرياتي طور گڏ هجڻ جي باوجود به اصولن ۽ حڪمت عملين تي اختلافن جي ور چڙهي مختلف وقتن تي مختلف ڌڙن ۾ ورهائجندو رهيو پر اُن انضمام جي پليٽ فارم تان گهٽ ۾ گهٽ سنڌ کي هڪ اهڙو اڳواڻ مليو، جنهن سيد جي فڪر کي ايترو پکيڙيو جو اُهو سنڌ جي تعليمي ادارن مان نڪري عوامي سطع تي به مقبوليت ماڻي ورتي. ان حد تائين جوڪراچيءَ ۾ 23 مارچ واري لکين ماڻهن جي ميڙاڪي کان پوءِ ان جي گُونج آمريڪي ڪانگريس جي ڪنن تائين به پهتي. ائين به نه هو ته ڪو شهيد بشير خان جي جسقم کان پهرين ڪا سڃاڻپ نه هُئي. بلڪ هن کي سنڌ هڪ بهادر ۽ ارڏي نوجوان جي نالي سان ياد ڪندي هُئي. جيڪو جدوجهد جي ميدان ۾ سِر جي سودي کي به سستو سمجهندو هجي. پر اها سڃاڻپ فقط سنڌ جي سياسي پارٽين ۽ شاگردن تائين محدود هُئي. جيڪي کيس روايتي ويڙهاڪ هجڻ جي لقبن سان نوازيندا هُئا. جيڪي سمجهندا هُئا ته هو سياسي طور ڏاهپ کان ڏور آهي. پر وقت ثابت ڪيو ته سياسي ۽ نظرياتي طور پُختا ماڻهو به سيد ۽ سنڌ جي ڪيس کي بين الاقوامي سطع تائين پهچائڻ ۾ ناڪام ٿيا پر هو عملي سياسي ميدان ۾ ايترو خوشقسمت رهيو جو سنڌ جي ڪيس کي عالمي دنيا جي اک تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
اهڙي متل سياسي ماحول کي اڳتي ڪير کڻي هلندو؟ هاڻي بشير خان جو نعم البدل ڪير آهي؟ ورڪرن کي بشير خان جيتري محبت ڪير ڏيندو؟ جهڙا سوال قومي تحريڪ جو ورڪر سياسي بي سمجهيءَ ۾ هڪٻئي کان ڪندو رهي ٿو. جيڪا ڳالهه مُنجهائيندڙ آهي. اها حقيقت آهي ته ڪنهن به سياسي اڳواڻ جي وڇوڙي جو خال ڪو ٻيو ڀري ناهي سگهندو. محمد عباس، ياسر عرفات جي خال کي ته ڀري نه پئي سگهيو پر جدوجهد جي ميدان تي پي ايل او جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ اُن کي چونڊيو ته سڄي فلسطين اُن کي دل سان قبول ڪيو. سائين جي ايم سيد جو خال ته ڪو به قومي تحريڪ جو اڳواڻ ڀري نه پئي سگهيو پر انضمام کان پوءِ قومي تحريڪ جي ورڪرن آريسر تي اعتماد ڪري قومي تحريڪ جي سفر کي جاري رکيو. پيپلز پارٽيءَ جي اندر ذوالفقار ڀٽي جي شهادت کان پوءِ ڀُٽي جهڙو ليڊر ته ڪو به نه هو، پر عملي سياسي ميدان ۾ عوام سندس زال ۽ ڌيءُ تي اعتماد ڪيو ۽ ايم آرڊي جدوجهد کي جاري رکيو. تهنڪري اهو سوال بنهه غلط آهي ته قومي تحريڪ جو سفر بشير خان جي شهادت سان رُڪجي ويندو يا قيادت جي کوٽ پئدا ٿيندي.
قومي تحريڪ وٽ يقينن بشير خان جهڙو اڳواڻ ته ناهي پر اها خود سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ بشير خان جي جدوجهد سان زيادتي ٿيندي جو سنڌ ۾ اهو تاثر پئدا ڪيو وڃي ته بشير خان جي وڇوڙي سبب قومي آجپي جي تحريڪ به بلڪل ختم ٿي وئي. اهڙي تاثر جو پئدا ٿيڻ قومي آجپي جي تحريڪ لاءِ بشير خان جي وڇوڙي کان به وڏو صدمو ثابت هوندو، موجودهه قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪرڻ بجاءِ ۽ انهن جي تمام تر ڪمزورين ۽ ڪوتاهين سميت کين قبول ڪرڻ جي بجاءِ ائين چئجي ته قومي تحريڪ بشير خان جي شهادت سان گڏ ختم ٿي وئي.!! اهو هڪ اهڙو وڏو صدمو هوندو جنهن سان سنڌ سياسي طرح وڏي زوال جو شڪار ٿي ويندي. تنهن ڪري پنهنجي تمام تر ڪمزورين ۽ مايوسين جي باوجود سياسي جدوجهد جي ميدان کي وڌيڪ مچائڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اسان بشير خان سان حقيقي معنى ۾ محبت ڪريون ٿا ۽ اسان جي اندر ۾ ٿورڙو به قومي آجپي وارو انسان جاڳيل آهي ۽ خوشحال سنڌ جو خواب ڏسي ٿو. اهو اهڙي سياسي مونجهاري جو شڪار ٿيڻ بجاءِ پنهنجي اندر جي پوري سچائيءَ سان ڪمزور قيادت کي به قبول ڪندو ته اُها قيادت ورڪرن جي مليل پيار ۽ اتساهه سان اهڙي روشنيءَ واري سفر تي رواني ٿيندي جو سنڌ وري نئين سياسي تاريخ جي ٽُٽل تند کي جوڙي وٺندي. مايوس ورڪر هڪ ڀيرو ٻيهر ڏک کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پنهنجي اندر ۾ اُميدن جا ڏيئا روشن رکن. هو ائين نه سمجهن ته عوامي سطع تي قومي تحريڪ کي مليل موٽ ۽ مڃتا کي قومي تحريڪ جي موجودهه قيادت سهيڙي نه سگهندي پر مختلف موقعن تي موجودهه قيادت اهو اظهار به ڪندي رهي آهي ته هو شهيد بشير خان جي مشن ۽ سيد جي فڪر کي کڻي قومي تحريڪ جي سفر کي جاري رکندا. بشير خان جي اڳواڻيءَ ۾ قومي تحريڪ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن ۾ پڻ وڏو حوصلو پئدا ڪيو هو. جنهن تي جسقم جي موجودهه قيادت کي پڻ سنجيدگيءَ سان سوچڻو پوندو. ڪراچيءَ جي حالتن ۾ سنڌي ماڻهن جي مالڪي ۽ وارثي ڪرڻ لاءِ جسقم جي موجودهه قيادت کي مڪمل حڪمت عملي تيار ڪرڻي پوندي ته جيئن ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌين وٽ جسقم قيادت لاءِ پئدا ٿيل سافٽ ڪارنر ڪمزور ٿي نه سگهي ۽ ڪراچيءَ جي ديوارن تي ٿيندڙ ڌار صوبي لاءِ چاڪنگ تي به ايم ڪيو ايم جي قيادت مٿان سياسي دٻاءُ پئدا ڪرڻ گهرجي ته جيئن ايم ڪيو ايم اهڙي حساس معاملي تي پنهنجو موقف واضع رکي. ڇو ته عوامي سطع جهڙي مقبوليت ماڻيندڙ هن قومپرست سياسي پارٽيءَ ويجهي ماضيءِ ۾ جيڪي سياسي طور سنڌ کي تڪڙا نتيجا ڏنا آهن، انهن نتيجن جي روشنيءَ ۾ سنڌي عوام جون قومي محاذ ۾ توقعات به وڌي ويون آهن. جيڪڏهن مسلسل سياسي جدوجهد نه رهي ۽ موجودهه قيادت مسلسل متحرڪ نه رهي ته شايد هڪ ڀيرو ٻيهر قومي تحريڪ ڪيترائي سال پوئتي هلي وڃي. پر مان سمجهان ٿو ته قومي تحريڪ جي قيادت مٿان بشير خان جي شهادت کان پوءِ جيڪو بار پيو آهي. اُن کي کڻي هلڻ ورڪرن جي محنتن کانسواءِ ممڪن ناهي. ان لاءِ صدمي ۾ آيل قومي تحريڪ جي ورڪر مٿان به ڪجهه ذميواريون عائد ٿين ٿيون ته اڄ شهيد جي چاليهي جي موقعي تي قومي آجپي جي تحريڪ سان سلهاڙيل ورڪرن کي به وچن ڪرڻو پوندو ته هو پنهنجي سموري سچائي ۽ طاقت سان عملي جدوجهد ۾ ثابت قدم رهن. ڇو ته ورڪرن جي سياسي ثابت قدميءَ سان ئي قيادتن جا حوصلا به بلند ٿي ويندا آهن ۽ قيادتون اهڙا فيصلا ڪرڻ شروع ڪنديون آهن. جنهن سان انقلابي نتيجا اچڻ شروع ٿي ويندا آهن. هن وقت سنڌ عالمي سياسي طاقتن جي بحث جو موضوع آهي اهڙي صورتحال ۾ ورڪرن جي سچائيءَ جو ننڍڙو ذرو به ضايع ٿي نٿو سگهي. ڇو ته دماغن سان ڪيل سياسي فيصلا ناڪام ٿي سگهن ٿا پر دل جي سچائيءَ سان ڪيل سياسي فيصلا ناڪام ناهن ٿيندا پر اهڙا فيصلا سوين سج اُڀاري سگهن ٿا جن فيصلن پويان معصوم دلين جون سچايون موجود هجن ٿيون. دلين جي سچاين سان ته هارايل جنگيون به کٽي سگهجن ٿيون. اچو ته پنهنجي ناڪامين، شڪستن ۽ مايوسين کي ڪنهن اهڙي طاقت ۾ تبديل ڪريون جيڪا طاقت سنڌ وطن جي آجپي ۾ استعمال ٿي سگهي.