پُرامن سياست جي پيرن ۾ پيل پابندين جون زنجيرون...!
هڪ پاسي دُنيا درندگيءَ جي نين شڪلين ۽ صفتن سان هڪ خاص انداز ۾ اُڀري رهي آهي. اولهه انتهاپسنديءَ جي پاڇي کان خوف کائڻ جي باوجود بُنياد پرست قُوتن هٿان پنهنجا سياسي ۽ اقتصادي مُفاد حاصل ڪرڻ لاءِ هر طريقو آزمائي رهيو آهي. جيڪو پنهنجي مُفادن خاطر بُنياد پرستيءَ کي هٿي به ڏئي رهيو آهي ۽ پنهنجا حاصل ڪيل حدف پُورا ڪرڻ کان پوءِ هٽائيندو به رهيو آهي. اُن اولهه هن مُلڪ مٿان ڪڏهن به انڌو اعتماد ناهي ڪيو. جيڪڏهن پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ پنهنجي گهر جي اندر معاملا نبيري نه سگهي ته اهڙي ڪمزور قُوت بڻجي ويندي، جنهن سان ڪو به مُلڪ پنهنجا ناتا ڳنڍڻ لاءِ تيار نه ٿيندو. پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ مُلڪي سالميت جي نالي تي، پنهنجي عملي ڪردار ۾ هن مُلڪ کي اهڙي اونداهي دور پاسي وٺي وڃي رهي آهي. جنهن کي مُستقبل ۾ ڪي به بهتر نتيجا مِلڻ ته پري جي ڳالهه آهي. پر اندروني حالتون ئي هن مُلڪ لاءِ حاڃيڪار بڻجي وينديون. بنگال کان پوءِ بلوچستان هن مُلڪ جي اسٽيبلشمينٽ جي اڍنگي رويي سبب هن مُلڪ سان پنهنجو روحاني رشتو عرصي کان ٽوڙي ويٺل آهي. سنڌ کي مِلندڙ لاشن جي لڳاتار سلسلي کان پوءِ اهو اندازو لڳائڻ آسان آهي ته سنڌ ۾ خونريز سياست جا بُنياد وجهڻ لاءِ خود رياستي ادارا ذميوار آهن. جيڪي، نوجوانن کي اذيتون ڏئي ننڌڻڪو ڪري ماري رهيا آهن. ڇا اُهي اِهو نٿا سمجهن ته تصور يا آدرش کي اذيتن سان ختم نٿو ڪري سگهجي. تصور ۽ نظرين جو موت ممڪن هُجي ها ته گهڻو اڳ فلسطين جو پُورو نسل زمين جي ننڍڙي ٽُڪري تان هميشه لاءِ ميسارجي وڃي ها. ويٽنامي نسل ڪُشيءَ جي باوجود به جنرل گياپ جي رائفل جي اڳيان آمريڪي طاقت، پنهنجي شڪست قبول نه ڪري ها. يا آفريڪي نسل ڪُشيءَ مان ڪبرال جي ڪمان ٻيهر صفبنديءَ سان اُڀري نه سگهي ها. پر تاريخ اِهو ثابت ڪيو آهي ته تشدد سان ڪڏهن به امن جا شهر آباد ٿي ناهن سگهيا. پر تشدد سان مُلڪ تاراج ٿي ويندا آهن. اڄ جڏهن سنڌ جي ڳاڙهن ڳلن وارا ڳڀرو چوواٽن تان کنڀي کنيا وڃن ٿا ۽ لاشن جي صورت ۾ مائٽن کي موٽائي ڏنا وڃن ٿا. تن مان ڪو به اهڙو ناهي، جنهن جو تعلق ڪنهن امير گهراڻي سان هُجي. جنهن جون ترجيحات تبديل هُجن. جيڪي خُواهشن جا مُحتاج هُجن، جن وٽ پئسي ۽ عياش زندگيءَ جهڙا آدرش هُجن. جيڪي پنهنجي خُوابن کي نفيس جسمن سان سلهاڙي ڇڏين. جيڪي ڳاڙهن ڳلن تي موهجي وطن دوست قومي جدوجهد سان پنهنجي لاتعلقيءَ جا اعلان ڪن. پر اُهي نوجوان ته اُهي آهن، جن جي هٿن ۾ هڪ ڏيئو آهي. زيتون جي ٽاريءَ جهڙي دل آهي. جن جي هٿن ۾ ڪڏهن گليلي به نه هُئي. اُنهن جو قصور سياسي پارٽيءَ سان وابستگي هُئي. جيڪڏهن ڪنهن سياسي پارٽيءَ سان تعلق هُجڻ جي ايتري ڳري سزا آهي ته اهڙي سزا اُنهن سياسي اڳواڻن کي ڇو نٿي ڏني وڃي جيڪي، هن مُلڪ جي سياسي لباس ۾ لڪيل بگهڙ آهن، جيڪي مُلڪ جي بجيٽ کي هڪ ئي ڳيت سان ڳهي ڇڏين ٿا. جيڪي کربين رُپيا کائڻ کان پوءِ به بچي وڃن ٿا. جيڪي هن رياست جا بُنياد اکيڙڻ جو بُنيادي سبب بڻيل آهن. يا اُنهن دهشتگرد جماعتن جي ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون ڇو نٿو ڪيو وڃي. جيڪي سنڌ جي وڏن شهرن جي ديوارن تي “داعش” جي موجودگيءَ جون دعوائون ڪندا رهن ٿا؟ پاڪستان جا انٽيليجنس ادارا اُنهن هٿن کي پڪڙي سگهڻ ۾ ڇو ناڪام آهن؟ جيڪي مذهب جي مُقدس نالي تي اقليتن مٿان وڏي مصيبت بڻيل آهن. جيڪي ڪوڙين فتوائن سان اقليتن کي زندهه ساڙي ڇڏين ٿا. ڇا اهڙن عملن سان هن مُلڪ جي سالميت کي ڪو خطرو ناهي؟ تاريڪ رستن تي مارجي ويل نوجوانن جا وارث هن رياست کان پُڇن ٿا ته آخر اُنهن جو ڏوهه ڪهڙو هو؟ اُهي جيڪي ٻهراڙيءَ جا ٻار هُئا، جيڪي غريب والدين کان مِلندڙ محدود خرچ تي سنڌ جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهندا هُئا. جتي سڀ سياسي پارٽيون پنهنجي نظرين جي پرچار جا بينر کولي بيهنديون آهن. پر سنڌ جي قومي سياست جي ڪارڪنن کي، خانگي ڪپڙن سان کنڀي، گُم ڪيو وڃي ٿو. مائٽ پريس ڪانفرنسون ڪن ٿا، بيان ڏين ٿا، انساني حقن جي تنظيمن جا در کڙڪائين ٿا. سول سوسائٽيءَ کان وٺي سياسي تنظيمن تائين احتجاج ڪن ٿا. ليڪن آخر ۾ ائين ٿئي ٿو جيئن دُنيا جي هر دور ۾ ٿيندو رهيو آهي. هڪ سرد لاش وصول ٿئي ٿو. اذيت جو طويل سفر سنڌ جو معمول بڻجندو پيو وڃي. فراق گورکپوري جي سِٽ وانگر : “زندگي هي ڪه، رام ڪا بنواس” وانگر سنڌ سياسي بنواس جي دور ۾ رُڳو لاشن وٺڻ جو اُصولي فيصلو ڪرڻ کا اڳتي وڌي وئي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ڇا سنڌ جي سياست ۾ اهڙي تلخي پئدا ڪرڻ لاءِ ئي سڀ ڪجهه ڪيو پيو وڃي؟ هي معاملو هاڻ اُنهن رياستي هٿن ۾ آهي. جيڪي سنڌ جي سياست جا رُخ تشدد پاسي موڙڻ جي پُوري مُوڊ ۾ آهن. جنهن مُوڊ پويان ڪهڙيون ڳُجهيون حقيقتون آهن؟ اُن جو پتو ڪنهن کي به ناهي. ليڪن سنڌ ۾ نوجوان سياسي ورڪرن جي چچريل لاشن جا نتيجا سنڌ جي پُرامن وجود کي تشدد ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهن. جن کي روڪڻ لاءِ سنڌ جي سمورين ساڃاهه وند ڌُرين، سياسي ۽ سماجي تنظيمن کي گڏيل حڪمت عملي جوڙي، انساني حقن جي تنظيمن ۽ بين الااقوامي ادارن تائين ان آواز کي اُٿارڻو پوندو. اُهو سلسلو جيڪو تيزيءَ سان سنڌ جي سيني ۾ اذيت جا ڪوڪا هڻي رهيو آهي. اُن جو ردِعمل آيو ته سنڌ جي سموري پُرامن سياسي جدوجهد ڪنهن به معاملي تي پنهنجو مضبوط آزادانه موقف رکي سگهڻ ۾ ناڪام ٿي ويندي. سنڌ جا ماڻهو هن وقت اهڙي انساني الميي تي سخت ڏُک ۽ ڪاوڙ سان هن مُلڪ جي طاقتور ادارن مٿان اهڙن واقعن جا ڇوهه ڇنڊي رهيا آهن. جن واقعن جي نتيجي ۾ سنڌ جي جوانيءَ جي جسمن مٿان تشدد جا تجربا ٿيندا رهن ٿا. سنڌ جي ويجهڙائيءِ واري سياسي تاريخ ۾ ايتري حد تائين ائين ڪڏهن به ناهي ٿيو، جو صبح سان اکيون مهٽي اُٿندڙ سنڌ پنهنجي درد کي دٻائي اخباري سُرخين کي پڙهي سگهڻ جي سگهه به ساري نه سگهي. اُهي جيڪي رُڳو سياسي ڪارڪن ئي نه هُئا پر اُهي ڀاءُ به هُئا ته پُٽ به هُئا پيءُ به هُئا ته مُڙس به هُئا. جن جي پويان پُورو خاندان هو. جنهن خاندان اغوا کان پوءِ اُنهن جي اچڻ جي اوسيئڙي ۽ موت تائين واري وٿيءَ ۾ جيڪا اذيت سَٺي آهي. اُن اذيت جو اندازو ڪو اُنهن خاندانن کان پُڇي ڏسي.جيڪي برفيلي چادر جهڙي اُداسي ويڙهي ويٺل آهن. اُنهن جي اندر جي اُداسي ٻيو ڪيئن محسوس ڪري سگهندو؟ اُن درد جي اُداسي رُڳواُهو ئي محسوس ڪري سگهي ٿو. جيڪو اهڙي زخم جي اذيت مان گُذريو هوندو. مُلڪ جي قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي خبر ناهي ته ڪهڙي ايجنڊا آهي؟ ليڪن اها ايجنڊا هن مُلڪ جي سلامتيءَ لاءِ قطئي به ڪارگر ناهي. اُن لاءِ ضروري آهي ته پاڪستان جا ادارا سنڌ جي سياست ۾ رت جي لڪير ڪڍڻ جو فيصلو ڪرڻ کان پهرين، تاريخ جي سمورين حقيقتن کي سامهون رکي سوچين. دلين کي تشدد نه پر مُحبت سان فتح ڪري سگهجي ٿو. اُن لاءِ سنڌ جي پُرامن سياست جي پيرن ۾ پيل پابندين جون زنجيرون کولڻيون پونديون.