وڙهندي ورهيه ٿيام، اچي وار اڇا ٿيا..!!
1954ع ۾ جڏهن گورنر جنرل غلام محمد سنڌ کان پنهنجي سُڃاڻپ کسي مُلڪ مٿان علائقائي وحدت وارو ڪارو قانون مڙهيو هو. جنهن ۾ سمورا صوبا پنهنجون حيثيتون وڃائي “ون يونٽ” جي پنجوڙ ۾ ڦاسي پيا هُئا. تڏهن سنڌ جي حقن لاءِ سنڌ ۾ مضبوط سياسي پارٽي نه هُجڻ جي باوجود به سنڌ جا باشعور نوجوان بغاوت جي باهه ٻاري “سنڌ مدرسي” مان احتجاج جو اعلان ڪري نِڪتا هُئا. وطن دوست باشعور نوجوانن پنهنجي سياسي ڪردار ۽ وطن جي عظمت ۽ قومي بقا جي جدوجهد کي لڳاتار جاري رکيو. پوءِ اُها جدوجهد مُختلف صورتن ۽ شڪلين ۾ برقرار رهندي آئي. پمفليٽ لکي ورهائڻ کان وٺي پُرامن احتجاجن تائين. سنڌ جو نوجوان مُختلف نظرياتي سوچن هُئڻ جي باوجود قومي جدوجهد سان جُڙيل رهيو. ون يونٽ جي آڙ ۾ پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ صوبن جي سمورن وسيلن کي وفاق جو جائز حق سمجهي، ڪيئن ڦٻائيندي رهي ۽ سنڌ جي مجموعي سياسي ۽ اقتصادي مُفادن کي پنهنجي قبضي هيٺ ڪيئن رکيو.؟! اُن تي ڪيترو ئي مواد لکجي چُڪو آهي. پر سنڌ جو وطن دوست فِڪر، نوجوانن جي اڻٿڪ جدوجهد جي شِڪل ۾ لڳاتار مذاحمتي مورچو رهيو. فقط چند سياسي اڳواڻن ۽ سنڌ جي نوجوان اديبن ۽ شاعرن به اهڙي ڪاري قانون خلاف پنهنجي دلين جا ڏيئا روشن رکي تاريخي جدوجهد جا بُنياد رکيا هُئا. هي 60ع جو اُهو ئي ڏهاڪو هو، جنهن دوران سنڌ ۾ مذاحمتي ادب جا پِڻ بُنياد پيا هُئا ۽ اُهو ادب جنهن نه فقط مذاحمت ڪئي پر سنڌ جو مضبوط سياسي آواز بڻجي، سنڌ ۾ ساڻي ٿيل سياست ۾ ساهه وِڌو هو. 4 مارچ 1967ع جي شاگرد جدوجهد به اُن تسلسل جو حصو هُئي. سنڌ جا باشعور ۽ وطن دوست شاگرد لڳاتار جدوجهد جي رُڃ واري ميدان تي تاريخ جي چيخ بڻجي بيٺل رهيا. جيڪي ايوبي آمريت لاءِ به خود وڏي للڪار هُئا. عوام جي اندر ۾ ڪروڌ ۽ ڪاوڙ هُئي، جنهن جو اظهار ڪنهن نه ڪنهن طرح ٿيندو رهيو. جيتوڻيڪ اُن وقت به سنڌ جي شاگردن جي ڪا مُنظم تنظيمي سياسي شِڪل نه هُئي. پر اُن جي باوجود وطن دوست جذبو سياسي طور غير مُنظم انداز سان وڙهيو. انڪري جيڪڏهن ائين سمجهي وٺجي ته سنڌ جو نئون نسل موجودهه حالتن ۾ مايوسيءَ جهڙي ماٺ جو شِڪار آهي ۽ اُن جو سياسي ردِعمل گُهربل سياسي جدوجهد جي حوالي سان نتيجا ڏيڻ ۾ ناڪام بڻيل آهي ته اُن ۾ اُن جو قصور ناهي. پر بُنيادي طور جڏهن سياست خود واپار جي شِڪل اختيار ڪري وئي آهي ۽ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ قومي مُفاد بُنيادي سياسي ايجنڊا کان ٻاهر رکيا ويا آهن ته نئين نسل کي اُتساهه ڪٿان مِلي سگهندو؟ جيتوڻيڪ 60ع واري ڏهاڪي ۾ ڇڙوڇڙ قومي جدوجهد اڳتي هلي 1970ع ۾ ڪنهن حد تائين سياسي شِڪل ۽ صورتن سان سامهون آئي. 70ع وارو ڏهاڪو سنڌ جي وطن دوست قومي جدوجهد ڪندڙ پارٽين جي ابتدائي ڏهاڪي طور ڳڻيو وڃي ٿو. جنهن 80ع واري ڏهاڪي ۾ اچي پنهنجا بُنياد مضبوط ڪيا. اُهو 80 وارو ڏهاڪو ئي آهي جنهن ۾ سنڌ اندر وطن دوست سياسي سوچ مُنظم شِڪل اختيار ڪئي. جيتوڻيڪ ان دور ۾ سنڌ جي نئين نسل کان ڪافي غلطيون به سرزد ٿيون. پر اُهي غلطيون مجموعي سياسي جدوجهد واري سفر ۾ ڪنهن ڳڻپ ۾ اچڻ جهڙيون نه هُيون. هن ئي دور ۾ سنڌ جي سياسي پارٽين اسٽڊي سرڪلز کي هلائي نه فقط سنڌ جي جوانيءَ جي سينن کي انقلابي آدرشن ۽ وطن دوست سياسي فِڪر سان مصلح ڪيو پر اُنهن جي نظرياتي سياسي تربيت جا پِڻ بُنياد رکيا. اڄ جيڪڏهن ڪا ٿوري ٿڪي نظرياتي سياسي تربيت جا اولڙا نظر اچن ٿا ته اُهي اُن سياسي پسمنظر جو نتيجو آهن. اُهو 80ع جو ڏهاڪو ئي هو جو سنڌ جا سياسي ورڪر سياسي ۽ ادبي ڪتابن کي پنهنجو هٿيار سمجهندا هُئا ۽ نظرياتي سياسي پنڌ جي رُومانس ۾ پنهنجي محبوبائن کي به وِساري ويهندا هُئا. هڪ اهڙو نسل جنهن تي تبصرو ڪندي هڪ سياسي اڳواڻ چيو هو ته: ”جاگيرداريءَ ۾ ڄائو، سرمائيداريءَ ۾ ساهه کنيائين ۽ پرسٽرائيڪا ۾ سوچي ٿو.“ اهڙي نسل جي نظرياتي سياسي پرورش ٿيندي رهي. جنهن هڪ خُواب خاطر باقي سڀ خُواب وِساري ڇڏيا. جن سياست مٿان پُراڻپ جا سمورا پَڙ لاهي ڦٽا ڪيا. اياز لکيو هو ته: “جنهن جي روح ۾ راڳ ناهي، اُن جي راڳ ۾ به روح ناهي.” خبر ناهي ته اُهو گُناهه گورباچوف جي “گِلاسنوسٽ” مٿان مڙهجي يا اُها شِڪايت هتي جي اُن سياسي اڳواڻن کان ڪجي؟ جن سياست جي سيني مان راڳ جهڙو رُوح ڇِڪي ڪڍي ڇڏيو ۽ پوءِ ڪنهن سياسي راڳ ۾ به رُوح نه رهيو. اڄ جڏهن 21 هين صديءَ ۾ دُنيا ساهه کڻي رهي آهي. تڏهن به مزدور سرمائيداريت جي وحشي چنبن ۾ غلاميءَ جهڙي زندگي گُذاري رهيا آهن. قطر جي دُوها کان وٺي پاڪستان جي وڏن شاپنگ مال واري دُنيا تائين سرمائيداريت پنهنجي اُجاراداريت کي هٿي ڏئي رهي آهي ۽ غلام مزدورن جي ڪمزور ڪُلهن تي پنهنجي ڪاروبار کي وڌائي رهي آهي ۽ ترقياتي منصوبن جي نالي تي انساني سماج کي ماڪوڙي سمجهي لتاڙي رهي آهي. تڏهن سرمائيدار مُخالف سياست جي خاتمي جو اعلان ائين آهي، جيئن هلندڙ جنگ ۾ هٿيار ڦٽا ڪري هار قبول ڪئي وڃي. جيڪڏهن ڪنهن دانشور جي دل ان دليل جو سهارو وٺي ٿي ته، سياسي رُومانس واري دور جي سياست جا بُنياد ئي سرد جنگ سان جُڙيل هُئا ته شايد ان کان وڌيڪ ڪو ٻيو الميو نه هوندو. ان ڳالهه کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته سرمائيدار دُنيا مُخالف سياست جو سحر پنهنجي سرڪش وجود ۾ ڪنهن پهاڙ وانگر اُوچي ڳاٽ سان بيٺل هو. ليڪن ڪنهن سوچيو به نه هوندو ته سرد جنگ جي خاتمي سان اُها سرڪش سياست بُزدليءَ جي ڀيانڪ ڀاڪرن ۾ ماضيءَ جو ڪو سپنو بڻجي ويندي.! اسان پنهنجي اُن سياسي نسل جي پاڇي جو پتو ڪيون ٿا ته اُهو هن وقت پنهنجي عُمر جي آخري حصي ۾ پُهتل آهي. جنهن پنهنجي جواني ڪيترن ڏهاڪن تائين آمرن سان ويڙهه ۾ گُذاري هئي. اڄ اُنهن جون اڇيون ڏاڙهيون سنڌ جي نئين نسل جي نيڻن مان اِها توقع رکن ٿيون ته موجودهه سنڌ جي جواني سياست جي سرڪش گهوڙي تي ڪڏهن سوار ٿيندي؟ ۽ وطن دوست سياسي نظرين جي سچائيءَ جي سفر جي شروعات ڪندي؟ ڇاڪاڻ ته سنڌ اهڙن سياسي هٿن ۾ آهي، جن لاءِ سياست فقط سازشن، مُفاهمتن ۽ دوکن جهڙي دُنيا آهي. سياست جيڪا سڄي دُنيا لاءِ سماجي سائنس ۽ اهميت وارو علم آهي. ليڪن سنڌ لاءِ سياست ڪنهن راند يا واپار جو نالو ناهي. سنڌ لاءِ سياست جياپي جو نالو آهي. مُسلسل محنت ۽ جدوجهد جو نالو آهي. اُها جدوجهد جنهن لاءِ اياز چيو هو ته:
ماريندي هِن مڇ کي، ڪيڏا وَس ڪيام،
ڇتيون ڇيهون ٿي ويون، ڇِڄِي رَڇ پيام،
وڙهندي ورهيه ٿيام. اچي وار اڇا ٿيا.
اُها سياست آخري وار جي اڇي ٿيڻ تائين به ڪرڻي پوندي. جنهن کان اسانجو نوجوان پري بيٺل آهي. اُن لاءِ وطن دوست سياسي پارٽين کي سوچڻو پوندو. اُهي پنهنجي سياسي ورڪرن جي اندر نظرياتي سياسي فِڪر جون ڏياٽيون ٻارڻ لاءِ کين دُنيا سان مُتعارف ڪرائين. کين ادب، آرٽ، سائنس ۽ سياست جي دُنيا ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ کين عالمي سياسي ادب سان رُجوع ڪرائين. ڇاڪاڻ ته نعريبازي نظرين جو موت هوندي آهي. نعريبازين بجاءِ نظرياتي سياسي سگهه جو سهارو وٺڻو پوندو. نظرياتي سياست جو ميدان ئي سياسي جدوجهد جو اُهو ميدان آهي. جتي سياست سگهاري بڻجي سنڌ جي وڃايل سياسي سگهه کي سهارو ڏئي سگهي ٿي. جيڪا روايتي سياسي پارٽين جي هڪ هٽيءَ واري هڏيءَ ۾ آخري ڪوڪو بڻجي سگهي ٿي. اُن لاءِ اڄ جي ڏينهن تي ويچارڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته اڄ جو ڏينهن ئي هو، جنهن ڏينهن تي سنڌ جي نوجوان نسل نئين سياسي تاريخ جا بُنياد وِڌا هُئا.