“ڳوٺ”: جتي، ڪُتا خاموش ۽ بندوقون ڀونڪن ٿيون......!!!
پاٽ شريف جي اُتر ۾ 3 ڪلوميٽر اڳيان، ۽ سيتا وليج جي اولهه ڏکڻ جي ڪنڊ تي 4 ڪلوميٽر اڳيان هڪ ننڍڙو ڳوٺ آباد آهي جنهن کي “دُٻي” چيو وڃي ٿو. جنهن جي چوطرف چانڊين جا ڳوٺ آهن. هن ڳوٺ ۾ 110 گهر آباد آهن. جتي چانڊين جا چار گهر باقي سيد، لهٻر، جانوري ۽ سولنگي آهن. 70 سيڪڙو سولنگي ذات جا ماڻهو رهن ٿا. ڳوٺ جي 100 سيڪڙو آباديءَ جو دارو مدار هارپي ۽ مزدوريءَ تي آهي. هن علائقي جي آسپاس چانڊيا ذات جي وچ ۾ قبائلي تڪرار ته ورهين کان هلندڙ آهي. فيصلا ٿيندا آهن. هڪ ڌُر سان جهيڙو ختم ٿيندو آهي ته ٻي ڌُر سان جهيڙي جي شروعات ٿيندي آهي. 80ع واري ڏهاڪي ۾ ڌاڙيل پريل چانڊيي جي عروج وارو دور به هن ڳوٺ جي پُرامن ماڻهن پنهنجي اکين سان ڏٺو هو. ماڇين ۽ چانڊين جي وچ ۾ تڪرار جي تلخين جا قصا اڄ به هن ڳوٺ جي ماڻهن کان ناهن وسريا، چانڊين جي وچ ۾ رهندي به هن ڳوٺ جي ماڇين مٿان ٻن قبيلن جي تڪرار جي تلخين جا اثر پئجي نه سگهيا هُئا. جڏهن سمورن چانڊين جو پريل مٿان زور وڌي ويو هو ته مارجي ويل چانڊين جو پلاند دُٻيءَ جي ماڇين کان وٺڻ گُهرجي. تڏهن پريل پنهنجي رائفل وڌائي چانڊين حوالي ڪئي هُئي ۽ چيو هو ته:”پهرين مونکي ماريو پوءِ دُٻيءَ جي ماڇين مٿان وار ڪجو. منهنجا پاڙيسري آهن. اُهي قبائلي تڪرار کان پري آهن. اُنهن تي حملو ڪرڻ، پنهنجي ڀاءُ کي ڪُهڻ جي برابر سمجهان ٿو.“
پر جڏهن 80ع جي گود ۾ پلجي جوان ٿيندڙ نسل، جنهن جي دلين کي هٿيارن جو جُنون فتح نه ڪري سگهيو. جيڪي ڪلاشنڪوف کان وڌيڪ ڪتابن کي طاقتور سمجهي، ڪتابي دُنيا جو ڪيڙو بڻجي ويا. جيڪي سياسي ۽ سماجي طرح دُنيا کي تبديل ڪرڻ جو خُواب ڏسندا هُئا ۽ صبح جي باک تائين بتيون ٻاري دُنيا جي انقلابن جون ڪهاڻيون پڙهندا هُئا. جيڪي، ليلى خالد جي آتم ڪهاڻيءَ ۽ يانگ مون جي“Song of Youth” جي ڪردارن ۾ پنهنجو پاڻ کي ڳوليندا هُئا. سي اڄ پنهنجي ڳوٺن کي ڪهڙو جواب ڏيندا؟ هُو ايترو اڳتي نڪري چُڪا آهن جو هاڻ کين پنهنجا ڳوٺ اذيت گهر محسوس ٿين ٿا. کين جُون جي سج جي هلڪي تپش به ساڙيندي رهي ٿي. کين جنوري جي معمولي سردي به سُڪايو ڇڏي. جيڪي بسن ۾ بيهي سفر ڪرڻ لاءِ به تيار ناهن. سي پنهنجي ڳوٺن جي امن کي ڪيئن ٿا موٽائي سگهن؟ جيڪي چند بدمعاشن جون ننڍڙيون ننڍڙيون جاگيرون بڻجي چُڪا آهن. سنڌ جي سلامتي ۽ سنڌ جي خوشحاليءَ جا خواب ته ”دلي دور است“ وانگر آهن. پر فقط پنهنجي ڳوٺن جي سلامتي به اُنهن لاءِ سپنو بڻجي وئي آهي. اُهي جڏهن پنهنجو چهرو حالتن جي آئيني ۾ ڏسن ٿا ته کين پنهنجو چهرو مهڻن وانگر ميرو ٿيل محسوس ٿئي ٿو. هُو پنهنجي ڪردار کي اهڙي ڪاري ڪلڪ وانگر محسوس ڪن ٿا جن کي دُنيا جو ڪو به ڌوٻي ڌوئي نٿو سگهي.
“دُٻي” هڪ دُٻي(تلاءَ) جو نالو آهي. جنهن ۾ سڀ مزدور، هاري ۽ پورهيت رهن ٿا. جيڪي ڪنهن کي چماٽ هڻڻ به پاپ سمجهن ٿا. ڳيري جهڙيون دليون رکندڙ ماڻهو سَهي جي کَل ۾ ساهه کڻن ٿا. پر پوءِ به اُهي وقت جي بگهڙن کان بچي نٿا سگهن. اُهي بگهڙ آهن جيڪي هن ڳوٺ مٿان حملو ڪن ٿا. اهڙو حملو چنگيز ۽ هلاڪو ئي ڪري سگهي ٿو. حملو ڪندڙن جي اندر ۾ ڪو هلاڪو ۽ چنگيز ئي سُتل هو. جيڪي هڪ ئي ڏينهن ۾ دُٻيءَ جي دل ۾ درد جي اهڙي ڇيت ٽُنبين ٿا جيڪا هن ڳوٺ جي دلين کي ايذائيندي رهي ٿي. ونگار طور گڏهه گاڏو نه ڏيڻ جهڙي معمولي مسئلي تي پنهنجي بُزدلي جو مظاهرو سهي جي کَل ۾ لڪيل انسانن مٿان آزمائين ٿا. رزاق، ارباب ۽ معصوم نسيم (جيڪا 4 سالن جي ٻارڙي هُئي.) کي سڄي ڳوٺ جي سامهون موت جي ننڊ سُمهارين ٿا ۽ ڪيترن گهرن کي باهيون ڏئي ساڙي ڇڏين ٿا. ڳوٺ مان ڪا مزاحمت نٿي ٿئي. 4 ڪلاڪن تائين هٿياربندن هٿان سڄو ڳوٺ يرغمال بڻجي وڃي ٿو. گهر گهر ۾ گهڙي اُنهن مزدور ماڇين جون پُڇائون ڪن ٿا. جيڪي مارجي ويلن جا وارث هُئا. چون ٿا ته مارجي ويل رزاق کي ست ننڍڙين نياڻين جو اولاد آهي. جن کي پالڻ واري پورهيت پيءُ جي پاڇي کانسواءِ ٻيو ڪو به آمدنيءَ جو ذريعو ناهي. اهڙي حالت پاڪستان جي قانون نافذ ڪندڙ ادارن ايم آر ڊي تحريڪ دوران به هن ڳوٺ سان نه ڪئي هُئي. سڄو ڳوٺ سراپجي وڃي ٿو. ڳوٺ جا ڪُتا خاموش ۽ بندوقون ڀونڪڻ لڳن ٿيون. پوليس روايتي انداز ۾ پنهنجي پيرن کي پُٺتي رکيو. جڏهن 4 سالن جي معصوم نياڻيءَ سميت ٽن ماڻهن جا لاش بيدرديءَ جي حالت ۾ ميڙي گڏ ڪيا ويا ۽ بندوقن جا وات بند ٿيا ته پُٺتي بيٺل پوليس هن ڳوٺ ۾ پُهتي. چون ٿا ته دادوءَ جو ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر موجودهه سنڌ حڪومت ۾ شامل علائقي جي چونڊيل هڪ نُمائندي جو قريبي رشتيدار آهي. اسلام آباد جي صحافين هن واقعي مُتعلق جڏهن ساڻس رابطو ڪيو ۽ کيس چيو ته ڳوٺ دُٻي جا ڳوٺاڻان اسلام آباد چيف جسٽس کي قتل معاملي تي خودرو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪري رهيا آهن، جيڪي اوهان تي الزام لڳائين ٿا ته ڊي پي او ڌُر بڻيل آهي. پر هُن صاحب کي اقتدار جو ايترو نشو هو جو هُن ان ڳالهه کي اهميت ئي نه ڏني. نه ئي ڳوٺ جي هڪ ڪلوميٽر تي ويٺل قاتلن خلاف ڪا ڪارروائي ڪئي.
هن واقعي جي دوران، سنڌ هڪ پاسي پيپلزپارٽي ۽ شهري تنظيم جو سينڊوچ بڻيل رهي ۽ سنڌ جي فضائن۾ شهري تنظيم جي شيطاني سازشن جي بوءِ پکڙيل هُئي ته ٻئي پاسي سنڌ جون ٻهراڙيون سوڳ ۾ ساهه کڻي رهيون هُيون. اهڙو سوڳ!! ڳوٺ دُٻيءَ جي ساهه ۾ ڪنهن لاٿو هو؟ ڪنهن اُن ڳوٺ مٿان قيامت آندي هُئي؟ جي پيرا کڻجن ته اُهي پيرا به پنهنجي گهرن تائين پهچن ٿا. سنڌ کي محبتن جو مرڪز سمجهندڙ ۽ اُن لاءِ جانين جا نذرانه ڏيڻ جي ڳالهه ڪندڙ قومي تحريڪ جي قيادتن کان هڪ سوال پُڇجي ٿو ته : ڇا اوهان پنهنجي ڳوٺن کي بدامنيءَ جي باهه کان آجا ڪري سگهيا آهيو؟ سنڌ کي آجپي ڏيارڻ جا معاملا ته وڏي ڳالهه آهن. توهان جيڪڏهن 200 گهرن کي آجپو ۽ امن ڏياري سگهڻ ۾ ناڪام ويا آهيو ته ڪروڙن جي آباديءَ جو آجپو ته پري جي ڳالهه آهي. جيڪڏهن سيتا جا سيتل (گُل) رانوڻن هٿان لُٽجي رهيا آهن ته اُن جو اُلڪو اُنهن انڌين اکين کي ڇو ٿيندو؟ جن اکين مٿان اقتدار جي نشي جون ڪاريون پٽيون پاتل آهن. پر اُن جو اُلڪو به قومي تحريڪ جي اڳواڻن کي هُجڻ گُهرجي. جيڪي آڌيءَ رات جي بگهڙن جي بدمعاشيءَ کان ڳوٺاڻي سنڌ کي بچائي سگهن ٿا. اُها ڳوٺاڻي سنڌ، جيڪا پاڻ بُکي رهي، شهري آباديءَ جو پيٽ ڀري ٿي. جيڪا پاڻ سهولتن جي اڻهوند جي اذيت ۾ رهي شهري آباديءَ جي سُڪون ۾ رُخني جو باعث نٿي بڻجي. پر سنڌ جا ڳوٺ اسان کان فقط هڪڙو ئي مطالبو ڪن ٿا ته کين امن ۽ انصاف ڀري زندگي ڏني وڃي. جنهن زندگيءَ مٿان ڪلاشنڪوف جا پاڇا نه هُجن. جن جي امن جي آکيرن کي ڪو بدمعاش باهيون ڏئي ساڙي نه سگهي. ڇا سنڌ جي ڪنهن به ضلعي ۾ ڪو اهڙو به پوليس آفيسر ناهي. جيڪو ڏوهارين هٿان سنڌ جي لُٽجندڙ لوئين کي پنهنجي ايمانداريءَ سان سهارو ڏئي سگهي؟ ڇا سنڌ ۾ اهڙن پوليس آفيسرن جي مُڪمل کوٽ پئدا ٿي پئي آهي؟ جيڪي سهي جي کَل ۾ جيئندڙ انسانن جو سهارو بڻجي سگهن؟ جيڪي پنهنجي گهرن ۾ غيرقانوني پئسي کي آڻڻ پاپ سمجهن. جيڪي اهو سمجهن ته هن سماج ۾ رهندڙ معصوم انسانن جون حياتيون سندن فرض ۾ شامل آهن. جيڪڏهن سنڌ جي هڪ ضلعي ۾ به ڪو ايماندار پوليس آفيسر پنهنجا فرض صحيح معنى ۾ سرانجام ڏئي سگهي ته سنڌ جي ڳوٺن جا ويران ويڙها وري آباد ٿي سگهن ٿا. پر افسوس جو ڪراچيءَ جي ڪُن ۾ ويٺل چونڊيل نمائندن کي چهنڊڙي به نٿي لڳي. جڏهن سنڌ جي ٻهراڙين جي ڀيل ٿيندي رهي ٿي. کين اُنهن انسانن جي محبت جي ڪهڙي خبر جيڪي آليءَ مِٽيءَ تي اُگهاڙا پير کڻي پنهنجي ٻنين ۾ گُهمن ٿا. جن جا مُرجهايل من پنهنجي ڳوٺ جي وڻن جي ٽاريءَ ٽاريءَ سان وچڙيل آهن. اُهي پنهنجي ڪَچن گهرن جي ڀتين کي محراب سمجهي مُحبت ڪندا آهن. اهڙي محبت جو احساس ته اُنهن کي هوندو جيڪي پنهنجي گهرن ۽ گهٽين کي ڇڏيندي، ائين محسوس ڪن ٿا ڄڻ ڪو سندن سينن مان دليون چيري ٻاهر ڪڍندو هُجي. اسان ته ورهاڱي وقت وارو ادب رُڳو پڙهيو هئوسين. ڪرشن چندر، مُنشي پريم چند، راجندر سنگهه بيدي، منٽو جا افسانه ۽ موهن ڪلپنا جا احساس پڙهيا هُئاسين ته دلين جا ورهاڱا ڪيئن ٿيندا آهن.؟ جُدائيءَ جي رت ۽ بارود جي اذيت ڇا ٿيندي آهي؟ اُن افسانوي ادب کي پڙهندي اکين جا بند ته ٽُٽي پوندا هُئا. پر پنهنجي ڳوٺن جي ڳلين ۾ اهڙو حادثو، اکين سان ڏسي، ڳوٺ جي ماڻهن جي دلين تي ڇا گُذريو هوندو؟ اُن جو اندازو اُن بيوسيءَ مان به محسوس ڪري سگهجي ٿو. جو 55 سالن جي ارباب پويان جڏهن بندوقون ڀونڪڻ لڳيون هُيون ۽ ڏاڙهڻ لاءِ وڌيون هُيون ته هُن ڳوٺ جي عورتن کي رڙيون ڪندي بچائڻ لاءِ منٿون ڪندو رهيو. اُهي عورتون پاڪ ڪلام کڻي، قاتلن کي ٻاڏائينديون رهيون، پر هُنن ٽريگر تي آڱر ڦيرائي کن پل ۾ ارباب جي آواز کي بند ڪري ڇڏيو. اهڙي بيوسيءَ جي حالت ۾ ڪُٺل انسانن جي ڪهاڻيءَ کان پوءِ، ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ ڪائنات جي سمورن رنگن ڪارو لباس پائي ورتو آهي. سنڌ جا هي ڳوٺ جيڪي لوڪ گيتن تي رقص ڪندا آهن. جيڪي پگهر جي ڪمائيءَ سان پيٽ پاليندا آهن، جيڪي پنهنجي ڍڳن ۽ ڍورن سان اولاد جيترو پيار ڪندا آهن. جن جي دلين ۾ نفرتن جي ڪڏهن چڻنگ به ٻري ناهي سگهي. اُنهن ڳوٺن مٿان وحشت جا پاڇا ڪنهن جون پُڇائون ڪندي پُهتا آهن؟ ڪازانت زاڪس چيو هو ته “حقيقتن کي ڦيرائي سگهجي يا نه پر اُنهن اکين کي ڦيرائي نٿو سگهجي جيڪي حقيقتن کي ڏسي رهيون آهن.” مصلحتن سبب معاشرا ڀلي ماٺ جي ڌُنڌ ۾ ويڙهجي وڃن. پر اُن ماٺ جي ڌُنڌ ۾ اُميدن جا ڪِرڻا هڪ ڏينهن ڌُنڌ جي خاتمي جو سبب بڻبا آهن. اهو وسارڻ نه گُهرجي ته معصومن مٿان هلندڙ هٿيارن جي عمر ڏاڍي مُختصر ٿيندي آهي.