تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سياست جو صحرا

ڪتاب ”سياست جو صحرا“ جو ليکڪ محترم لطيف جمال آهي. اعجاز منگي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
مان سوچي رهيو آهيان ته:
”ڇا لطيف جمال پين کي پستول وانگر استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟“
هن ڪتاب ۾ ڪجهه ڪالم انهن اداس فائرن جهڙا آهن، جيڪي اونداهي رات جي آسمان جي ڇاتي ڇاڻيندا رهندا آهن!
۽ ڪجهه ڪالم انهن نه هلي سگهيل گولين جهڙا آهن، جن کي مايوس باغي، لاڪيٽ بڻائي ان ڳچيءَ ۾پائيندا آهن، جيڪا سڄي زندگي ڪنهن احساسِ جُرم جي بار سبب جُهڪيل رهندي آهي!
  • 4.5/5.0
  • 3500
  • 923
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • لطيف جمال
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سياست جو صحرا

مُهاڻي ٻار جي نماڻن نيڻن جهڙو انسان....!

جڏهن به اُتر جي هوا گُهلندي آهي ۽ رلين جا رنگ ساحل کي سڏڻ لڳندا آهن ۽ ساوڪ رُت سنڌ جي سينڌ ۾ سينڌور بڻجي لهندي آهي ۽ سَر نِسري رُوپلي ڪولهيءَ جي سرڪش ڳاٽ وانگر هوائن جي هندورن ۾ لُڏڻ لڳندا آهن. لاڙ جي ڍنڍن مٿان آڙيون اُڏامڻ لڳنديون آهن ۽ سج مُهاڻي ٻار وانگر آخري ستاري سان گڏ اکيون ٻُوٽڻ لڳندو آهي. تڏهن ساهه جي سِتار تي سنڌ جو اُهو سرڪش شاعر رقص ڪرڻ لڳندو آهي. جنهن جي وڇوڙي کان پوءِ سنڌ جي جوانيءَ پنهنجي دلين ۾ تڏا وڇائي ڇڏيا هُئا. جنهن پنهنجي وڇوڙي کان ڪُجهه ڏينهن پهرين فون ڪري چيو هو ته: “جيڪڏهن تون مُنهنجي هڪ يار سان مِلين ته توکي سماجي خدمتن جي معنى جا ڪيترائي موتي مِلي سگهن ٿا.” تڏهن مون کيس حُجت سان سندس ئي هڪ نظم جي سِٽن مان جواب ڏنو هو ته: “تون مُحبت جي سوڙهين گهٽين مان جڏهن نِڪري سگهين ته پوءِ هلي سنگت سان مِلبو...!” تڏهن هُن وري ڳالهائڻ جو چئي فون بند ڪئي هُئي. پر اُها گڏجي مِلڻ واري سَڌَ لاحاصل مُحبتن وانگر حاصلاتن جا هنجهه ماڻي نه سگهي ۽ حسن درس زندگيءَ جا ڪيترائي اڌورا گيت ڇڏي هليو ويو. ڪنهن چيو هو ته: “شاعر سُفيد ڪڪرن تي سفر ڪندا آهن.” شايد حسن مُحبت جي سوڙهين گهٽين مان نِڪري ڪڪرن جي واٽن ۾ وڃائجي ويو. مان هميشه حسن جي يار سان مِلڻ لاءِ سوچيندو ئي هوس پر ڪيتريون ئي نيون اسائنمينٽس رستن جي روڪ جو سبب بڻجي پونديون هُيون. جڏهن يو ايس ايڊ واري هڪ پروجيڪٽ ۾ سڄي سنڌ کي ڏسڻ جو موقعو مِليو. تڏهن ائين محسوس ٿيو هو ته ڄڻ پڃري ۾ بند پيل ڪنهن قيدي پکيءَ کي آزادي مِلي هُجي ۽ پوءِ سڄي سنڌ جو سفر آزاد پکيءَ وانگر پرڙا هڻي ڪندو رهيس. اُن سفر ۾ پڙهڻ لاءِ نه رُڳو ادارا مِليا پر ماڻهو به مِليا، مزاج ۽ رويا به مِليا ۽ وڏن قدن کي ماپڻ ۽ تورڻ تڪڻ جو موقعو به مِليو. جاپان جي جديد هائيڪو جي تمام وڏي نالي باشوءَ جي هڪ هائيڪو جي معنى آهي ته: “پڙهڻ لاءِ پنا ته مِليا، ليڪن ماڻهن جا مزاج رُڳو ملاقاتن سان پڙهي سگهبا آهن.” سو ائين سنڌ جا وڏا نالا، جن جي نالن پويان ڪتابن جون ڊگهيون فهرستون شامل هُيون. ليڪن اُنهن جي علمي ۽ عقلي ڄاڻ جو اندازو اُنهن سان ويجهو رهڻ کان پوءِ ٿيو. مونکي اُن سفر ۾ پُونا جي پوڙهي اوشوءَ جي ليڪچر جون اُهي سِٽون گهڻو ياد اينديون هُيون جنهن ۾ هُن چيو هو ته: “نابالغ مُعاشرن جا ماڻهو مُحبتون ناهن ڪندا، اُهي مُحبتن جو ڍونگ ڪندا آهن. علم اُنهن جي اکين جي رُڳو اُڃ اُجهائيندو آهي پر اُنهن جا دماغ عقل کان خالي هوندا آهن. نفرتون اُنهن جي عادت بڻجي وينديون آهن. اُهي انساني صُورت ۾ وحشي جانور هوندا آهن.”
ليڪن ڪافڪا جي اُن سِٽ وانگر ته:“ڪجهه لفظ اهڙا هوندا آهن، جن کي فقط پنهنجن زخمن سان ئي سمجهي سگهجي ٿو.” مان پنهنجي زخمن کي جڏهن به ڏسندو آهيان تڏهن مونکي اسان جو پيارو دوست مسعود لوهار ياد ايندو آهي. جنهن ڪڏهن به نامِ نهاد غير سرڪاري ادارن جي وڏن عُهدن تي پُهچي ڪم ڪندڙن وانگر وطن دوستي ۽ سنڌ پرستيءَ جي نالي تي سنڌ کي وکر جو دوڪان سمجهي استعمال ناهي ڪيو. جيتوڻيڪ اڪثر اُها جُڳاڙي ٽهي، جن کي اسان سنڌي ادب جي آئيني ۾ سنڌ جو عڪس سمجهندا هُئاسين. سي سنڌ ۾ قومي عوامي شعور جي لاٽ ٻارڻ ۽ سنڌ کي شعوري طور اڳتي وٺي وڃڻ بجاءِ پاڻ طبقاتي طور تمام گهڻو مٿي ٿي ويا. جن جي هلڻ جون چالون ئي تبديل ٿي ويون، جيڪي مظلوم طبقي جون ڳالهيون ڪندي خود استحصالي طبقي جو حصو بڻجي ويا. پر جڏهن به مسعود جي زندگيءَ جي سفر کي ڏسبو ته ٽُٽل ڪاون جو پنڌ محسوس ٿيندو. جنهن کي اڪثر وڏن غيرسرڪاري ادارن جا مالڪ ڀلي اڻوڻندڙ انداز سان ڏسن. پر هُن جو وڻندڙ انداز ئي اهو آهي جو هُن صحرا جهڙي سُڃ ۾ ادارا جوڙيا آهن. اُهي ادارا جيڪي نه رُڳو نوجوانن جي روزگار جو وسيلو آهن پر هن سماج ۾ پنهنجي حصي جو ڪردار به ادا ڪري رهيا آهن.
هُو جيڪو لاڙ جي سامونڊي پٽيءَ تي پليو ۽ چونئرن مٿان چانڊوڪيءَ کي چُميون ڏئي وڏو ٿيو. جنهن مُهاڻن جي ٻارڙن جا مُرجهايل چهرا ڏٺا ۽ جنهن ڪچين حسرتن جا ڪيترائي ڪاڪ ڪِرندي ڏٺا. جنهن زندگيءَ جا ڪيترائي ڪتاب سڙندي ڏٺا. جنهن پنهنجي اکين سان اُهي طوفان به ڏٺا. جن طوفانن نه رُڳو هُن جي ڳوٺ جي ڀيل ڪئي پر سڄي سامونڊي تَر ۾ زندگيءَ کي مُڪمل مفلوج بڻائي ڇڏيو. هُن ڏٺو ته سمنڊ جڏهن غصي ۾ ايندو آهي ته ماڻهن جا لاش ڪکن پنن جيان پاڻيءَ مٿان ترندا آهن. جنهن ويجهڙائيءَ کان بيحسيءَ جي بدن تي انساني زندگيون ساهه کڻندي ڏٺيون. هُن بدين جي بيحسي پنهنجي اکين سان ڏٺي. هُن ڏٺو ته قُدرتي وسيلن سان شاهوڪار ضلعي جا ماڻهو غريب ڇو آهن؟ جيڪو ضلعو تيل جي آمدنيءَ ۾ شاهوڪار هُجي اُتي جا ماڻهو آکيري جهڙن گهرن ۾ رهڻ جهڙي زندگي بسر ڇو ڪري رهيا آهن؟ اُهو ٻارڙو بدين جي يونين ڪائونسل ڀُڳڙا ميمڻ جي ننڍڙي ڳوٺ دينار ٽالپور جو مسعود لوهار ئي هو. جيڪو ڀُڳڙا ميمڻ هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو، بدين اسلاميا ڪاليج کان پوءِ مهراڻ يونيورسٽيءَ تائين پُهتو. مسعود سان مُنهنجي مُلاقات قومپرست سياست سان سلهاڙيل هُجڻ سبب، سنڌ يونيورسٽيءَ جي “ٽوڙهي گرائونڊ” تي ٿي هُئي. جتي جساف جي جلسي جون تياريون ٿي رهيون هُيون ۽ هُو حميد سبزوئيءَ سان ملڻ لاءِ آيو هو. ڀانيان ٿو اُهو 1989ع جو سال هو. تڏهن مان خيرپور ناٿن شاهه ڪاليج ۾ پڙهندو هوس. نصير ميمڻ سان ته پُراڻي ويجهڙائپ هُئي. جيڪو مُنهنجي ڪچين ڦڪين لکڻين کي مُختلف ادبي رسالن ۾ ڇپرائڻ لاءِ مدد ڪندو هو. (نصير جي مهربانين تي الڳ مضمون لکڻ جي ضرورت آهي. ڇو ته ٻن ماڻهن مونکي ادب ۽ سياست سان چاهه پئدا ڪرايو. جن ۾ هڪ نصير ۽ ٻيو مُنهنجو ماما مرحوم قُربان). پر مسعود سان مُلاقات اسانجي پياري دوست ۽ اُن وقت شاگرد سياست ۾ سرگرم ڪردار حميد سبزوئيءَ معرفت ٿي هُئي. تڏهن مُنهنجي خيال ۾ عبرت ميگزين جو ايڊيٽر مسعود هو ۽ مُنهنجي ڪهاڻي “انتظار جي آخري شام” حميد، مسعود کي هٿ ۾ ڏيندي چيو هو ته: “هي اسانجو دوست ڪهاڻيون سُٺيون لکندو آهي. هيءَ ڪهاڻي اوهان عبرت ميگزين ۾ شايع ڪيو.” مسعود جي هٿ ۾ ڪو فائيل هو. جنهن ۾ ڪُجهه اخباري پنا ۽ هڪ اڌ ٻاهر جو رسالو. هُن حميد کان ڪهاڻي وٺي پنهنجي فائيل ۾ رکي ۽ روانو ٿي ويو. هُن بغير ڪنهن تعارف جي مُنهنجي ڪهاڻي تمام سُٺي انداز ۾ شايع ڪري ڇڏي. اُن کان پوءِ لڳاتار ڪهاڻيون شايع ٿينديون رهيون. پر مسعود سان مُنهنجي مُلاقات نه رهي. سياست ۽ ادب سان سان وابستگي هُجڻ سبب، لکڻ ۽ پڙهڻ ته جاري رهيو. پر مسعود جو نالو ڪٿي نظر نه آيو. گُمناميءَ جي اهڙي ٽُٻي...!! ڪنهن دوست کي به خبر نه هُجي ته ڪٿي آهي؟ حميد سبزوئي اُن جو ڏس انگلنڊ جو ٻُڌائيندو هو. ائين وقت ابابيلن جي اُڏام وانگر پنهنجا پرڙا هڻندو رهيو. پُراڻي سنگت، اوٺيئڙن وانگر سفر جو مهارون پڪڙي هلي وئي. اياز جي انهن سِٽن وانگرته:
چَڙن پڙاڏا-
اوٺيئڙا اڳتي ويا
لڪ لنگهي آڏا.

حسن درس جي فون ۽ پوءِ سال 1989ع جي ياد، هڪ ڀيرو ٻيهر مسعود سان مِلايو. اُهو ساڳيو انداز، جيڪو مون “ٽوڙهي گرائونڊ” تي ڏٺو هو. اڪثر ماڻهو انگلنڊ مان پڙهي موٽندا آهن ته اُنهن جو مزاج مُختلف ٿي ويندو آهي ۽ جڏهن ڪنهن وڏي عُهدي تي پُهچندا آهن ته پوءِ پُراڻپ جا سمورا لباس لاهي ڦِٽا ڪندا آهن. پر هي همراهه بين الاقوامي اداري ۾ مُلڪ جي نُمائندي هُجڻ جي باوجود، ڪڏهن به وڏائيءَ ۽ غرور واري بيماريءَ جو شڪار ناهي ٿيو. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ڪنهن چڱي پوزيشن تي اچڻ کان پوءِ اڪثر ماڻهو مَٽجي ويندا آهن. ليڪن “دينار ٽالپور” جي مسعود لوهار جو مزاج نه مَٽيو. هُن ڪڏهن به سنگت جي سرڪل ۾ اهو تاثر ناهي ڏنو ته هُو اُنهن ادارن سان تعلق رکي ٿو. جن ادارن جي ماڻهن لاءِ چڱا ڀلا غير سرڪاري ادارن جا اڳواڻ پاڻ کي وڇائي ڇڏيندا آهن. ماڻهوءَ جي پَرک وڏي عُهدي ۽ ملڪيت اچڻ کان پوءِ ٿيندي آهي ۽ مسعود جي فقيري انداز مان ئي محسوس ٿيندو ته هُن لاءِ عُهدا ڪا معنى نٿا رکن. هُن جي دُنيا درويشن جي دُنيا آهي. غريب دوستن سان هُن جا ڳانڍاپا ۽ تعلقات ڏسي اڪثر ماڻهو سڙندا آهن. پر هي پنهنجي فقيري رمز ۾ رمندو رهندو آهي اُن شعر وانگر ته:
اوهندي او جاڻي، سانڪون اپڻي ريت نڀاوڻ ڏي.
مسعود لوهار هڪ فرد جو نالو ناهي. پر ڪيترن ادارن جو نالو آهي، جنهن جي محنت سان ڪيترا ادارا جُڙيا آهن. جيڪڏهن ڪو ان ڳالهه سان اختلاف رکي ٿو ته اُن کي حق آهي. پر مسعود جون محنتون ان کان وڌيڪ ڪهڙيون ٿي سگهن ٿيون جو هُن پنهنجي اداري جي آفيس کي اسلام آباد جهڙي شهر مان ڪڍي سنڌ جي مرڪز حيدرآباد ۾ کڻي آيو. مُنهنجو ذاتي تجربو آهي ته ڪنهن ڊونر اداري ۾ نيشنل سطع جي آفيس کي اسلام آباد مان ڪڍي حيدرآباد ۾ قائم ڪرڻ ڪيترو نه اوکو ڪم هوندو آهي؟! جيڪڏهن اُها آفيس اسلام آباد ۾ هُجي ها ته شايد ڪراچيءَ جي ايليٽ طبقي کانسواءِ اُن اداري تائين ڪنهن جي پُهچ ممڪن ٿي نه سگهي ها. ليڪن هُن سنڌ ۾ هلندڙ ڪيترن ئي ادارن جي پُهچ کي آسان بڻايو. پر هُن ڪڏهن به نامِ نهاد غيرسرڪاري ادارن جي مالڪن وانگر اها دعوى ناهي ڪئي ته هُو سنڌ جي ادارن خاطر سڀ ڪُجهه ڪري رهيو آهي. ڪي ماڻهو خاموشيءَ ۾ پنهنجو ڪم ڪندا آهن. پنهنجي پذيرائيءَ جا بينر کولي ناهن بيهندا. اهڙن ماڻهن کي مانُ نه ڏيڻ پاڻ سان زيادتي ڪرڻ جي برابر آهي. مسعود اُن مان ۽ مرتبي جي لائق آهي. هُن جڏهن حسن درس جي شاعريءَ جو ڪتاب شايع ڪرايو هو تڏهن به مٿس جُهلون ڪيون ويون. پر اُنهن ماڻهن کي ڪير سمجهائي جيڪي حسن درس جي شاعري پاڻ ته ڇپائي نه پئي سگهيا ۽ حسن جي سموري پورهيي تي پاڻي ڦيري رهيا هُئا. پر جيڪڏهن مسعود ڏکين حالتن ۾ به حسن جي پورهيي کي مجموعي جي شڪل ۾ آندو. تڏهن به کيس مهڻا سَهڻا پيا. پر هي پِرهه جهڙو پيارو، صبح جي سَرڪش هوائن جهڙو ماڻهو، ڪڏهن به مايوسيءَ جي ڪُفر ۾ مُبتلا نه ٿيو. ڇو ته کيس خبر آهي ته هن سماج ۾ هر پُٺيءَ پويان ڪو بُروٽس بيٺل آهي. سرمد جو فارسي شعر آهي ته:“شور ٿيو ۽ مون عدم جي خُواب مان اک کولي، ڏٺم ته اڃان فِتني جي رات باقي هُئي ۽ وري سُمهي پيس!” سو جيستائين به فتني جي رات رهندي، اسان پنهنجون اکيون سرمدي سُنت ۾ پُوريل رکنداسين. پر اياز چواڻي ته: “سنڌ فقط جوئر جو ڍوڍو ئي ناهي. پر شاهه جو رسالو به آهي.”مسعود سمجهي ٿو ته اُهي هُن جا دوست ٿي ئي نٿا سگهن. جيڪي سنڌ کي فقط “جوئر جو ڍوڍو” ئي سمجهن ٿا. هُو سمجهي ٿو ته هُن جا دوست فقط اُهي ئي ٿي سگهن ٿا. جيڪي سنڌ کي “شاهه جو رسالو” به سمجهن. ڪاش! دوستن کي مسعود جي محنت سان ٺهيل ادارا به نظر اچن. عرب شاعر اُمراءُ القيس جو هڪ شعر آهي ته: “اوهه! ڊگهي رات! صبح ايندو، پر اُن جي روشني مُنهنجي مُحبت کان سواءِ هوندي.” مسعود لوهار جي محنتن جي ٻاريل روشني ننگر پارڪر کان ڪمون شهيد تائين پکڙيل آهي. ڪاش! اُنهن اکين کي اُها روشني نظر اچي جيڪي اونداهين جون هيراڪ آهن.