شاعري

نِما شام

”نما شام“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب محترمه تانيا ٿيٻو جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. مسرور لکي ٿو: ”تانيا جي شاعري پڙھندي مون کي اھو محسوس ٿيو ته ھيءَ شاعري ديوانگي نه پر دانشمندي آھي. توڙي جو عشق ۽ شاعري لاءِ ديوانگي وڌيڪ سازگار ھوندي آھي پر تانيا جي شاعريءَ جي خوبي اھا سوچ ۽ دانش آھي جيڪا ھن جي پنھنجي آھي. ھن خاموشيءَ سان مختلف ماڻھن جو مشاھدو ڪيو آھي ۽ انھن کي پنھنجي نظمن ۾ جيئن جو تيئن پيش ڪيو اٿائين.“
  • 4.5/5.0
  • 11201
  • 951
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • تانيا ٿيٻو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نِما شام

جيون جي ھن رستي ۾ !

[i]اي ھوا تون ته ڪا چري آھين
جن تي ھڪ پل ھلڻ سان دم نڪري
تن ئي راھن ۾ٿي گھُلڻ چاھين
(اي ھوا)[/i]

اُھا ٻارڙي مون کي اڄ به ياد آھي، جيڪا پنھنجي ماءُ ۽ ننڍي ڀيڻ سان، ڄامشوري ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ جي گھر ۾ رھندي ھئي. ھُن جي ماءُ ڪھاڻيڪار ھئي ۽ جڏھن به سندن گھر وڃڻ ٿيندو ھو، تڏھن اسان جون ڳالھيون ڦري گھري ادب تي اچي وينديون ھيون. اُھي ٻارڙيون، ھوءَ ۽ سندس ڀيڻ، اُھي ڳالھيون ٻڌنديون رھنديون ھيون. اڳتي ھلي سندس ڀيڻ به انھن ڳالھين ۾ شامل ٿي ويندي ھُئي، مون کي لڳو ته اُن جو لھجو تنقيدي وڌيڪ ھوندو ھو، جنھن ۾ تلخي ھوندي ھئي! اِھي تنقيد جا جيوڙا کيس شايد پيُ کان مليا ھئا.
اُن ٻارڙي جو نالو “تانيا” آھي. سندس ماءُ جو نالو نسيم ٿيٻو ۽ ڀيڻ جو نالو انيتا. نسيم اڪيلي سر ٻنھي - انيتا ۽ تانيا – کي پاليو، پڙھايو ۽ وڏو ڪيو. نسيم ۽ انيتا ھاڻي ھن دنيا ۾ ناھن! (پر اسان جي دل جي دنيا ۾ آھن).
مون کي ياد آھي ته ھڪڙي ڏينھن سحر ۽ مان سندن گھر ويٺا ھئاسين ته تانيا ھڪ ڪاپي کڻي آئي ۽ اچي مون کي ڏنائين. ڪاپيءَ ۾ سندس شاعري لکيل ھئي. ھُن چاھيو ٿي ته مان اُھان پڙھان ۽ راءِ ڏيان. سچ پڇ ته مان سندس شاعريءَ ۾ گم ٿي ويس. پڙھي، ڪاپي کيس موٽايم ۽ “مھراڻ” لاءِ ھُن کان سندس شاعري گھريم. نسيم، ھُن کان ڪاپي وٺي پاڻ وٽ رکي ۽ ھُن کي شاعري ڏيڻ کان جھلي ڇڏيو! اُھا ھڪ اچرج جوڳي صورتحال ھئي! مون لاءِ، تانيا لاءِ ۽ خود نسيم لاءِ به! ھوءُ پاڻ جن ڏکين حالتن مان اُکِتي ھئي، شايد تن کان ھُن تانيا کي بچائڻ ٿي چاھيو! ۽ پنھنجي ڪوڙي ۾ لڪائي ٿي رکڻ چاھيو!
انڪري سڀني جي انھيءَ زندگيءَ جي حصي ۾ مٺاڻ گھٽ، ڪوڙاڻ وڌيڪ آھي، جنھن جو چٽ تانيا جي سِٽن ۾ ھيئن چٽيو ويو آھي؛
درد ھُيو حاوي ھر شئيءِ تي
ڄڻ ته حياتي
ماکيءَ مَک جو ڏنگ ھجي!

ان ڏَس ۾ “بابا رانديڪا نه کپن” نظم جو مثال ڏئي سگھجي ٿو.
تانيا جا جذبا، احساس ڪومل، نرمل ۽ اڇھيا آھن، انھن جذبن ۽ احساسن کي ھن ڏاڍي سَرلتا ۽ سھجتا سان اظھاريو آھي.
شاعري وھندي پاڻيءَ جيان پنھنجو گس پاڻ ٺاھيندي آھي ۽ ھر ھٿرادو روڪ رنڊ کي ٽوڙي ڇڏيندي آھي. شاعري جو ذھن ڪنھن به وھم ۽ وسوسي کان آجو ھئڻ کپي.
تانيا جو آواز ڄڻ ڏُور کان ويجھو ۽ ويجھو کان ٿيندڙ آواز آھي! جيڪو اسان کي ٻڌڻو پوندو؛ ڇا ڪاڻ ته اھو آواز اسان لاءِ آھي!
ھر شعر دل جي خوف ۾
ٻوڙي لکيو ھيوسين
ڪنن ۾ وجھي ڪپھ ھُو
ٻڌندو رھيو اسان کي!
(سِرَ جو قسم کڻي)

انھن سٽن ۾ “ھُو” ۽ “اسان” جي لغتي ۽ اصطلاحي منعى کان اڳتي جي معنى آھي، ذات ۽ اجتماع کان به اڳتي جي معنى، زمان ۽ مڪان سان جُڙيل به، ته اُن کان مُڪت به. دل جي خوف ۾ ٻُڏي/ (اُپڙي!) اھو شعر “ڪلهه” لکيو ويو، “اڄ” ان کي پڙھي ۽ ان تي لکي رھيا آھيون، ۽ سڀاڻي؟! ڇا سڀاڻي به ائين ئي ڪنن ۾ ڪپھه، پيل ھوندو!؟ ۽ شاعر کي ٻڌڻ جو ڍونگ ٿيندو رھندو؟!
مٿي تانيا جي شروعاتي شاعريءَ جي ڳالھ ڪئي اٿم، جڏھن ماڻس (نسيم ٿيٻو) اُن کي ڇپڻ کان منع ڪئي ھئي، پر اڳتي ھلي، مون ئي تانيا جون تخليقون- شاعري توڙي ڪھاڻيون- ٽي ماھي “مھراڻ” ۾ ڇپيون. اُن کان پوءِ، وقت جي وِيرَ، ڪنھن کي ڪٿي وڃي اُڇلايو؟ ڪَل ئي نه پئي! پر جڏھن به، ڪٿي به، ھوءَ ملي يا ھُن جو ذڪر نڪتو، تڏھن سندس لکڻ بابت ضرور پُڇندو رھيس. اڄ جڏھن سندس پھرين مجموعي “نِما شام” جو ڪمپوز ٿيل، ڪجھ ھٿ سان لکيل اسڪرپٽ ڏٺم، پڙھيم ته اھا خوشي ٿي ته ھُن لکڻ ۽ لکڻ ھُن کي نه ڇڏيو آھي. اھو ھُن جو ۽ اسان جو سڀاڳ آھي ته ھُن جون تحريرون پھرين ڇپجي ۽ پڙھجي چُڪيون آھن. تانيا بنا ڪنھن مک چک جي ڳالھ ڪري ٿي سادي سودي پيرائي ۾ اندر اوري ٿي. پر ھن جي سادگيءَ ۾ ھڪ سگھڙ جي، خاص ڪري موجوده دور جي سگھڙ جي سادگيءَ ۾ فرق آھي، بلڪل ائين جيئن لطيف جي عواميت ۽ اسان جي دور جي ڪنھن شاعر جي عواميت ۾ فرق آھي. تانيا وٽ روڄ پٽڪو به ناھي، سکڻي نعريبازيءَ وسيلي شھرت ماڻڻ جو ھنر/ چالاڪي وٽس نه آھي. شاعريءَ ۾ سادگيءَ مان مُراد سادن سُودن لفظن ۾ ڳوڙھي ڳالھ ڪرڻ آھي. تانيا، جيتري ڳالھ آھي، اوترن ئي لفظن ۾ ادا ڪرڻ ۾ سڦل آھي، ڏات ھڪ ئي وقت اوچائين، وسعتن ۽ گھرائين کي ڇھڻ جو آرٽ آھي:

ڇو اڄ ھردو ھرکيو آھي؟
ڏور اُفق ڏانھن اُڏرڻ لاءِ،
من جو پنڇي سنڀريو آھي!
(من- پنڇي)

“تون اھو سج آھين” ھڪ اھم رچنا آھي. سج کي مخاطب ٿي چيل آھي اھا رچنا. سج جيڪو روشنيءَ ۽ حرارت جو ذريعو آھي، جيڪي زندگيءَ لاءِ لازمي آھن، زندگي جيڪا ڌرتيءَ جي گولي تي آھي. ھاڻي جڏھن اھي سج لھڻ وارا آھين، ڪنھن ٻِي ڌرتيءَ تي اُڀرڻ لاءِ! تڏھن توکان ھيءَ ڌرتي وسري وئي آھي:
تون مست مگن آھين
پراون آسمانن تان
پراين ڌرتين تي اُڀرڻ لاءِ!
ان رچنا ۾ ڇھن آسمانن (پراون) جو ذڪر آھي، ستون آسمان، اسان جي پتيءَ جو آسمان ۽اسان جي ڌرتي ڪٿي آھي؟ جڏھن ته سج ته اُڀريو ھو پنھنجي ڌرتي لاءِ، پنھنجي پتيءَ جي آسمان تان!
پر اُن جي آڏو راڪشش ڪارا ڪڪر اچي ويا! جيتوڻيڪ اھا منھنجي سوچ آھي، پر اھا سوچ ان رچنا “تون اھو سج آھين!” ڏني آھي، شاعريءَ جي ڪاميابي اھا به آھي ته اُھا جتي ختم ٿئي ٿي، اُتان ئي اُھا شروع به ٿئي ٿي ۽ ائين تڏھن ئي ممڪن آھي، جڏھن اُھو شعر، نظم يا رچنا پڙھندڙ ۾ ھڪ سوچ اُڀاري.
تانيا جي ھيئتي تجربن کي پابند، نيم پابند، آزاد ۽ نثري شاعريءَ ۾ ورھائي سگھجي ٿو:
تنھنجي ياد جا مخمل
جسم کي ويڙھيندا ويا
(سج لٿي سوچن جا)

اھي ھئيتي تجربا ٿي ويندا آھن. ڇپجڻ کان اڳي(توڙي پوءِ به) انھن ۾ لفظن جي، سٽاءُ جي ڦير گھير ٿيندي رھندي آھي. ڪجھ لفظن/سٽن جو ڪٽجڻ يا واڌارو سڀاويڪ آھي.“پنک پکيڙي اُڏريو پنڇي” ڪمپوز ٿيل نظم چئن سٽن جو آھي:
پنک پکيڙي اُڏريو پنڇي
ھردي کي ھِرکائي ويو
بس خاموشيءَ جي ٻوليءَ ۾
ڇاڇا ڪو سمجھائي ويو

پر ان صفحي تي صفا مٿي ھي ٻه سِٽون ھٿ سان لکيل آھن:
سارنگ اھڙو سُر ڇيڙيو جو
روح سندم ريجھائي ويو

اھي ٻه سٽون، ظاھر آھي ته پوءِ لکيون ويون آھن ۽ پد سُريليون سِٽون آھن. ھاڻي اھي اِن نظم ۾ ڪٿي اينديون؟ جيئن سِٽ ۾ ھر لفظ جو پنھنجو پد آھي، تيئن ھر سِٽ جو به پنھنجو پد آھي ۽ ھر نظم ۽ رچنا جو به. ان ريت ھر شاعر ۽ شاعريءَ جو به پنھنجو پد آھي ۽ منھنجي راءِ ۾ تانيا ۽ سندس شاعريءَ جو به شعري اتھاس ۾ ھڪ پد آھي ۽ اُھو سجوڳو پدئي آھي:
چنڊ چمڪيو ھو رات ڀي شايد،
پر تنھنجي ياد ۾ ويو وسري.
وقت گذرڻ ڏکيو ھيو ڏاڍو،
پر تنھنجي ياد ۾ ويو گذري.
(چنڊ چمڪيو ھو)
شاعريءَ ۾ ھر صنف جون پنھنجون گھرجون آھن، انھن جو پورائو لازمي آھي. تانيا جو، شاعريءَ جو ڪمپوز ٿيل مواد جڏھن پڙھي ورتم تڏھن اھو ڏسي اچرج ٿيم ته ھُن رائج گھاڙيٽن/صنفن-گيت، بيت، وائي، ڪافي، غزل- بدران نون گھاڙيٽن جي چونڊ ڪئي آھي ۽ اُھا شعوري نه، پر لاشعوري طور ٿي وئي آھي. اڄ جڏھن گھڻي ڪاھ غزل لکڻ تي آھي ۽ ائين گھڻو ڪري سھل پسنديءَ/ فيشن طور ٿي رھو آھي. (ٻين صفن سان به ساڳي ڪار آھي!) تڏھن تانيا جي شاعريءَ ۾ غزل يا ٻين رائج صنفن جي نه ھئڻ جو جيڪو ڪارڻ مونکي سُجھي ٿو ته خيال جنھن ھيئتي روپ ۾ آيو آھي، ان ۾ ئي لکيو ويو آھي. جيتوڻيڪ ان ۾ سُر توڙي عروض تي شاعري آھي، مثلاً
“چنڊ چمڪيو ھو” کي اسين قطو سڏي سگھون ٿا، پر تانيا انھي کي نظم طور تي ورتايو آھي، يا جيئن “جيئڻ جنجال” آھي، جنھن ۾ مطلع ۽ ٻه شعر آھن ۽ عروض تي آھن، مقفى ۽ مردف به آھن:
جيئڻ جنجال سمجھي مون ڇڏيو ھو
ڪئين نه مان پويان ڏسان ھان تو سڏيو ھو
دل ڪڏھن ڪنھن کي به پرچائڻ نه چاھيو
ڪيئن نه مان ڳوڙھا اُگھان ھا تو رُنو ھو
درد ڪو دل سان ڪڏھن وٺبو نه آھي
ڪيئن نه مان مُرڪي وٺان ھان تو ڏنو ھو
پر تانيا ان کي غزل سمجھي نه لکيو آھي شايد! ان ريت ھنءَ سنڌي شاعريءَ کي نت نوان گھاڙيٽا ڏنا آھن. ھُن وٽ موضوع / خيال جي اھميت آھي، جيڪو پاڻ ساڻ فارميٽ به کڻي آيو آھي، جيڪو پابند، آزاد يا نثري ٿي سگھي ٿو. انھن سِٽن ۾ سَڏ، ڳوڙھا، درد – جنجال جيئڻ کي جيئڻ جوڳو بنائين ٿا، ان ڪري به ته اھو سڏ ھُن جو آھي، اھي ڳوڙھا ھُن جا آھن، اھو درد ھُن جو ڏنل آھي، جيڪو مُرڪي وٺبو آھي:
رات چمڪي ھئي ھڪ پل
ڏِئي کان ساٿ وٺي

اھي نظم “وقت جي وِيرَ اُٿي” جون آخري سٽون آھن. وقت جي وِيرَ لاءِ ڪنھن کي ڪٿي وڃبو سَٽي! ڪنھن کي ڪھڙي ڪَلَ؟ شاعر اَن وقت جي وِيرَ کي واري سگھڻ جي سگھ رکي ٿو ۽ لفظن جي ٻُڪ ۾ نئون پاڻي ڀري ٿو ، پر ھُن جي آڱرين ۾ رھجي ٿي وڃي مِٽي! ڇا جيون جو ارٿ اھو ئي آھي؟ ته پوءِ جيئڻ کي ڪھڙي معنى آھي؟ ڌرم، مذھب، فلسفي ۽ سائنس جا ان ڏس ۾ پنھنجا پنھنجا نظريا آھن. شاعريءَ جا به آھن. شاعري زندگيءَ جي بي معنويت کي معنى عطا ڪري ٿي. ٻاٽ ۾ لفظن جي لاٽ ٻاري ٿي.
سٽن جو سُھائو ڪري ٿي ھاڻي سوال اھو آھي ته اھو سڀ ڪجھ ڪنھن جي لاءِ ڪيو ٿو وڃي؟
ان کان اڳ جو وِڇِڙيِ وڃجي،
گڏجي ديپ جلايون ڪوئي.
دنيا جي ھن شور کان پري،
دل جو ساز وڃايون ڪوئي.
۽ انھن سِٽن ۾ مٿئين سوال جو جواب ھَڪيو آھي¬- گڏجي ديپ جلائڻ، دل جو ساز وڄائڻ_ تانيا ، ھڪ شاعر جي حثيت ۾ پنھنجو اُھوئي بنيادي فرض نڀائي ٿي- ديپ جلائڻ ۽ دل جي ساز وڄائڻ وارو، پر اسان سان گڏجي ۽ “اسان” ؟ اُھي ئي آھيون، جن کي تانيا پنھنجي شعري تجربن ۾ شريڪ ڪيو آھي ۽ مان تانيا کي سندس ئي ھڪ نظم “جيون جي ان رستي ۾” جنھن ۾ اسين ھن سان، ھوءَ اسان سان ساٿ ۾ آھي، ڀيٽ ڪندس.
ڳاءِ اڃان ڪجھ ڳاءِ،
سُرَ جي سُرخ ڏياٽيءَ جي،
اڃان نه لاٽِ وِساءِ.
مَنَ جي اُجري چادر کي،
نيڻن ساڻ وڇاءِ.
[b]
امداد حسيني
ڪراچي سنڌ
26.10.2016[/b]